ورجيس

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ورجيس اهو مروج استعمال جيڪو بيان ۾ ڪنھن جملي جو جزو ٿي ڪتب اچي ۽ ان جي اکري معنىٰ گهربل هجي، تنھن کي ’ورجيس‘ چئبو آهي. “محاوري وانگر ورجيس پڻ اهڙو ايڪو آهي، جيڪو جملي جو جزو ٿي ڪتب ايندو آهي. ٻنھي ۾ فرق اهو آهي تہ محاورو اکري معنىٰ بدران ٻي معنىٰ ڏيندو آهي، پر ورجيس پنھنجي اکري معنىٰ ۾ ئي استعمال ٿيندي آهي[1] ’ورجيس‘ لفظ ”ورج“ مان نڪتل آهي. سنڌي ڊڪشنرين ۾ ورج جون هي معنائون ڏنل آهن. محاورو، عادت، ريت، هلت، رواج، دستور، اصلاح ۽ رهڻي وغيره آهن. محاوري وانگر ورجيس جملي جو حصو آهي، پر اهو گهڻو ڪري لفظي معنيٰ ۾ ڪم ايندو آهي.

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.