وحدت الشهود

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

وحدت الشهود (Wahadat-ul- Shahood) جو باني امام ربّاني مجدد الف ثاني (1564-1624ع) آهي، جيڪو ”همه ازوست“ جو قائل ۽ شارح آهي. ھڪڙا صوفي وحدت الوجودي هوندا آهن ۽ ٻيا وحدت الشهودي. وحدت الوجودين جي نظر ۾ اصل ۾ باري تعاليٰ جي ذات موجود آهي، ۽ ٻيون جيڪي به شيون موجود آهن، ان جا پرتوا آهن. وحدت الوجود ۽ وحدت الشهود ۾ هي فرق آهي ته وحدت الوجود جي لحاظ کان ”سڀڪجهه خدا آهي، ۽ (خدا) سڀ ڪجهه“. جيئن جَرَ جي ڦوٽي ۽ لهر کي پاڻيءَ کان ڌار نه سمجهي، ”پاڻي“ (اصل) جو پرتوو سمجهيو وڃي ٿو. پر وحدت الشهود ۾ اهي ٻئي ڌار آهن. هنن جو چوڻ آهي ته ماڻهو جو پاڇو هرگز ماڻهو ٿي نه ٿو سگهي، ”چه نيست خاک رابا عالم پاڪ“ اهل ظاهر وٽ وحدت الوجود، نامنظور ۽ نامعقول آهي. انهيءَ عقيدي جي صوفين حلاج ۽ سرمد وحدت الوجودي ڳالهه تي قائم رهيا ۽ سر ڏنو. ليڪن پوئين زماني جي صوفين ۽ متصّوف عالمن ان جو نئون تعبير ڪري، ان کي اسلامي رنگ ڏيئي ڇڏيو آهي. مشهور عالم دين شاھ ولي الله (1703-1762ع)، ان نظريي کي ”فلسفي“ جي حيثيت سان بيان ڪري، ”وحد الوجود“ ۽ ”وحدت الشهود“ جي نظرياتي اختلافن کي رفع ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.