واڪا ڪندي ووء صديون تولا سندڙي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

واڪا ڪندي ووء صديون تولا سندڙي

آرٽيڪل

غفارميرجت

آنُ جڏھن به قلم کڻي ڪنهن به قومي شھيد تي لکندو آھيان ته ان شھيد جي سموري جدوجهد اڳيا اچي بيهندي آھي اڄ جڏھن قلم کڻي لکڻ لڳس ته باهمت سرويچ شھيد بشيرخان قريشي جي سنڌ وطن لاء ڪيل سموري جدوجهد سامهون اچي وئي سوچيم ته هن جي وفاداري تي لکان يا نياز نوڙت تي لکان,بهادري تي لکان يا اڻ ٿڪ ڪيل جدوجهد تي لکان , هو ته سدائين ڏاڍ اڳيان سر جهڪائڻ کان سر ڪٽائڻ کي ترجيع ڏيندو هو,بشيرخان گروھ بندي واري سياست تي به يقين نه رکندڙ اڳواڻ ھو, هر اڳواڻ جي جدوجهد جو الڳ طريقيڪار هوندو آھي,هن سنڌ خاطر سر جي قرباني ڏئي پاڻ کي عظيم بڻائي ڇڏيو,

,شھيد بشير خان قريشي سنڌي قوم جو شھيد آھي, هو جديد قوم پرستي جي باني رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي فڪر سان ساھ جي آخري دم تائين سالهاڙيل رهيو, رتوديرو شھر مان اهڙو ستارو ٿي اُڀريو جو سنڌ ڌرتي کي  جدوجهد زريعي روشناس ڪري ڇڏيائين, هو رمتو جوڳي بڻجي سنڌ کي غلامي مان نجات ڏيارڻ لاء رات ڏينهن سڄاڳي مهم ۾ رُڌل رهيو,

جڏھن دوستن ساٿين جي بيوفائي تي ڪو صحافي هن ديس جي ڌنار کان سوال ڪندو هيو ته اهو هي شعر چئي جواب ڏيندو هيو ته

جيها سي تيها مون مارون مڃيا مون جيڏيون ملير ۾ ٿيون چونڊين هڪ ميها منهنجي آس اها ڪڏھن ڪيرائيندي ڪوٽ کي هن اڳيا پنهنجي رهبر سائين جي ايم سيد جي وانگر مقصد اهم هيو!

شايد ڪو سنڌ جو شھر هجي جنهن جي مٽي شھيد جي پيرن کي نه لڳي هجي هو ته ماروئڙن جي اميد هيو, هو دودي جي دليري جو وارث هيو, هو هوشو جي هڪل جو رکوالو هيو, هو سوريھ جي سوڀ جو مالڪ هيو, هو راجا ڏاهر جي لشڪر جو سپھ سالار هيو,هو ته شاھ لطيف, سچل سامي, شھيد شاه عنايت,مخدوم بلاول جي روايتن جو به امين هيو, هن پاڻ کي سنڌ خاطر ذروڙ بڻائي ڇڏيو هو سردي گرمي جو ھيراڪ هيو تڏهن ڀٽائي چيو آ,

تَپِي ڪَندين ڪوهُ؟ ڏُونگَرَ! ڏُکويُنِ کي، تُون جي پَهَڻَ پَٻَ جا، ته لِڱَ مُنهنجا لوهُ، ڪَنهنجو ڪونهي ڏوهُ، اَمُرَ مُون سين اِئن ڪَيو.

هن جي جدوجهد جا اڻ ڳڻيا مثال آھن,جڏھن سنڌ دشمن ڌرين سنڌ کي قبيلائي جهيڙن جي آڙاھ ۾ اُڇليو تڏھن هو وطن جو وارث ڪارڪن سماجي اڳواڻ ۽ نياڻيون , قران پاڪ شاھ جو رسالو ساڻ کڻي جهيڙيندڙ ڌرين وٽ ويندو هيو ۽ خوني تڪرار ختم ڪرڻ جي اپيل ڪندو هيو,

ويئُون پَٻِ پَـئِي، کيرُون کاھوڙِيُن جُون؛ آئُون تن ڏوٿِيُنِ جو، پُڇان پيرُ، پَھِي! رُڃُنِ راتِ رَھِي، ڏُونگَر جَنِين ڏورِيا.

هڪ واقعو ايئن به ٿيو ته جڏھن بشيرخان هڪ ڌر ڏي ميڙ کڻي ويو جن جو هڪ ماڻھو قتل ٿي ويو هو اتي ان قبيلي جي سردار بشير خان کي چيو ته اسان جي اها روايت آھي ته خون جي بدلي سڱي چٽي ڏنو ويندو آھي, بشير خان چيو ته مان اڳلي ڌر کي خون معاف ڪرائڻ جو يقين ڏياري آيو آھيان, پر جي توهان ميڙ کي مان نٿا ڏيو ته پوء مان ٿو توهان کي سڱ چٽي ڏيان هلو منهنجي نياڻي تي هلي لٽو وجهو ان موقعي تي ميڙ آيل سمورن ماڻھن ۾ ماٺار ڇانئجي وئي, اتي قتل ٿي ويل همراه جو والد ويٺو هيو ان اٿي هٿ ٻڌي بشير خان کي چيو وڏا بشير خان تون اسان جي حقن لاء سنڌ جي آزادي اسان جي ننگن دنگن جي تحفظ لاء جدوجد ٿو ڪرين ان ڪري ڇڏ ھن سردار کي هي ته منهنجو هڪ پُٽ قتل ڪيو اٿن اڃان منهنجا ست پُٽ زنده آھن اگر اهي ستن پُٽن کي ماري اچن ته انهن جاخون به معاف اٿن, جيئن سنڌي قوم بشير خان تي ناز ڪندي هئي ايئن بشير خان به قوم تي پيار ڪندو هيو, ان جو مثال اهو آھي ته تمام وڏيون پارٽيون جيڪي سدائين اقتدار ۾ رهيون سمورا پير مير سردار ان پارٽين جو حصو هيا پر انهن لاء سنڌ جي گادي واري شھر ڪراچي ۾ لکين ماڻھو کٺي ڪرڻ مشڪل هيو پر سنڌ جي ارڏي بشير خان قريشي 2012 ۾ 23 مارچ تي ڪراچي ۾ 20 لکن کان مٿي ماڻھو گڏ ڪري دنيا جو ڌيان قوم پرست سياست ڏانهن ڇڪرايو مونکي شھيد بشير خان جا اهي لفظ ياد آھن جڏھن هن کان هڪ صحافي سوال ڪيو هيو ته ڇا ان ماڻھن مان اميد رکو ٿا جيڪي پير مير سردارن جي نظام واري ڄار ۾ ڦاٿل آھن اهي لکن جي تعداد ۾ توهان جي سڏ تي نڪري ايندا بشيرخان چيو ته ٽي ڪروڙ ماڻھن جي ڳلن تي چميون ڏنيون آھن اها پڪ اٿم ته لکين ڌرتي ڌڻي آزادي مارچ ۾ پهچندا ۽ پوء دنيا ڏٺو ته لکين ڌرتي جا وارث آزادي جا ڳاڙھا جهنڊا کڻي پهتا

بشير خان قريشي کي 23 مارچ 2012 تي سنڌ جي دل  ڪراچي ۾ لکين ماڻھون گڏ ڪندي 14 ڏينهن مس ٿيا هوا ته   7 اپريل 2012 تي زهر جو پيالو پيئاري اسان کان هميشه لاء جدا ڪيو ويو  بشير خان قريشي جي شھادت جي خبر سنڌ ۾ باھ جيئان پکڙجي وئي مرد توڙي عورتون اُڇڪارون ڏئي روئندي رانڀانٽ ڪندي روڊن تي نڪري آيا  اسان لاءِ 7 اپريل اڀاڳو ڏينهن آھي هن ڏينهن تي سنڌ بهادر پٽ کان محروم ٿي ڪترن غريبن جي اميدن جو قتل ٿيو . بشير خان جي شادت جي ڪري ڪيترن ئي مظلوم هارين مزدور جي غلامي ۾ زندگي گذارڻ واري ڏينهن ۾ واڌارو ٿيو ڪيترائي قبائيلي جيهڙا ختم ٿيندي رهجي ويا. سنڌ جا اهي شھر روڊ رستا جن ۾ هن سچي ارڏي انسان قدم رکيا اهي شھيد وڏي کي سارين ٿا, بشير خان جي شهادت جي ڪري رڳو قومي تحريڪ جي نقصان نه پر سموري سنڌ جو نقصان ٿيو آھي ۽ اهڙو ته خال پيدا ٿيو آھي جيڪو صدين تائين ڀرجندي نظر نٿو اچي,

ڊاڪٽر مبارڪ علي ڪنهن ڪتاب ۾ لکيو آھي ته جيڪي ماڻھو متحرڪ هوندا آھن اهي پنهنجي عمل سان تبديلي آڻيندا آھن ۽ حالتن جي تناظر ۾ لکيو ويندو آھي ته سمورا وقعا محدود ٿي ڪري انهن جي چوڌاري جمع ٿي ويندا آھن تاريخ جا ٻيا پاسا پسمنظر ۾ هليا ويندا آھن اها به حقيقت آھي ته جڏھن ڪنهن سورمي تي لکبو آھي ته ماڻھن ۾ سورما پرستي جا جذبا پيدا ٿيندا آھن اهي سورمي جي شخصيت ۽ انهي جي ڪردار مان ايتري قدر مدهوش هوندا آھن جو پنهنجي ذات ۽ هستي کي وساري ڇڏيندا آھن ۽ جذبي ۾ اچي پنهنجي ذات ۽ هستي کي وساري, پنهنجون سموريون صحلاحتون پنهنجي سورمي جي حوالي ڪري کيس عظيم بڻائي ڇڏيندا آھن! ايئن ئي شھيد بشير خان قريشي به اسان جو سورمو آھي سنڌي ماڻھو بشير خان جي هوندي به ان سان پيار ڪندا هيا ۽ ان جي شهدادت بعد به بي پناه محبت ڪن ٿا, ان ڪري شھيد جي سالگره هجي يا ورسي پر قومي ڪارڪن ۽ ساڃانھ وند سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان لکن جي تعداد ۾ رتوديرو پهچي پنهنجي عظيم سورمي شھيد بشيرخان کي سلامي پيش ڪندا آھن ظاهري طور بشير خان جسقم جو چيئرمين هيو پر تقريبن ٻين پارٽين جا اڳواڻ توڙي ڪارڪن به بشير خان کي پنهنجو وڏو سمجهندا هيا ان ڪري شھيد جو نالو ئي وڏو پئجي ويو هيو هر ماڻھو هن سان وڏو چئي مخاطب ٿيندو هيو اهڙن امر ڪردارن لاء ڀٽائي چيو آھي ته

ھڻَڻَ، ھَڪـِلَڻُ، ٻيلِي سارَڻُ؛ مانجِھيان اِيُ مَرَ ڪـُ؛ وِجَھنِ تان نه فَرَقُ، رُڪَ وَھندِيءَ راندِ ۾. هن وقت هڪ طرف سنڌ ۾ مذھبي انتهاپسند کي هٿي وٺرائي نفرتن جو ٻج ڇٽو پيو وڃي ٻئي طرف اسان جا وسيلا لٽيا پيا وڃن , هاڻ ضروري ٿي پيو آھي ته قومي جذبي کي اُڀاري قومي سوچ کي مظبوط ڪجي وکريل ۽ الڳ الڳ حصن ۽ ورهايل قوم پرست جماعتن کي هڪ قومي جذبي جي تحت متحد ڪجي ڇو ته

سنڌ کي گڏيل جدوجهد لاڀ ڏئي سگهي