واپرائيندڙ بحث:Saqi Irshad Lorar

Page contents not supported in other languages.
کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سانئِيَمِ! سَدائِين ڪَرِين، مَٿي سِنڌُ سُڪارَ،
دوسَت! مِٺا دِلدارَ، عالَمُ سَڀِ آبادِ ڪَرِين.

سنڌي وڪيپيڊيا ۾ ڀلي ڪري آيا!
اسان سان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ:
، ، ، ۽ ۾ گڏجو.


(ياد رهي تہ هي سنڌي وڪيپيڊيا سٿ جو اَڻ دفتري (اَن اوفيشل) سٿ ۽ واپرائيندڙ جي پنهنجي ڪوشش آهي)

سفارتخانو
بزمِ سنڌي وڪيپيڊيا ۾ ڀلي ڪري آيا Saqi Irshad Lorar

السلام عليڪم! اسان اميد ڪريون ٿا تہ توھان سنڌي وڪيپيڊيا جي لاء بھترين اضافو ثابت ٿيندئو.

  • وڪيپيڊيا ھڪ کليل ڄاڻ چيڪلو آھي جنھن کي اسان سڀ ملي ڪري لکندا ۽ سنواريندا آھيون. وڪيپيڊيا منصوبي جي شروعات جنوري 2001ع ۾ ٿي، جڏھن تہ سنڌي وڪيپيڊيا فيبروري 2006ع ۾ عمل آئي. في الحال ھن وڪيپيڊيا ۾ 17,045 مضمون موجود آھن.
  • ھن چيڪلي (انسائيڪلوپيڊيا) ۾ توھان مضمون نويسي، سنوار ۽ تصحيح کان پھريان ھيٺين صفحن تي ضرور نظر وجھو.
  • صفحن جي ظاھريت جي تبديلي ۽ طریقيڪار جي لاءِ ڏسو ترجيحون.

اصول ۽ قاعدا

توھان جو واپرائيندڙ ۽ بحث صفحو
ھتي توھانجو مخصوص واپرائيندڙ صفحو بہ ھوندو جتي توھان پنھنجو تعارف لکي سگھو ٿا، ۽ توهانجي واپرائيندڙ بحث تي ٻيا رڪنَ توھان سان رابطو ڪري سگھن ٿا ۽ توھان ڏي پيغام موڪلي سگھن ٿا.

  • ڪنھن ٻئي رڪن کي پيغام موڪلڻ وقت ھنن امرن جو خاص خيال رکو:
    • جيڪڏھن ضرورت هجي تہ پيغام کي عنوان ضرور ڏيو.
    • پيغام جي آخر ۾ پنهنجي صحيح ضرور وجھو، ان جي لاءِ هي علامت درج ڪريو--~~~~ يا ھن () بٽڻ تي ٽڙڪ ڪريو.
    • اظھار بحث جي آدابن جو خصوصي خيال رکو.

تعاون

  • وڪيپيڊيا جي ڪنھن بہ صفحي جي سڄي پاسي ڳوليو جو خانو نظر ايندو آھي. جنھن موضوع تي مضمون ٺاھڻ چاھيو تہ ڳوليو جي خاني ۾ لکو، ۽ ڳوليو تي ٽڙڪ ڪريو.
  • توھان جي موضوع سان ملندڙ جلندڙ صفحا نظر ايندا. اھو اطمينان ڪرڻ کان پوء تہ توھان جي گهربل موضوع تي پھريان کان مضمون موجود ناھي، توھان نئون صفحو ٺاھي سگھو ٿا واضع هجي تہ ھڪ موضوع تي ھڪ کان وڌيڪ مضمون ٺاھڻ جي اجازت ناھي. توھان ھيٺ ڏنل خانو بہ استعمال ڪري سگھو ٿا.

  • لکڻ کان پهرئين ھن ڳالھ جو يقين ڪريو تہ جنھن عنوان تي توھان لکي رھيا آھيو ان تي يا ان سان ملندڙ عنوانن تي وڪي ۾ ڪوئي مضمون نہ ھجي. ان جي لاء توھان ڳوليو جي خاني ۾ عنوان ۽ ان جا هم معنيٰ لفظ (اهڙا لفظ جن جي معني هڪ هجي) لکي ڳولا ڪريو.

-- توھان جي مدد جي لاء ھر وقت حاضر، اوهان جو خادم --KaleemBot (ڳالھ) 02:43, 1 فيبروري 2024 ( يو.ٽي.سي)[ورندي ڏيو]

غزل ساقي ارشاد لورڙ اها ڇا خــــود ڪشي ناهين ڀريا هر رات ۾ سڏڪا ڪري  ٿــــــي آتما دانهون ڀري ٿي سانت ۾ سڏڪا[سنواريو]

ماهوار هزارداستان مارچ واري شماري ۾ ڇپيل غزل

ساقي ارشاد لورڙ

                            غزل

اها ڇا خــــود ڪشي ناهين ڀريا هر رات ۾ سڏڪا

ڪري  ٿــــــي آتما دانهون ڀري ٿي سانت ۾ سڏڪا

متي محفل خيالن جـي ڇڙي ڄڻ جنگ سوالن جي

سوالن جــــــــــــي جوابن ۾  ڀريم پرڀات ۾ سڏڪا

هوا جو   ويـــس ڦاڙين ٿا ، هوا جو ماس روڙين ٿا

ڏسي  وحــــشت ، ٿيم باغي ٻڌي محلات ۾ سڏڪا

سُکي هن ڏيھَ ڏاتر جي ، ڏکن جــو ويس ويڙهيو آ

نڪي سهرا خوشيون هتڙي ڀرينِ هر باتِ ۾ سڏڪا

ندورو نيھ اهڙو هو ، خيالن کــــــي منجهايو جنهن

پڪاري پيار پنهنجــــي کي ، ڀريان اڌراتِ ۾ سڏڪا

سنجها جـــي شام ساري ٿي,اچي ڪا تاتِ واري ٿي

لکان پـــــــــــــو ڊائري کولي ، ٻڌي حالات ۾ سڏڪا

مئي خانو نه ”ساقي“ هـــــو سڄو عالم سلاڙيل هو

ٿئي حيرت ،  عــجب  الڪا ،  هيا هر ذات ۾ سڏڪا&#32؛Saqi Irshad Lorar (ڳالھ) 03:08, 1 فيبروري 2024 ( يو.ٽي.سي)[ورندي ڏيو]

ساقي ارشاد لورڙ                                    غزل رُسي   وئي    ننڊ    نيڻن    کان  اٿي  اڌ رات ۾ ساريم ، اکيون   آليون   ڪري   توکي   پرين   پرڀات ۾ ساريم ،[سنواريو]

ساقي ارشاد لورڙ

                                   غزل

رُسي   وئي    ننڊ    نيڻن    کان  اٿي  اڌ رات ۾ ساريم ،

اکيون   آليون   ڪري   توکي   پرين   پرڀات ۾ ساريم ،

سُکن  جي ساٿَ ڪان سِڪندي رهياسي ڏک ڏولاون ۾ ،

نه  تون   آئين  نه       سُک  آيا ،  ڏکي حالات ۾ ساريم ،

ازل  کان   ئي  اڌورو  هئس ، اڌورو اڄُ  به  ساڳيو هان ،

اڪيلو  هان   مگر    ساري   توکي   مڌ   مات ۾ ساريم ،

نه  ڪي آ  چاھَ  چانڊوڪي ، نه ڪي آ روح کي راحت ،

رُڳي   من   سوچ  تنهنجي  آ   فڪر  فڪرات ۾ ساريم ،

اکيون    ۽   ڳل   هي  آلا  هن ، مگر  هي ڏک سلالا هن ،

سڏي  پل  پل    سڄڻ   توکي  هجر جي تاتِ ۾ ساريم ،

ڏِسان ڪونجون   قطارون ٿو ، وڳر ٿي سڀ اُڏن اُڀَ ۾ ،

ڇڏيو  "ساقي" اڪيلو ڇو   ؟ روئي سڪرات ۾ ساريم ،&#32؛Saqi Irshad Lorar (ڳالھ) 03:09, 1 فيبروري 2024 ( يو.ٽي.سي)[ورندي ڏيو]

غزل ساقي ارشاد لورڙ سار لهندڙ لڙڪ اگهندڙ     ڪـــــــيرُ ڪونهي ڪو خدايا حـــــــرس لالچ هت وڌي وئـي خيرُ ڪونهي ڪو خدايا[سنواريو]

ساقي ارشاد لورڙ

سار لهندڙ لڙڪ اگهندڙ     ڪـــــــيرُ ڪونهي ڪو خدايا

حـــــــرس لالچ هت وڌي وئـي خيرُ ڪونهي ڪو خدايا

تن اگهاڙو پيٽ پياســــــــــو ۽ بکيــــــــــو آ سال اڌ کان

بک مٽائڻ لئه کــــــــڻي  جو پيــــــرُ ڪونهي ڪو خدايا

حَـقَ به کسجن ننگ به لٽجن پوءِ به هن خاموش سڀئي

ڏيھ گدڙن سان ڀريل آ ، شــــــــــيرُ ڪونهي ڪو خدايا

نيڪ ناهيان جــــــــــهول , خالي مان گناهن ۾ گتل هان

ها مگر مَنُ  آهــــــي ، اجــــــرو ميرُ ڪونهي ڪو خدايا

آس پـــــــــوري ڪر اسانجي ، دور ڪــــــر ڏکڙا سمورا

تو اڳيان هي  ڍير ڏک جو ڍيـــــــــرُ ڪونهي ڪو خدايا

ڪر ڪا واهـــــــــر  مان ٻڏان  ٿو  پاپ دَلِ دَلِ ۾ رُڳوئي

ڪر  نظر   پــنهنجي   ڪنارو   گهيرُ ڪونهي ڪو خدايا

هـــــن وساريو ساڻ آهـــي ساھ وانگـــــــر پيار هن جو

پاڻ ”ساقي“ ! پيار جا هـــــــون ويرُ ڪونهي ڪو خدايا&#32؛Saqi Irshad Lorar (ڳالھ) 03:10, 1 فيبروري 2024 ( يو.ٽي.سي)[ورندي ڏيو]

ساقي(ساقي ارشاد لورڙ) ۽ سونهن سلامت هجن مهر فقير[سنواريو]

ساقي ۽ سونهن سلامت هجن

مهر فقير

     ڪافي عرصي کان آس هئم ته هلي ڪري ملي اچانس پر ڪراچي جهڙي شهر ۾ پيٽ پوڄا جون مصروفيتون ڪنهن سان ملڻ ڪٿي ٿيون ڏين , سج اڀرڻ کان پهرين نوڪري جي پويان ته وري سج لهڻ بعد گهر واپسي , استاد بخاري جي شعر وانگيان ته نه ڪم نبريو نه غم نبريو پر پوء به لطيف سرڪار جي بيت تتي ٿڌي ڪاه تحت جاکوڙ جاري آهي نيٺ نه مسافرن کي منزل به ملندي .

ٽٽندو ٿو رهان پوء به ڦٽندو ٿو رهان

پنهن جي منزل طرف وڌندو ٿو رهان

نه مڃي نه مڃبي ڏاڍ آڏو آڻ اي فقير

ها پر حسن آڏو مهر جهڪندو ٿو رهان

     ساقي ارشاد لورڙ ادب جي دنيا ۾ نهايت ئي سيبتو ۽ سلڇڻو شاعر آهي پر لکندو گهٽ آهي ڇو ته اول پيٽ جي پورت ڪجي پوء ادب کي اهميت ڏجي وارو زمانو پيو هلي باقي جيڪي ادب کي فل ٽائيم پيا ڏين اهي اسان وانگر هيٺين يا مڊل ڪلاس وارا نه پر هاء ۽ اپر ڪلاس وارا آهن يا جن جي پٺ پختي آهي ڇو ته اسان جهڙا جيڪڏهن لاهي پاهي ادب جو گس اختيار ٿا ڪريون ته پوء گهر ۾ ٻچڙا مانيء ڳڀي لاء ڪيهون ۽ ڪيڪاٽ ٿا ڪن سو آخر ڪجي ته ڇا ڪجي , وڃجي ته ڪاڏي وڃجي .

     ساقي ارشاد لورڙ سان هونئن ته فيس بوڪ تي عليڪ سليڪ هئي پر سا به گهٽ ڇو ته نوڪري ڪجي يا فيس بوڪ هلائجي جيئن ڪنهن شاعر چيو آهي ته هئي نوڪري جو پياري تو ڦر ياري ڇوڙ دي سو ٻه واٽي تي بيٺل انسان ڪهڙي راه اختيار ڪري اهو سوال ڏاڍو ڏکيرڙو آهي .

     اڄ آچر 12.02.2023 تي موڪل هئي سو ساقيء سان رابطو ڪيم چيائين ته اڄ فرصت آهي سو اچو ته استقبال ٿيندو ۽ وفا غلام عباس خاصخيلي ۽ مبين اڄڻ جو مرتب ڪيل ادبي ڪتاب گيڙو رنگ شاعري ( مختلف شاعرن جي شاعري ) جنهن ۾ ساقي ارشاد جي شاعري خاص ڪري غزل شامل آهن اهو ڪتاب کيس نه مليو هو سو به ڏئي اچان ته وري ان بهاني ملاقات به ٿي پوندي .

     صبوح ڏهين بجي چڪرا ڳوٺ کان نڪري ڪورنگي , لانڍي , قائد آباد کان ٿيندو ملير جيل کان پهريان جوڳي موڙ جي ويجهو مين نيشنل هاء وي تي روڊ جي ڀر ۾ انور عباسي هوٽل تي پهچي کيس ڪال ڪيم ته اچي ڳراٽڙي پائي مليو سچ ته ڄڻ صدين جي سڪ هجي جيڪا الله پاڪ پوري ڪئي سو اتي هوٽل تي ويهي زماني جون ڳالهيون به ٿيون ته مٺي ۽ ڦڪي چانهن جو هن مهانگي دور ۾ فل ڪپ به نصيب ٿيو ته وري کيس هيٺيان ڪتاب به ڏنم

01 ) گيڙو رنگ شاعري

مرتب وفا غلام عباس خاصخيلي ۽ مبين اڄڻ

سال جون 2022ع

02 ) نظمن جا نيڻ

مرتب مشتاق بخاري ۽ مبين اڄڻ

سال آڪٽوبر 2022ع

03 ) ڪوتائن ڪر موڙيا

مرتب حبيب متو

سال 2021ع

چيائين اوهان جي ڪتاب جو ڇا ٿيو

چيومانس ته جي پيٽ جي آويء ۾ ڪاٺيون نه وجهبيون ته پيٽ خودڪشي ڪري ڇڏيندو ۽ خودڪشي حرام آهي سو ٻارن کي ماني گهرجي , ادبي ڪتابن سان بک مري ها ته هوند اولاد کي شاعري جي مختلف صنفن سان ڍوء ڪرائي ڇڏيان ها پر افسوس جو ادب سان اڃ ۽ بک ختم نٿي ٿي سگهي .

     اهڙي طرح ڪجھ وقت ڪچهري بعد موڪلائڻ جي ڪيم ڇو ته ڊاڪٽر کان ٽائيم ورتل هيو ان ڪري جو جڏهن کان شگر جو پيشنٽ ٿيو آهيان تڏهن کان پابندي سان علاج جاري رکيو اچان ٿو چوندا آهن ته تندرستي هزار نعمتن جي برابر آهي , صحت ناهي ته ڪجھ به ناهي , بيٺي جو سڀڪو ڪري جو ڪير به ناهي , دنيا گڏجي ٽهڪ ته ڏي ٿي پر روئڻ تي هرڪو رستا الڳ ٿو ڪري ڇڏي ايتري قدر جو اولاد به بيزار ٿيو پوي سو الله سڀ کي پنهنجي پباه ۾ رکي , ايئن اچي گهر ڀيڙو ٿيڙس پر دل ٿي چوي ته گيڙو رنگ شاعري منجهان ارشاد جي شاعري اوهان جي نظر ڪجي ته بهتر ٿيندو .

ستارن ٿي سمجهي ستارن جي ٻولي

اسان ڪين سمجهي اشارن جي ٻولي

اڪيلي گذاري سيارا ڇڏياسي

اسان ڪين سمجهي سهارن جي ٻولي

ويا چيٽ ساڙي بهارون بره ۾

اسان ڪين سمجهي بهارن جي ٻولي

نه الفت نه چاهت نڪي ساٿ ساٿي

اسين ڪيئن ڄاڻو بهارن جي ٻولي

رسيا ڪين ساقي ڪڪر پيار جا هت

رهياسين اڃارا اڃارن جي ٻولي

     اميد ته هن غزل سميت مختصر ۽ ڪچي ڦڪي لکت ۽ ساقي سان ٿيل ڳالھ ٻولھ پسند آئي هوندي .

الله واهي ٻيڙا پار

مهر فقير&#32؛Saqi Irshad Lorar (ڳالھ) 03:13, 1 فيبروري 2024 ( يو.ٽي.سي)[ورندي ڏيو]

ساقي ارشاد لورڙ نظم اڙي او زندگي جانا. اوهانجي ياد ايندي ئي.[سنواريو]

ساقي ارشاد لورڙ

نظم

اڙي او زندگي جانا.

اوهانجي ياد ايندي ئي.

اسانجي ننڊ ويندي آ،

کڻي هؤَ چاھ جي معنيٰ-؛

اڙانگي راھَ جي معنيٰ---؛

ڏئي ٿي ماٺ کي معنيٰ!

مگرجيءَ کي رنجاجي ٿي،

سوين سپنا سجائي ٿي ،

ڏئي ڄڻ سانت کي تائي،

اکين ۾ جوت ٻاري ٿي ،

اونڌاري رات ۾ جانا،

پسائي عڪس ٿي تنهنجا،

وهائي لڙڪ ٿي منهنجا ..

رنجائي روح روڳيءَ کي،

دَري اهڙي خيالن جي ،

کلي “ساقي“ جو ڇا چئجي،

رڳو تنهنجو ئي چهرو آ.،

اَچي تنهنجي وفا سامنهن،

کٽالمحا مٺا لمحا ......!!

اکين آڏو ڦِرن پيا ٿا ،

اهي پل يار دؤري کي،

مٽائن ٿا،ڀلائن ٿا،

وري توڏي ورائن ٿا،

اچي توسان ملائن ٿا،

اڙي اوزندگي جانا ،

اوهانجي ياد ايندي ئي،--؟&#32؛Saqi Irshad Lorar (ڳالھ) 03:13, 1 فيبروري 2024 ( يو.ٽي.سي)[ورندي ڏيو]