واپرائيندڙ بحث:وحيد مستوئي
ڀلي ڪري آيا
[سنواريو]سنڌي وڪيپيڊيا تي ڀلي ڪري آيا.
(?_?)
السلام عليڪم! اسان اميد ڪريون ٿا تہ توھان سنڌي وڪيپيڊيا جي لاء بھترين اضافو ثابت ٿيندؤ۔
ھتي توھانجو مخصوص صفحۂ يوزر بہ ھوندو جتي توھان پنھنجو تعارف لکي سگھو ٿا، اور آپ کے يوزر بحث تي ٻيا رڪنَ توھان سان رابطو ڪري سگھن ٿا ۽ توھانکي پيغام ارسال ڪري سگھن ٿا۔
وڪيپيڊيا جي ڪنھن بہ صفحي جي سڄي پاسي ڳوليو جو خانو نظر ايندو آھي۔ جنھن موضوع تي مضمون ٺاھڻ چاھيو تہ ڳوليو جي خاني ۾ لکو، ۽ ڳوليو تي ڪلڪ ڪريو۔ توھان جي موضوع سان ملندڙ جلندڙ صفحا نظر ايندا۔ ھي اطمينان ڪرڻ کان پوء تہ توھانجي مطلوبہ موضوع تي پھريان کان مضمون موجود ناھي، توھان نئون صفحو ٺاھي سگھو ٿا۔ واضح هجي تہ ھڪ موضوع تي ھڪ کان وڌيڪ مضمون ٺاھڻ جي اجازت ناھي۔ توھان ھيٺ ڏنل خانو بہ استعمال ڪري سگھو ٿا۔
|
-- توھان مدد جيلاء ھر وقت حاضر
--—محمد مجیب— 03:05, 23 فيبروري 2015 (UTC)
محبت جو عالمي ڏينهن
[سنواريو]محبت جي عالمي ڏينهن جون سڀني سنڌ واسين کي واڌايون هجن. وحيد رزاق مستوئي/ مورو Moronews288@gmail.com ”دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ سنڌين کي پنهنجي سنڌ ڌرتي، پنهنجي سنڌي ٻولي، سنڌ جي ثقافت سان پيار جو اظهار هڪ نمايان انداز ۾ ڪرڻ گهرجي، اڄ جو ڏهاڙو سنڌي ٽوپي اجرڪ ڏهاڙي جيان ملهائي پنهنجي ڌرتي، ٻولي ۽ ثقافت سان پيار جو اظهار ڪرڻ گهرجي“.
- - جڏهن ته هڪ ڀلوڙ راڳي سنڌ جي دل واري شهر مورو ۾ رهندڙ عزيز سابقي جي آواز ۾ ٻڌم ته محبت آ وکر اهڙو سودائيندي ڪمائيندي هيئين سان جي محبت کي هڊائيندين ڪمائيندي. هڪ محبوبه پنهنجي محبوب کان پڇيو ته تون مون سان ڪيتري محبت ڪندو آهين؟ ان جي جواب ۾ هن چيو ته دنيا ۾ اهڙو ڪوبه سائنسدان ڪونهي جنهن اهڙو ڪو اوزار ايجاد ڪيو هجي جنهن سان محبت جي ماپ ڪري سگهجي ته ڪير ڪنهن سان ڪيتري محبت ٿو ڪري.......؟ پر ها هو ان کي مختلف طريقن سان بيان ڪري ضرور ٻڌائيندو آهي ته منهنجي تون سان ايتري محبت آهي، جيترا آسمان ۾ تارا، جيتري سمنڊ ۾ واري، يا ڪي ته وري خودڪشي ڪري پنهنجي زندگي کي ختم ڪري پنهنجي محبت کي ظاهر ڪندا آهن. محبت جيڪا ازل کان آهي ۽ ابد تائين رهندي نه اها محبت ڪنهن جي دَڙڪي ۽ دَهمان ۾ نه ڪڏهن آئي، ۽ نه وري هاڻي ايندي ۽ ان ئي احساس ڏيارڻ جو انوکي انداز ۾ هڪ خوبصورت طريقي سان پيار جو پيغام پهچائڻ ۽ جشن ملهائڻ جو ڏينهن ”ويلنٽائن ڊي“ سسئي پنهون، هير رانجهو، ۽ ليليٰ مجنون جهڙن سپرين جي اکين ۾ نهاري کين گلاب جو گل ڏئي پنهنجي پيار جو اقرار ڪرڻ وارو ڏينهن، پر ڇا صدين پراڻي محبت جو جهڙي طرح اظهار ڪيو ويندو هو، يا صدين پراڻي اها محبت جي مٺاس، اها سچي چاهت، اڄ هن دور جي ”ويلنٽائن ڊي“ جهڙن ڏينهن ۾ ڇو نظر ڪونه ٿي اچي؟ هن نفسا نفسيءَ واري دور ۾ محبت ختم ٿيندي پئي وڃي انسان جون دليون ڄڻ پٿر جون ٿي ويون هجن ۽ جيڪڏهن هن نفرت جي ٻرندڙ باهه ۾ ڪو محبت ڪرڻ جي غلطي به ڪري ٿو ته پوءِ هي پوري دنيا يا ته انهيءَ کي حاصل ڪرڻ لاءِ هر حد پار ڪندي، يا ته وري سڄي دنيا انهيءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ بي چين آهي. هڪ طرف دنيا ۾ اهي ماڻهو آهن جيڪي اهڙي دنيا جي تخليق ۾ رڌل آهن جتي محبت ڪرڻ گناهه نه آهي ۽ جتي سمنڊ جي ڪناري تي هلندڙ ڪنهن جوڙي کي عجب جي نِگاهُن سان نه ٿو ڏٺو وڃي، جتي هڪ پارڪ جي بينچ تي ويٺل جوڙي کان سندن رشتن جي پڇا نه ٿي ڪئي وڃي، ۽ جتي ڇوڪريون پنهنجي محبوبن کي ڀاءُ چئي متعارف ڪرائڻ واري اذيت نٿيون ڀوڳين ۽ ٻيا وري انهيءَ دنيا کي برقرار رکڻ لاءِ وڙهي رهيا آهن، جتي پيار ڪرڻ ڏوهه آهي ۽ جواني هڪ جرم، خواب ڏسڻ گناهه آهن. جتي محبت کي غيرتمنديءَ جي بارگاهه ۾ قربان ڪيو ويندو آهي جتي محبت قبائلي سردارن جي اجازت سان ڪبي آهي. بس دنيا اهڙن ٻن قسمن جي ماڻهن ۾ ورهايل آهي ۽ اتي ئي پيار جي وصف سان دنيا جي ماڻهن جي سڃاڻپ ٿئي ٿي. اتي اهو چوڻ ۾ به هٻڪ ڪا نه ٿيندي ته اڄڪلهه جتي نفرتن جي باهه ٻري رهي آهي اتي وري محبت وارا ويلنٽائن ڊي جهڙا ڏينهڙا ملهائڻ به هڪ زندهه دلي آهي. جنهن ڏينهن سڄي دنيا کي گلن سان سجايو ٿو وڃي ته اتي ئي نفرتن جي وار سان انهن گلن جي خوشبو کي ئي ختم ڪيو ٿو وڃي. گهڻن ئي ماڻهن سان گڏ منهنجو به اهو ئي سوال آهي ته پيار کي ملهائڻ لاءِ هڪ ڏينهن ئي ڇو؟. ڇا هر ڏينهن پيار ۽ محبت جو ڏينهن نٿو ٿي سگهي؟ . اهو شايد انهيءَ ڪري جو سال جا باقي ڏينهن نفرتن جا ڏينهن ٿي پيا آهن. هر روز ڪو خودڪش بمبار ڌماڪي ۾سوين ماڻهو ماري ٿو، ته ڪو ميزائل ڪيرائي ڪيتريون ئي آباديون اجاڙي ٿو، ڪٿي هر روز قبائلي جهيڙن، قومي تڪرارن، مذهبي فسادن، نظرياتي جنگين، ذاتي دشمنين ۽ سماجي تڪرارن ۾ رڳو نفرتون ئي جنم وٺن ٿيون. هر روز فضا ۾ بارود جي بوءِ اچي ٿي، ڪو به اهڙو ڏينهن هاڻ نه بچيو آهي جو سماج ۾ گلن جي ڪا مهڪار ٿئي ۽ خوشيون ورهائجن، پر افسوس هر روز سڏڪن سان آسمان لرزي ٿو، ڪو هڪ ڏينهن ته ٽهڪن سان گونجڻ کپي، هر روز موت جو راڪاس ڦيرا پيو ٿو ڏئي، ڪو هڪڙو ڏينهن ته زندگيءَ جي خوشين ملهائڻ جو هجي. اهڙي خوفناڪ دور ۾ هاڻي محبت به وڃي ناءُ جي ئي رهي آهي هن بارود ڀريل ماحول ۾ ماڻهن جون دليون به ڪٽهور بڻجي ويون آهن هاڻ محبت ۾به دوکيءِ دغابازيءَ جي ملاوٽ شا مل ٿي وئي آهي اڪثر اهو ٻڌوسين ته جيترو پيار جو اظهار هن دور ۾ آسان ٿي ويو آهي اڳ محبت جي اظهار ۾ سال لڳي ويندا هئا ۽ جڏهن اها محبت حاصل ٿيندي هئي ته ان جو قدر به هوندو هو پر اڄ جهڙي طرح سان پيار کي حاصل ڪيو ٿو وڃي ته اهڙي ئي طرح سان ان پيار کي بدنام ۽ فنا ڪرڻ ۾ به دير ڪو نه ٿي ٿئي. اڄ هن دور ۾جتي ” هاءِ“ ۽ پوءِ جلدي ۾ ئي ” باءِ“ جي وچ وارو عرصو به ايترو ته تيزيءَ سان وڌندو ٿو وڃي جتي ”وفا“ جو لفظ ته ڊڪشنري مان غائب ٿي ويو آهي. هتي پيار ۽ محبت هاڻ رڳو هڪ مقصد ۽ مطلب بڻجي رهجي ويو آهي. اهڙي ڪشمش واري دنيا کي ڏسندي مشهور ليکڪ امر جليل جا لفظ ته ” هاڻ کلي ڏيکار ته خبر پويئي“. جتي هر سال سون جي تعداد ۾ ٿيندڙ خودڪشيون، ڪارنهن جي الزامن هيٺ مارجي ويندڙ سوين جوانيون، هڪ ئي سال اندر اغوائن جا سوين واقعا ٿين ٿا، مسافر گاڏين کي باهيون ڏئي ڪيترائي گهر اجاڙيا وڃن، آرمي اسڪول تي حملو ڪري بيگناھ معصوم جانيون ڳڙڪايون وڃن، شڪارپور ۾ نمازين کي عبادت کان روڪڻ لاءِ حملا ڪري بم ڌماڪا ڪيا وڃن، هڪ ئي ڏينهن ۾ هڪ ئي گهر ڀاتين جا 8 لاش ڪيرائجن، جتي ذات قبيلي ۽ خاندانن جي خون ريزيءَ سبب سوين ڳوٺ برباد ٿين ٿا، ۽ ڪٿي ته وري گلن جهڙن معصوم بيگناهه ٻارڙيون حوس جو شڪار ٿين ته اهڙي صورت ۾ زمين ئي پيرن جي هيٺان کسڪندي محسوس ڪجي پر ڪٿي ته ڏسجي ٿو ته انسان پٿر دل بڻجي ويو آهي جيڪو اهڙا لفظ به استعمال ڪري ٿو ته هاڻي هن دنيا ۾ جيئي ڏيکار ته خبر پويئي. ” مان هن موقعي تي پنهنجي والد رزاق مستوئي، والده مسس رزاق،ڀاءُ نويد رضا، وفا سرمد رزاق، سهيل احمد، بينظير سنڌ، اقراء گل ۽ مٽن مائٽن دوستن، قاصر عزيز، يارن، همدردن، محبت ڪندڙن کي دعا ٿو ڏيان ته شال سدائين مرڪندا رهو الله سائين توهان کي ڪڏهن به درد ڏک ڏئي هميشھ خوشيون جهولي ۾ رکي، چهري تي مرڪ جي چمڪ رهي، ڪنهن جي نظر نه لڳي هر لڳندڙ ڪوسو واءُ کان بچائي، آمين.! جڏهن ته ڪنهنجي دل آزاري يا ماڻهو مارڻ يا محبت جي رشتي کي ڪارو رنگ ڏيڻ، نفرتن کي فهلائڻ. انهيءَ محبت جي رنگ ۾ هڪ نرالو رنگ به آڻيون جيڪو سڄي عالم سان عشق جو هڪ رنگ آهي ۽ ان رنگ ۾ وري ٻيا ڪيترا ئي رنگ آهن، جئين وطن سان محبت، قوم سان محبت، پنهنجي ورثي سان محبت، ثقافت سان محبت، خاندانن ۽ گهر ڀاتين سان محبت، دوستن سان محبت جا رنگ پر ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته اڄڪلهه ته هر ماڻهو هڪ ٻئي کان ڏور ٿيندو ٿو وڃي، خبر ناهي ته هر ماڻهو جي دلين مان محبت ڇو ختم ٿي وئي آهي ۽ من ۾ مدائي رکي هڪ ٻئي کان ڦُري کائڻ جي ڪوشش ٿو ڪري، رشتن جو تقدس ئي ختم ٿي رهيو آهي. محبتن کي بدنام ڪيو ٿو وڃي، پيءُ پنهنجي ڌيءُ کي ٿو ماري ته پٽ ماءُ کي ٿو ماري، سس پنهنجي نُنهن کي ٿي ساڙي ته مڙس وري زال کي ٿو ڪاري ڪري ماري ضرورت آهي انهن سڀني نفرتن کي هميشه جي لاءِ دلين مان ڪڍي ڦٽو ڪيون ۽ اچو ته خدا طرفان عطا ڪيل زندگيءَ جهڙي عظيم نعمت ۾ محبت جو جشن ملهائي وٺون انهيءَ کان اڳ جو ڏنل گلابن جون پنکڙيون سڪي ۽ ٽٽي هوائن ۾ اڏامي نه وڃن. انهيءَ کان اڳ جو ڪٿي خوشبوءَ جو سُرهاڻ وڃائجي نه وڃي ۽ انهيءَ کان اڳ جو هڪ مليل ساٿ ۽ مليل هٿ ڇڏائجي نه وڃن ۽ انهيءَ کان اڳ جو اسان کان هڪٻئي جا نالا ئي وسري وڃن ان ڪري اسان کي محبتن کي سلامت رکڻ جي ضرورت آهي جيڪڏهن محبتون سلامت هونديون ته اسين به سلامت هونداسين ۽ هن معاشري جو ننڍو وڏو ٻار سلامت هوندو جي نه ته اسين به پن ڇڻ ٿي وکري وينداسين ۽ پوءِ ڪنهن کي به ياد نه اينداسين. تازو مثال آهي ته پي پي شهيد ڀٽو جي چيئرپرسن محترمه عنوى ڀٽو جي نياڻي فاطمه ڀٽو پاران لکيل پنهنجي ڪتاب ۾ پنهنجن جا درد ۽ ڪجھ حقيقتون جڏهن ته پ پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران سنڌ جي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ، سڄي سنڌ ۾ سنڌي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ سنڌ جي مختلف شهرن جي هر ضلعي ۽ تعلقن شهرن ۾ سنڌ فيسٽيول شو ڪرڻ به هڪ محبت جو ثبوت آهي سنڌ ۾ سنڌين کي امن جو پيغام ڏيڻ جي لاءِ اعلانيل سنڌ فيسٽيول شو به هڪ امن جو پيغام ۽ پيار محبت جو واضع چٽو ثبوت هو، ان ڪري اسان کي محبت جي حفاظت ڪرڻي پوندي اچو ته ملي ڪري هي واعدو وفا ڪريون ته محبت جي نانءُ کي ڪڏهن به داغدار ٿيڻ نه ڏينداسين ڇو جو محبت پاڪ آهي جتي مشهور شاعر اعجاز علي شاھ چيو آهي ته ”محبت آهي پاڪ ناپاڪ آهين تون ٿيندي پاڪن پاڪ انهي جي اوصاف سان“، ” محبت کي مذاق جيڪي ڄاڻن ٿا اڻڄاڻ ٿي، آهن اهي اعجاز چوي ڪوڙا ڪز ڪزاق انهن جي اوطاق مونکي وڃڻ واجب ناحقي“، اچو ته هن محبت جي هڪ ڏينهن جي ان هڪ پل پل ۾ انهن نفرتن کي هميشه لاءِ وساري ۽ هر ڏينهن کي ويلنٽائن ڊي جهڙو محبت جو ڏينهن ڪري ڇڏيون ۽ هن دنيا مان نفرتن کي ڀڄائي ڪڍون.