واپرائيندڙ بحث:مھيسر/مشق پٽي
سنڌ جي رياست خيرپور ميرس سان تعلق رکندڙ ۽ ڪيترن ئي سگهڙن جو استاد سنڌ جو مشهور سگهڙ عبدالرحمان مهيسر پهرين نومبر 1945ع تي ڄائو ۽ مئٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪيائين. سندس سلسلي طور پير سائين پاڳاري جي درگاهه سان خانداني روحاني رشتو هئو. ننڍپڻ کان وٺي سگهڙائپ ۽ شاعريءَ سان ڳانڍاپو هيس. سندس سگهڙائپ ۾ شروعاتي طور استاد حاجي خان مهيسر هو ۽ لوڪ ادب جي باقي سموري فن جي سکيا سنڌ جي مشهور ڏاهي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کان ورتائين. ڪتابي دنيا ۾ پاڻ مختلف ڪتاب لکيائين ۽ ترتيب پڻ ڏنائين جن ۾ 1. ”مهيسر جي مام“ 2. ”مهيسر جي موج“ 3. ”مهيسر جي مرڪ“ 4. ”مهيسر جي مستي“ 5. ”ڊاڪٽر بلوچ سان قرب ڀريون ڪچهريون“ 6. ”فقير ميانداد طارق جون روايتون“ 7.”سومر جي سوچ“ 8.”ضلع خيرپور جا حال حيات سگهڙ“ 9.”گنيءَ جوگُن“ 10. ”ڏات جا ڏيئا، ۽ ”تاريخ ڊرٻ مهر شاهه جيلاني“ شامل آهن. جڏهن ته ڪجهه ٻيا ڪتاب ۽ مسودا اڻ ڇپيل موجود آهن. هن ريڊيو پروگرامن جي شروعات 1964ع کان ۽ پي ٽي وي پروگرامن جي شروعات 1975ع کان ڪئي. جڏهن ته آخري وقت ۾ ڪافي عرصي کان پاڪستان ٽيلي ويزن ڪراچي سينٽر تي سگهڙن جي پروگرام ”سنگهار“ جو ميزبان هو جڏهن ته ادبي ميدان ۾ پاڻ ڪيترائي ايوارڊ به ماڻيائين جن ۾ ڪجهه ايوارڊن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا، جن بابت ڄاڻ رحمان ڏني مهيسر ڏني آهي. 1. سچل سرمست ايوارڊ 1994ع 2. شهباز ايوارڊ 2005ع 3. پاڪستان ٽيلي ويزن ايوارڊ 2001ع 4. سچل ايوارڊ 2001ع 5. قلندر ايوارڊ 1997ع 6. روح رهاڻ ايوارڊ 2004ع 7. محمد ملوڪ عباسي ايوارڊ 2006ع 8. لال شهباز قلندر ايوارڊ 2002ع 9. مهراڻ ادبي سنگت ايوارڊ 2001ع 10. لوڪ ادب ايوارڊ 2002ع 11. سنڌ سگهڙ ڪانفرنس ايوارڊ 2003ع 12. جلال کٽي ايوارڊ 2005ع 13. سچل سرمست ايوارڊ 1997ع 14. جشن خيرپور ايوارڊ 1995ع 15. سنڌ سگهڙ ڪانفرنس ايوارڊ 2005ع 16. سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم ايوارڊ 1997ع 17. خانصاحب عبدالحميد جتوئي ايوارڊ 2006ع 18. لطيف گولڊ ميڊل ايوارڊ 1490هه 19. سلور ميڊل ايوارڊ 1991ع 20. بهترين پڳ تي ايوارڊ 2005ع 21. حمل فقير لغاري ايوارڊ 1990ع 22. سنڌ سورهيه بادشاهه ايوارڊ 2004ع 23. شاهه عبداللطيف ايوارڊ 1998ع 24. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ايوارڊ 1980ع 25. مهيسر فلاحي تنظيم ايوارڊ 1973ع 26. تقريري مقابلي ۾ پوزيشن ايوارڊ 1961ع فقير عبدالرحمٰن جو وڌيڪ تعارف امان الله مهيسر فقير جي ڪتاب ”مهيسر جي مام“ ۾ ڏنو آهي، جيڪو سندس جيئري ئي 1997ع ۾ ڇپيو هو. امان الله مهيسر جو لکيل تعارف هيٺ ڏجي ٿو؛ ”عبدالرحمٰن ولد حافظ محمد صالح ولد حافظ محمد عاقل ولد حافظ عبدالرحمان ولد حافظ خاوند ڏنو ولد حافظ شاهه محمد مهيسر، هن جو جنم پهرين نومبر 1945ع آهي. ابتدائي ديني تعليم پنهنجي والد بزرگوار حافظ محمد صالح کان حاصل ڪيائين. قرآن شريف ناظران ۽ پنج سيپارا حفظ ڪيائين، انگريزي تعليم مئٽرڪ تائين حاصل ڪيائين. عبدالرحمان جو چاچو مرحوم حافظ عبدالرحمان، سيد مولوي غلام مرتضيٰ شاهه درگاهه گمبٽ شريف جو سجاده نشين درويش صفت ۽ سندس ڀاءُ سيد غلام مصطفيٰ شاهه جن جو قرآن پاڪ جو استاد هيو. انهيءَ کان سواءِ حافظ مهيسر، رياست خيرپور ۾ پيرن ۽ ميرن جو استاد رهيو. حافظ محمد صالح مهيسر راقم سان خود پاڻ ڪچهري ڪندي ٻڌايو هو ته منهنجو وڏو ڀاءُ حافظ عبدالرحمٰن جوانيءَ ۾ 28 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويو هو ۽ پوءِ ربّ ڪريم مونکي فرزند عطا ڪيو، جنهن جو نالو مان عبدالرحمٰن رکيو، پر اُهو به 12 سالن جي عمر ۾ وفات ڪري ويو. تنهن کان پوءِ ڪيترا سال پُٽ جي اولاد ڪانه ٿي مائٽن جي صلاح سان مان ٻي شادي ڪئي ته من نرينا اولاد ٿئي. پهريائين انهيءَ ٻي شاديءَ مان ربّ ڪريم فرزند عطا ڪيو، جنهن جو وري به نالو مان عبدالرحمٰن رکيو، جنهن تي مٽن مائٽن مونکي چيو ته اِهو نالو ڳورو آهي اڳ ۾ به اوهان جو ڀاءُ ۽ پٽ جوانيءَ ۾ وفات ڪري ويا آهن سو نالو ڪو ٻيو رکو. انهن کي مان جواب ڏنو ته وري به نالو مان ساڳيو عبدالرحمٰن رکندس پوءِ ڇو نه هيءُ به ربّ ڪريم کي پيارو ٿي وڃي. انهيءَ مان معلوم ٿئي ٿو ته سگهڙ عبدالرحمٰن جو والد صاحب پڪي پختي خيال جو ماڻهو هو ۽ سگهڙ عبدالرحمٰن پنهنجي والد کي اڪيلو پٽ آهي.
اولاد: سگهڙ عبدالرحمٰن کي ست پٽ ٽي نياڻيون آهن. 1.حفيظ الرحمٰن، 2.حبيب الرحمٰن، 3. عجيب الرحمٰن، 4. خليل الرحمٰن، 5. لطيف الرحمٰن، 6. عتيق الرحمٰن، 7،. ڪليم الرحمان مهيسر. هن پنهنجن پٽن کي پنهنجي حال آهر تعليم جي زيور سان آراسته ڪيو.
روحاني رشتو: حضرت پير سيد محمد راشد روضي ڌڻيءَ کان وٺي مهيسر ذات جو درگاهه پيران پاڳاري سان روحاني رشتو رهيو آهي ۽ سگهڙ عبدالرحمٰن مهيسر گذريل سائين شاهه مردان شاهه ثاني پير پاڳاري جي هٿ تي دست بيعت ڪئي ۽ روحاني فيض حاصل ڪيائين.
ذريعه معاش: سگهڙ عبدالرحمٰن جو والد حافظ محمد صالح مهيسر ديني خدمت سان گڏوگڏ وڏو ڀاڳيو ۽ مالوند هو. کيس سدائين 20-25 مينهون سُوائون هونديون هيون. مال جي بيمارين جو پڻ ڏاڍو ڏاهو هو. راقم الحروف جڏهن 1955ع کان ٽي سال اسڪول رفيق مهيسر ۾ انگريزي استاد هيو، اُن وقت سگهڙ عبدالرحمٰن پهريون درجو انگريزي پڙهندو هو. ڇاڪاڻ ته هو مالوند هيا ۽ هن جي گهر جي لَسي تمام سٺي هوندي هئي. آءٌ هن کي چئي ڇڏيو هو ته هو منهنجي لاءِ لوٽو لسيءَ جو روزانو آڻي. هن جي گهر جي لسي اهڙي ته لذيذ مزيدار هوندي هئي جو مان پنهنجي زندگيءَ ۾ اهڙي لسي نه پيتي آهي. سگهڙ عبدالرحمٰن پنهنجي طالب علميءَ جي دور کان وٺي ڏاڍو ذهين، سلڇڻو، فرمانبردار ۽ حليم طبع جو هو.
ريڊيو ۽ ٽي ويءَ سان وابستگي: سگهڙ عبدالرحمٰن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي 1964ع ۾ نوجوانيءَ کان وٺي وابسته رهيو. ڪيترا پروگرام ڪراچي ريڊيو پاڪستان تي به ڪيائين. 1983ع کان خيرپور ريڊيو سان منسلڪ رهيو. سن 1975ع کان وٺي ٽي وي ڪراچيءَ تي سنڌي پروگرامن جهڙوڪ مهراڻ رنگ، سنڌ سينگار، اوطاق، ڪچهري، رس رهاڻ ۾ پاڻ ملهائي ۽ لوڪ ادب جي وڏي خدمت ڪيائين.
ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ: 1. طالب علميءَ جي زماني ۾ جڏهن هو ٻيو درجو انگريزي پڙهندو هيو، تڏهن سنه 1956ع ۾ ڳوٺ سڌار ميلو گورنمينٽ طرفان ضلع خيرپور جو ڪوٽ ڏيجيءَ ۾ ملهايو ويو هو، جنهن ۾ عبدالرحمٰن تقريري مقابلي ۾ ضلعي ليول تي اول پوزيشن حاصل ڪري، نصرپوري کيس ۽ ٽرافي بطور انعام حاصل ڪئي. 2.سن 1985ع ۾ شاهه لطيف ڪانفرنس سکر ۾ فڪر و نظر طرفان لطيف ايوارڊ سان نوازيو ويو. 3. سچل سرمست ايوارڊ 1994ع ۾بهترين سگهڙ جي حيثيت ۾ حاصل ڪيائين. 4. حمل فقير لغاريءَ جي ميلي تي سگهڙ ڪانفرنس ۾ ٽرافي 1991ع ۾ حاصل ڪيائين. 5. سنڌ سگهڙ ڪانفرنس ٽنڊو آدم، سن 1992ع ۾ سِلور ميڊل کيس ڏنو ويو. 6. سن 1981ع ۾ سنڌ سگهڙ ڪانفرنس لاڙڪاڻي ۽ سن 1996ع ۾ سنڌ سگهڙ ڪانفرنس ڪنڊياري ۾ کيس بهترين سگهڙ جي حيثيت ۾ سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا. 7. جشن خيرپور 1996ع ۾ بهترين سگهڙپائي جي ڪارڪردگي تي کيس شيلڊ ڏني وئي.
سگهڙائپ ۾ سندس استاد: سگهڙائپ ۾ سندس ابتدائي استاد حاجي فقير مهيسر ويٺل رفيق مهيسر جو هيو. شروعات ۾ ڏور جي بيتن جي ڪچهرين ۾ پنهنجي فن جو اظهار ڪندو رهيو. ڏور جي بيتن کان بعد هن سينگار جي صنف ۽ ٻين صنفن ڏانهن قدم وڌايو، پوءِ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ “بابائي سنڌي“ جي صحبت ۽ رفاقت، رهبريءَ ۽ رهنمائيءَ هن کي رڱي ڇڏيو. ڊاڪٽر صاحب جن جي علمي خزاني مان جيڪي هن کي بي بها موتي ۽ گوهر ناياب مليا، تن هن کي غواص بنائي ڇڏيو. هن علم جي بحر بيڪران ويرن ۽ لهرن، موجن ۽ مستين جي پرواهه نه ڪندي استاد ڪامل جي رهبري ۽ رهنمائيءَ ۾ غوطه زن ٿي جيڪي لعل هٿ ڪيا، سي علم جي ڳولائن ۽ پارکن لاءِ تحفه بي حساب آهن.
سگھڙ عبد الرحمان مھيسر
[سنواريو]سنڌ جي رياست خيرپور ميرس سان تعلق رکندڙ ۽ ڪيترن ئي سگهڙن جو استاد سنڌ جو مشهور سگهڙ عبدالرحمان مهيسر پهرين نومبر 1945ع تي ڄائو ۽ مئٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪيائين. سندس سلسلي طور پير سائين پاڳاري جي درگاهه سان خانداني روحاني رشتو هئو. ننڍپڻ کان وٺي سگهڙائپ ۽ شاعريءَ سان ڳانڍاپو هيس. سندس سگهڙائپ ۾ شروعاتي طور استاد حاجي خان مهيسر هو ۽ لوڪ ادب جي باقي سموري فن جي سکيا سنڌ جي مشهور ڏاهي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کان ورتائين. ڪتابي دنيا ۾ پاڻ مختلف ڪتاب لکيائين ۽ ترتيب پڻ ڏنائين جن ۾ 1. ”مهيسر جي مام“ 2. ”مهيسر جي موج“ 3. ”مهيسر جي مرڪ“ 4. ”مهيسر جي مستي“ 5. ”ڊاڪٽر بلوچ سان قرب ڀريون ڪچهريون“ 6. ”فقير ميانداد طارق جون روايتون“ 7.”سومر جي سوچ“ 8.”ضلع خيرپور جا حال حيات سگهڙ“ 9.”گنيءَ جوگُن“ 10. ”ڏات جا ڏيئا، ۽ ”تاريخ ڊرٻ مهر شاهه جيلاني“ شامل آهن. جڏهن ته ڪجهه ٻيا ڪتاب ۽ مسودا اڻ ڇپيل موجود آهن. هن ريڊيو پروگرامن جي شروعات 1964ع کان ۽ پي ٽي وي پروگرامن جي شروعات 1975ع کان ڪئي. جڏهن ته آخري وقت ۾ ڪافي عرصي کان پاڪستان ٽيلي ويزن ڪراچي سينٽر تي سگهڙن جي پروگرام ”سنگهار“ جو ميزبان هو جڏهن ته ادبي ميدان ۾ پاڻ ڪيترائي ايوارڊ به ماڻيائين جن ۾ ڪجهه ايوارڊن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا، جن بابت ڄاڻ رحمان ڏني مهيسر ڏني آهي.
1. سچل سرمست ايوارڊ 1994ع
2. شهباز ايوارڊ 2005ع
3. پاڪستان ٽيلي ويزن ايوارڊ 2001ع
4. سچل ايوارڊ 2001ع
5. قلندر ايوارڊ 1997ع
6. روح رهاڻ ايوارڊ 2004ع
7. محمد ملوڪ عباسي ايوارڊ 2006ع
8. لال شهباز قلندر ايوارڊ 2002ع
9. مهراڻ ادبي سنگت ايوارڊ 2001ع
10. لوڪ ادب ايوارڊ 2002ع
11. سنڌ سگهڙ ڪانفرنس ايوارڊ 2003ع
12. جلال کٽي ايوارڊ 2005ع
13. سچل سرمست ايوارڊ 1997ع
14. جشن خيرپور ايوارڊ 1995ع
15. سنڌ سگهڙ ڪانفرنس ايوارڊ 2005ع
16. سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم ايوارڊ 1997ع
17. خانصاحب عبدالحميد جتوئي ايوارڊ 2006ع
18. لطيف گولڊ ميڊل ايوارڊ 1490هه
19. سلور ميڊل ايوارڊ 1991ع
20. بهترين پڳ تي ايوارڊ 2005ع
21. حمل فقير لغاري ايوارڊ 1990ع
22. سنڌ سورهيه بادشاهه ايوارڊ 2004ع
23. شاهه عبداللطيف ايوارڊ 1998ع
24. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ايوارڊ 1980ع
25. مهيسر فلاحي تنظيم ايوارڊ 1973ع
26. تقريري مقابلي ۾ پوزيشن ايوارڊ 1961ع
فقير عبدالرحمٰن جو وڌيڪ تعارف امان الله مهيسر فقير جي ڪتاب ”مهيسر جي مام“ ۾ ڏنو آهي، جيڪو سندس جيئري ئي 1997ع ۾ ڇپيو هو. امان الله مهيسر جو لکيل تعارف هيٺ ڏجي ٿو؛
”عبدالرحمٰن ولد حافظ محمد صالح ولد حافظ محمد عاقل ولد حافظ عبدالرحمان ولد حافظ خاوند ڏنو ولد حافظ شاهه محمد مهيسر، هن جو جنم پهرين نومبر 1945ع آهي. ابتدائي ديني تعليم پنهنجي والد بزرگوار حافظ محمد صالح کان حاصل ڪيائين. قرآن شريف ناظران ۽ پنج سيپارا حفظ ڪيائين، انگريزي تعليم مئٽرڪ تائين حاصل ڪيائين. عبدالرحمان جو چاچو مرحوم حافظ عبدالرحمان، سيد مولوي غلام مرتضيٰ شاهه درگاهه گمبٽ شريف جو سجاده نشين درويش صفت ۽ سندس ڀاءُ سيد غلام مصطفيٰ شاهه جن جو قرآن پاڪ جو استاد هيو. انهيءَ کان سواءِ حافظ مهيسر، رياست خيرپور ۾ پيرن ۽ ميرن جو استاد رهيو.
حافظ محمد صالح مهيسر راقم سان خود پاڻ ڪچهري ڪندي ٻڌايو هو ته منهنجو وڏو ڀاءُ حافظ عبدالرحمٰن جوانيءَ ۾ 28 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويو هو ۽ پوءِ ربّ ڪريم مونکي فرزند عطا ڪيو، جنهن جو نالو مان عبدالرحمٰن رکيو، پر اُهو به 12 سالن جي عمر ۾ وفات ڪري ويو. تنهن کان پوءِ ڪيترا سال پُٽ جي اولاد ڪانه ٿي مائٽن جي صلاح سان مان ٻي شادي ڪئي ته من نرينا اولاد ٿئي. پهريائين انهيءَ ٻي شاديءَ مان ربّ ڪريم فرزند عطا ڪيو، جنهن جو وري به نالو مان عبدالرحمٰن رکيو، جنهن تي مٽن مائٽن مونکي چيو ته اِهو نالو ڳورو آهي اڳ ۾ به اوهان جو ڀاءُ ۽ پٽ جوانيءَ ۾ وفات ڪري ويا آهن سو نالو ڪو ٻيو رکو. انهن کي مان جواب ڏنو ته وري به نالو مان ساڳيو عبدالرحمٰن رکندس پوءِ ڇو نه هيءُ به ربّ ڪريم کي پيارو ٿي وڃي. انهيءَ مان معلوم ٿئي ٿو ته سگهڙ عبدالرحمٰن جو والد صاحب پڪي پختي خيال جو ماڻهو هو ۽ سگهڙ عبدالرحمٰن پنهنجي والد کي اڪيلو پٽ آهي.
اولاد: سگهڙ عبدالرحمٰن کي ست پٽ ٽي نياڻيون آهن.
1.حفيظ الرحمٰن، 2.حبيب الرحمٰن، 3. عجيب الرحمٰن، 4. خليل الرحمٰن، 5. لطيف الرحمٰن، 6. عتيق الرحمٰن، 7،. ڪليم الرحمان مهيسر. هن پنهنجن پٽن کي پنهنجي حال آهر تعليم جي زيور سان آراسته ڪيو.
روحاني رشتو:
حضرت پير سيد محمد راشد روضي ڌڻيءَ کان وٺي مهيسر ذات جو
درگاهه پيران پاڳاري سان روحاني رشتو رهيو آهي ۽ سگهڙ عبدالرحمٰن مهيسر گذريل سائين شاهه مردان شاهه ثاني پير پاڳاري جي هٿ تي دست بيعت ڪئي ۽ روحاني فيض حاصل ڪيائين.
ذريعه معاش:
سگهڙ عبدالرحمٰن جو والد حافظ محمد صالح مهيسر ديني خدمت سان گڏوگڏ وڏو ڀاڳيو ۽ مالوند هو. کيس سدائين 20-25 مينهون سُوائون هونديون هيون. مال جي بيمارين جو پڻ ڏاڍو ڏاهو هو. راقم الحروف جڏهن 1955ع کان ٽي سال اسڪول رفيق مهيسر ۾ انگريزي استاد هيو، اُن وقت سگهڙ عبدالرحمٰن پهريون درجو انگريزي پڙهندو هو. ڇاڪاڻ ته هو مالوند هيا ۽ هن جي گهر جي لَسي تمام سٺي هوندي هئي. آءٌ هن کي چئي ڇڏيو هو ته هو منهنجي لاءِ لوٽو لسيءَ جو روزانو آڻي. هن جي گهر جي لسي اهڙي ته لذيذ مزيدار هوندي هئي جو مان پنهنجي زندگيءَ ۾ اهڙي لسي نه پيتي آهي. سگهڙ عبدالرحمٰن پنهنجي طالب علميءَ جي دور کان وٺي ڏاڍو ذهين، سلڇڻو، فرمانبردار ۽ حليم طبع جو هو.
ريڊيو ۽ ٽي ويءَ سان وابستگي:
سگهڙ عبدالرحمٰن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي 1964ع ۾ نوجوانيءَ کان وٺي وابسته رهيو. ڪيترا پروگرام ڪراچي ريڊيو پاڪستان تي به ڪيائين. 1983ع کان خيرپور ريڊيو سان منسلڪ رهيو. سن 1975ع کان وٺي ٽي وي ڪراچيءَ تي سنڌي پروگرامن جهڙوڪ مهراڻ رنگ، سنڌ سينگار، اوطاق، ڪچهري، رس رهاڻ ۾ پاڻ ملهائي ۽ لوڪ ادب جي وڏي خدمت ڪيائين.
ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ:
1. طالب علميءَ جي زماني ۾ جڏهن هو ٻيو درجو انگريزي پڙهندو هيو، تڏهن سنه 1956ع ۾ ڳوٺ سڌار ميلو گورنمينٽ طرفان ضلع خيرپور جو ڪوٽ ڏيجيءَ ۾ ملهايو ويو هو، جنهن ۾ عبدالرحمٰن تقريري مقابلي ۾ ضلعي ليول تي اول پوزيشن حاصل ڪري، نصرپوري کيس ۽ ٽرافي بطور انعام حاصل ڪئي.
2.سن 1985ع ۾ شاهه لطيف ڪانفرنس سکر ۾ فڪر و نظر طرفان لطيف ايوارڊ سان نوازيو ويو.
3. سچل سرمست ايوارڊ 1994ع ۾بهترين سگهڙ جي حيثيت ۾ حاصل ڪيائين.
4. حمل فقير لغاريءَ جي ميلي تي سگهڙ ڪانفرنس ۾ ٽرافي 1991ع ۾ حاصل ڪيائين.
5. سنڌ سگهڙ ڪانفرنس ٽنڊو آدم، سن 1992ع ۾ سِلور ميڊل کيس ڏنو ويو.
6. سن 1981ع ۾ سنڌ سگهڙ ڪانفرنس لاڙڪاڻي ۽ سن 1996ع ۾ سنڌ سگهڙ ڪانفرنس ڪنڊياري ۾ کيس بهترين سگهڙ جي حيثيت ۾ سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا.
7. جشن خيرپور 1996ع ۾ بهترين سگهڙپائي جي ڪارڪردگي تي کيس شيلڊ ڏني وئي.
سگهڙائپ ۾ سندس استاد:
سگهڙائپ ۾ سندس ابتدائي استاد حاجي فقير مهيسر ويٺل رفيق مهيسر جو هيو. شروعات ۾ ڏور جي بيتن جي ڪچهرين ۾ پنهنجي فن جو اظهار ڪندو رهيو. ڏور جي بيتن کان بعد هن سينگار جي صنف ۽ ٻين صنفن ڏانهن قدم وڌايو، پوءِ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ “بابائي سنڌي“ جي صحبت ۽ رفاقت، رهبريءَ ۽ رهنمائيءَ هن کي رڱي ڇڏيو. ڊاڪٽر صاحب جن جي علمي خزاني مان جيڪي هن کي بي بها موتي ۽ گوهر ناياب مليا، تن هن کي غواص بنائي ڇڏيو. هن علم جي بحر بيڪران ويرن ۽ لهرن، موجن ۽ مستين جي پرواهه نه ڪندي استاد ڪامل جي رهبري ۽ رهنمائيءَ ۾ غوطه زن ٿي جيڪي لعل هٿ ڪيا، سي علم جي ڳولائن ۽ پارکن لاءِ تحفه بي حساب آهن. ؛مھيسر (ڳالھ) 19:58, 17 نومبر 2024 ( يو.ٽي.سي)