واپرائيندڙ بحث:علي عرفان علي

Page contents not supported in other languages.
کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

‏‏سائين عرفان صاحب، مين پيج جي ٽاڪ پيج تي توھان جو نياپو پڙھيم. تمام گھڻي خوشي ٿي تھ دير ئي سھي پر اسان جي سنڌي ڀائرن سنڌي وڪيپيڊيا ۾ دلچسپي وٺڻ شروع ڪئي آھي. ٽاڪ پيج تي ڪو بھ نياپو رکڻ بعد نياپي جي پڇاڙيءَ ۾ مھرباني ڪري چار لھرون (‌‌~) ضرور ٽائيپ ڪندا، جنھن سان نياپي جي پڇاڙيءَ ۾ از خود توھان جو نالو ظاھر ٿي ويندو. تنھن کان سواءِ نياپو لکڻ وارو وقت بھ درج ٿي ويندو. ٻيو اھو تھ ايڊکنسٽريٽر جي حيثيت ۾، آئون ڪو بھ غير سنڌي نياپو ڊاھي ڇڏيندو آھيان. مھرباني ڪري نياپا سنڌيءَ ۾ رکندا. Aursani 10:58, 2 September 2006 (UTC)