واپرائيندڙ:Radhanian Hassan Ali Jhatial

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

جديد سائنس ۽ هڪڙو قديمي ڪتاب

اڄڪله جي هن دٶر ۾ نوجوان نسل ۾ موجود ڪجه جوان جيڪي سائنس کي ئي سڀ ڪجه سمجهي قرآن و حديث کي ٽاري ان تي پيروي ڪندڙن کي حقاري نهارين ٿا, اتي ئي ڪجه جوان اهڙا به هوندا آهن جيڪي قرآن کي سمجهڻ ۽ ان جي ڳجهن رازن کي ڳولڻ لاء پاڻ پتوڙيندا رهن ٿا. يقينن ڪنهن مذهب کي سائنس سان ڀيٽڻ يا وري سائنس کي ڪنهن هڪ مذھب سان ڀيٽڻ عقل جوڳو عمل نه آهي پر بقول سر آئنسٽائين جي سائنس بنا مذهب جي لنگڙي (منڊي lame) ۽ مذهب بنا سائنس جي انڌو هوندو آهي۔ ڇو جو سائنس اسان کي ڪائنات جي مادي، طبعي ۽ ظاهري بناوت جي باري ۾ ٻڌائي ٿي ۽ مذهب انسان کي انسانيت، رهڻي ڪهڙي، ريت رواجن جي باري ۾ ٻڌائي ٿو.