مواد ڏانھن هلو

واپرائيندڙ:ڊاڪٽر محمد الياس ڀٽو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

پروفيسر ڊاڪٽر محمد الياس ڀٽو جو تعلق قلندر لعل شهباز جي نگري سيوهڻ شريف سان آهي، جيڪو هينئر ضلعي ڄامشورو (سنڌ) ۾ شامل آهي. پاڻ پرائمري کان انٽرميڊيئٽ تائين تعليم سيوهڻ مان ئي حاصل ڪئي. سندس والد جيئن ته هڪ ادني درجي جو ريلوي ملازم ڪانٽي وارو Points-man هو، انڪري سندن مالي حالت خراب هئا، پر انهن ڪيئن به ڪري پنهنجي اڪيلي دادلي پٽ کي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج دادو مان بيچلر آف سائنس .B.Sc تائين تعليم ڏيارائي. جنهن لاءِ سندس پٽ پنهنجي مرحوم والدين کي سلام پيش ڪري ٿو ۽ سندن لاءِ دعاگو آهي.

بيچلر آف سائنس جي ڊگري جي بنياد تي 1990ع ۾ محمد الياس ڀٽو کي پندرھين گريڊ ۾ هاِء اسڪول ٽيچر (ان ٽرينڊ سائنس ٽيچر) جي نوڪري ملي. سندس پھرين مقرري گورنمينٽ بوائز ھاءِ اسڪول گل منڊو، ضلعو ٺٽو ۾ ٿي، جڏھن ته سندس اسڪولي استاد طور نوڪري دوران گل منڊو، سيوھڻ، آراضي ۽ لڪي شاھ صدر ۾ بدليون ٿيون. پاڻ نوڪري ملڻ کان پوِء به پنهنجي تعليم پرائيويٽ شاگرد جي حيثيت سان جاري رکي ۽ بيچلر آف ايجويڪشن، ماسٽر آف آرٽس (معاشيات) ۽ ماسٽر آف ايجوڪيشن جهڙين ڊگرين سان پنهنجي علم ۽ پيشه ورانه تدريس کي بهتر بڻائيندو رهيو. هن کي 2001ع ۾ گورنمينٽ بوائز هاِء اسڪول سيوهڻ ۾ ”اداري جو بهترين استاد“ جي اعزاز سان نوازيو ويو.

سندس محنت ۽ جفاڪشي جي ڪري هنجي پيشه ورانه تدريس ۾ ترقي ايندي رهي ۽ پاڻ 2002ع ۾ مڊل اسڪول پروجيڪٽ هيٺ سوشل اسٽڊيز/ سماجي اڀياس ۾، ۽ 2008ع کان 2012ع تائين بينظير ڀٽو شهيد يوٿ ڊولپمينٽ پروگرام هيٺ انگريزي ۾ ماسٽر ٽرينر طور چونڊيو ويو ۽ پنهنجيون خدمتون استادن جي اِن‐سروس ٽريننگ دوران ڪوٽڙي ۽ دادو ۾ ڀرپور نموني پيش ڪيون. پاڻ 2007ع ۾ هاِء اسڪول ٽيچر جي نوڪري تي هوندي بيورو آف ڪريڪيولم اينڊ ايڪسٽينشن ونگ سنڌ، ڄامشورو طرفان سرڪاري خرچ تي ايم‐فل لِيڊنگ ٽو پي‐ايڇ‐ڊي پروگرام هيٺ اقراَء يونيورسٽي ڪراچي ۾ اسڪالرشپ تي پڙهڻ لاءِ ويو. هن پروگرام تحت پاڻ 2009ع ۾ تعليم ۾ ايم فِل ڊگري ۾ پهرين پوزيشن ۽ گولڊ ميڊل حاصل ڪيو ۽ 2014ع ۾ ساڳئي پروگرام هيٺ پي‐ايڇ‐ڊي (تعليم) پڻ اقراَء يونيورسٽي جي تاريخ ۾ وڌ ۾ وڌ CGPA (3.29/4.00) سان پاس ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو. ايم فل پاس ڪرڻ کان ترت پوء يعني 2009ع ۾ ئي پاڻ ڪاليج سائيڊ ۾ تعليم جي مضمون ۾ ليڪچراري جو امتحان سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن وسيلي ٻئين پوزيشن ۾ پاس ڪري ڪاليج ۾ ليڪچرار ٿي ويو. پاڻ ڪاليجي نوڪري جي سلسلي ۾ گورنمينٽ جامعه مکيه ڪاليج آف ايجوڪيشن ملير ڪراچي، گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج ڀان سعيدآباد ۽ گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج سيوھڻ ۾ ڪم ڪري چڪا آھن. سندس يارنهن سالن جي ڪاليج واري نوڪري کان پوءِ هن کي 2021ع ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور ترقي ملي آهي. پاڻ ھن وقت گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج سيوھڻ ۾ تعليم جي شعبي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور پنھنجون خدمتون ڏئي رھيا آھن.

ڊاڪٽر محمد الياس ڀٽو جي سموري زندگي پڙهڻ ۽ پڙهائڻ ۾ گذري آهي. پاڻ محقق جي حيثيت سان تعليم ۽ تحقيق جي ميدان ۾ 12 ڪتابن ۽ ڪيترن ئي تحقيقي مقالن جو مصنف آهي، جيڪي قومي توڙي بين الاقوامي ادارن ۽ تحقيقي رسالن ۾ ڇپجي چڪا آهن. ان کان سواءِ روزانه "پنھنجي اخبار" ۾ مڃيل ڪالم نويس پڻ آھن.

ڊاڪٽر محمد الياس ڀٽو سان هيٺين اِي ميل ايڊريس، موبائيل ۽ واٽس ايپ نمبر وسيلي رابطو ڪري سگھجي ٿو. bhuttomuhammadilyas@gmail.com 923072046922+ سندس لکيل ڪتابن جو تفصيل ھن ريت آھي:

DR M. ILYAS BHUTTO’S BOOKS PUBLISHED

i. A Guide to “From Skinner to Rogers: Contrasting Approaches to Education”. 1st Edition Published in 2011 (by HRMARS) 2nd Edition E-book published in 2022 (by Litlightpublications.com)

ii. A Guide to “Experience and Education”. 1st Edition Published in 2011 (by HRMARS) 2nd Edition E-book published in 2022 (by Litlightpublications.com)

iii. Guided English Speaking and Writing (2017) Ist Edition Published by LAP Lambert Academic Publishing Company, Germany. https://www.amazon.com/Guided-English-Speaking-Writing-Language/dp/6202025816 2nd Edition E-book published in 2022 (by Litlightpublications.com)

iv. English Reading Comprehension: Interactive Questions for Pair work (Written in 2018) (based on My English Book Class 4, Sindh Textbook Board 2013) E-book published in 2022 by Litlightpublications.com

v. Learning English Through Stories (Written in 2018) E-book published in 2022 by Litlightpublications.com

vi. “سوچ ئي سڀ ڪجھه آهي” (2022) Sindhi Translation of Jeff Keller’s bestseller book “Attitude is Everything” E-book published in 2022 by Litlightpublications.com

vii. “ هومو ڊيئس: سڀاڻي جي مختصر تاريخ جو اختصار” Sindhi Chapter wise summary of Dr Yuval Noah Harari’s Best Seller Book “Homo Deus: A Brief History of Tomorrow” E-book published in 2022 by Litlightpublications.com

viii. “Speeches تقريرون” (For Schools and Colleges) (2022) Hardcopies published by Marui Academy Sakrand / Hyderabad & Softcopy / E-book Published in 2022 by Litlightpublications.com

ix. “Introduction to Teaching and Learning” (2022) A book churned out from my PhD dissertation. E-book published in 2022 by Litlightpublications.com

x. “Wahur-2020واهڙ” The First Volume of the College Magazine issued from Government Boys Degree College Bhan Saeedabad. Hardcopies published from Marui Publications Hyderabad. (As Chief Editor and Author of Different Articles in it).

xi. “College Correspondence” E-book published in 2022 by Litlightpublications.com

xii. دنيا جا مشھور فلسفا. 2023. سوچ پبليڪيشن سيوھڻ

........

Theses/Dissertations

i. Bhutto, M. I. (2009). Learning Through Operant Conditioning (M.Phil Thesis). Iqra University Karachi.

ii. Bhutto, M. I. (2014). An Evaluation of Teaching of Chemistry at Public Secondary Schools of Pakistan (PhD Dissertation). Iqra Univeristy Karachi. Available on Pakistan Research Repository.