واپرائيندڙ:پروفيسر قدرت الله ڀٽو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

پروفيسر قدرت الله ڀٽو : قدرت الله ڀٽو 3 فبروري سن 1965 ۾ ڳوٺ مبارڪپور تعلقو ٺل ضلعو جيڪب آباد ۾ ڄائو ۔ والد جو نالو شمس الدين ۽ والده جو نالو ڀائل ھو ۔ پاڻ پنج ڀائر آھن ۽ سندن ھڪ ڀيڻ آھي ۔سڀ کان وڏي ڀاءۡ  جو نالو عبدالحليم ٻئي ڀاءۡ  جو نالو جمعا خان ، ٽئين جو سيف الدين آھي ۔ پاڻ چوٿين نمبر تي آھي ۔ پنجين ۽ سڀ کان ننڍي ڀاءۡ  جو نالو عبدالواحد آھي ۔ سندن اڪيلي ڀيڻ جو نالو شاھده آھي ۔ سندن والد ھونءّ  ته ڳوٺ جي وڏي وڏيري ۽ تمام گھڻي سخي مرد غلام قادر خان ڀٽو جو پوٽو ھو پر غربت ھن کي پاسو ڏئي چڪي ھئي ان ڪري ھورات جو گورنمينٽ ڊسپينسري ۾ چوڪيداري ڪندو ھو ۽ وري ڏينھن جو ٽانگو ( گھوڙو بگي ) ھلائي گھر جو گذران ڪندو ھو ۔سندن وڏو ڀاءۡ  عبدالحليم پوليس کاتي ۾ سپاھي طور ڀرتي ٿيو جيڪو انسپيڪٽر جي عھدي تي پڄي رٽآئر ڪيائين ۔ سندن ٻيو ڀاءۡ  جمعا خان پڻ سپاھي طور پوليس ۾ ڀرتي ٿيو جيڪو به سب انسپيڪٽر جي عھدي تي پڄي رٽائر ٿيو ۔ جڏھن ته ٽيون ڀاءۡ سيف الدين سئي گيس ۾ آفيسر ٿي ويو ۔ قدرت الله کي ننڍپڻ کان پڙھڻ جو شوق ھوندو ھو ۔ ھن پنھنجي پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول مبارڪپور ۾ ورتي ۔ جڏھن ته مڊل ڪلاس تائين جي تعليم گورنمينٽ مڊل اسڪول مبارڪپور ۾ پوري ڪئي ۔ پنھنجي ڳوٺ ۾ ھاء اسڪول نه ھجڻ ڪري مئٽرڪ سائنس گورنمينٽ ھاء اسڪول مدرپور ٻرڙو 1980 ۾ C گريڊ ۾ پاس ڪيائين ۔ تنھن کان پوء وري Inter Science پري انجنيرنگ گورنمينٽ سي ائنڊ ايس ڪاليج شڪارپور 1982۾ C گريڊ ۾ پاس ڪيائين ۔ انجنيرنگ ۾ سليڪشن نه ٿيڻ جو کيس ڏک ته ضرور ٿيو پر ھو دل ھاري ويھي رھڻ بجاء پر اعتماد ٿي ڪري فزڪس ۾ M.Sc آنرز ڪرڻ لاء سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري ويو جتان 1990 ۾ M.Sc آنرز فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين