واپرائيندڙ:مظھر علي زنگيجو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مضمون زندگي بابت ڪجھ خيال ..

ليکڪ مظھر علي زنگيجو.......

زندگي خدا پاڪ جي طرفان ھڪ انمول تعفو آھي زندگي ھڪ بھترين نعمت پڻ آھي زندگي کي انھن ماڻھن لاءِ ڪڏھن به ضايع نہ ڪرڻ گھرجي جن کي اوھان جي زندگي جو قدر نه ھجي زندگي ۾ ڪنھن وڏي خوشي جي انتظار ۾ اداس ٿي ويھڻ کان بھتر آھي تہ ننڍين ننڍين خوشين مان لُطف اندوز ٿيڻ گھرجي ڇاڪاڻ ته زندگي ھڪ دفعو ئي ملندي آھي ان کي وڏين خوشين جي آسري ويھي برباد نه ڪرڻ گھرجي ، خوش مزاج انسان ٽٽل دل جي دوا وانگر پاڻ ته ٽٽل ھوندا آھن پر انھن جي خوش مزاجي اڪثر ٻين کي خوش رکندي آھي . اسان کي خوش رھڻ گھرجي پنھنجي لاء نه صحيح پر ٻين جي لاءِ ئي ڇاڪاڻ ته ٿي سگهي ٿو ڪنھن جي زندگي جي اميد اسان جي زندگي سان وابستا ھجي زندگي اھا ناھي جيڪا انسان پنھنجي لاء گذاري در حقيقت زندگي ٻين کاڻ جيئن جو نالو آھي . پر افسوس آ اسان جي معاشري ۾ زندگي جو مفهوم ۽ مطلب ئي تبديل ٿيل آھي اسان جي معاشري ۾ ھر افراد پنھنجي ظاھري فائدي ء مفاد ۽ پاڻ کي رڳو خوش رکڻ ۾ رڌل آهي ڪنھن دانشور جا الفاظ آھن ته جڏھن انسان پنھنجي خوشين کان وڌيڪ ٻين جي خوشين جي باري ۾ سوچيندو ۽ اھو عمل اختيار ڪندو ته پنھنجين خوشين جا دروازا بغير ڪنھن سوچ ويچار جي پنھنجي ليکي پاڻ ئي کلي پوندس ڪنھن انسانذات کي خوش ڪرڻ ئي اصل ۾ خوشي جو نالو آھي ڇاڪاڻ تہ زندگي ۾ انسانذات کي خوش ڪرڻ ۽ خلق خدمت ڪرڻ کي ھڪ بھترين عمل سڏيو ويو آهي.

ڏک ۽ سُک زندگي جا ٻہ اھم حصا آھن زندگي ۾ جيڪڏھن ڏک نہ ھجن ھا سکن جي قيمت جي خبر ئي نه پوي ھا ڏک ظاھري طور ته ڏک ھوندا آھن پر حقيقت م انسان کي اندر ئي اندر ۾ تمام مظبوط ڪندا آهن . ھر انسان خطاعن جو گھر ڇاڪاڻ غلطي انجي فطرت ۾ شامل آھي پر جيڪڏهن انسان کي معاف ڪري ڇڏجي ته اھو انسانيت جو ملڪوتي عمل آھي انسان جي زندگي ۾ ڪيترائي معاملا ۽ مسئلا پيدا ٿيندا آهن انھن مسئلن منجھان ئي انسان کي ڪيترائي وسيع تجربا پڻ سکڻ ڪاڻ ملندا آهن جن جي نتيجي م انسان کي پنھنجن ۽ غيرن جي خبر پوندي آ ۽ خوشي و غم جو احساس ٿيندو آھي پنھنجي عملن کي ڏسڻ بدران خراب يا بھتر حالتن لاءِ ذميوار زندگي کي ٽوڪڻ غلط آھي ڇاڪاڻ ته انسان جي ڪردار جي خبر سٺي ۽ قيمتي لباس مان نه پر سھڻي اخلاق سان پوندي آھي سھڻي اخلاق مان زندگي جي عملن جي سڃاڻپ ٿيندي آهي.

عظيم انسان ڳالھائڻ ۾ گھٽ پر عمل ۾ گھڻا ھوندا آھن آھن سٺن عملن مان ئي ڪردار جي خبر پوندي آهي ڇاڪاڻ ته انسان جو ڪردار ئي انسان جو حقيقي تعارف آھي اسان کي زندگي باشعور سماج جي ريتن رسمن ۽ رواج جي مطابق گذارڻ گھرجي ته ھيڪر ڏکيائين جو وجود ئي نه رھندو پر اھو تڏھن ضروري ٿي سگهي ٿو تہ اسان جو معاشرو تعليم يا چڪا ھجي علم سان روشن ھجي ڇاڪاڻ تہ علم انسان جو بنيادي حق آهي.

زندگي علم سواءِ اڻپوري ۽ اڌوري آھي علم انسان جي وڏي مان وڏي دولت آھي علم انسان جي عقل کي وسيع بڻائي ٿو انسان کي دنياوي دنياوي علم سان گڏ ديني علم به پرائڻ گھرجي علم بابت حضرت مُحمد صلي اللٌه عليه وآله وسلم جن فرمايو آهي ته علم پرايو پينگهي کان قبر تائين ء علم انسان جي ٽئين اک آهي .
حضرت علي عليه السلام جن علم بابت فرمايو آهي تہ علم پرايو ان لاءِ توھان توڙي چين وڃڻو ڇو نه پوي ان وقت چين تمام پري ھوندو ھيو.
نيلسن منڊيلا چيو آھي تہ علم اھو ھٿيار آھي جنھن سان دنيا فتح ڪري سگھجي ٿي.
ان لاء علم پرائڻ ھر قوم لاءِ ضروري آهي علم سان ئي قومن جي سڃاڻپ ٿيندي آهي علم سان انسان کي تھذيب و تمدن تاريخ جي خبر پوندي آهي علم سان ئي قومن ۾ شعور پيدا ٿيندو آھي .
زندگي ۾ وقت به علم وانگي ھڪ اھم حيثيت رکي ٿو وقت جو صحيح استعمال ڪرڻ ضروري آهي ڇاڪاڻ تہ گذريل وقت ڪڏھن به ڪان ورندو آهي انسان کي وقت جو قدر ڪرڻ گھرجي جيڪڏهن اسان وقت جي تڪازہ سان گڏ ھلنداسين تہ ڪيتريون ئي مشڪلاتون اسان جا رستا روڪ ڪنديون اسان کي وقت جو احساس ڪندي زماني جي نبض مطابق پنهنجي طبيعت ء رفتار کي وقت سان ھم آهنگ ڪري صبر سان وقت جو مقابلو ڪرڻ گھرجي .

انسان کي زندگي ۾ پهرئين ناڪامي ملي به وڃي ته ان کي پريشان نه ٿين گھرجي ڇو ته اھا انسان جي ڪاميابي جي عروج جي پھرئين ڏاڪڻ آھي ۽ انسان کي زندگي ۾ ڪاميابي ڏانھن وڌڻ گھرجي زندگي ۾ ڪجھ به ناممڪن ناھي ڇاڪاڻ تہ زندگي ناڪامي ء مايوسي جو نالو نه پر ھڪ نظم و ضبت ۽ جدوجھد جو نالو آھي .
جيڪڏهن اسان زندگيءِ ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ جي تمنا ء خواھش رکون ٿا تہ اسان کي پنھنجي سوچ  وفڪر کي تبديل ڪري ان جي ڌائري کي وسيع بڻائڻ گھرجي اسان کي اھيو ڪڏھن بہ ناھي سوچڻو تہ ڪنھن جي سھاري سان  ڪاميابي حاصل ڪيون ڇو ته ٻئين جي ڏيئي مان روشني وٺڻ وارا سدائين اونداهي ۾ ڀٽڪندا رهندا آهن.
اسان کي بلڪل اھيو سوچڻو ۽ سمجھڻو آھي تہ ڪاميابي ماڻي ڪنھن بيوس مجبور و لاچار کي سھارو ڏئي سگھون ۽ زندگي م اھا ڪاميابي تڏھن حاصل ٿيندي، جڏھن ڏينهن رات سچائي ۽ ايمانداري سان پنهنجي ڪم ۽ پڙھائي سان زندگي جي حدف ۽ مقصد سان سچا رھنداسين ۽ ان لاء بيدار رھنداسين لڳاتار محنت ڪندا رھنداسين ۽ ڪاميابي کي حاصل ڪرڻ لاءِ اسان کي مسلسل جدوجھد جي تسلسل جو  سلسلو جاري رکڻ گھرجي ڇاڪاڻ ته ڪوشش ڪاميابي جي ڪنجي آهي اسان کي زندگي م مطلبي ماڻهن کان اھڙي طرح پري رھڻ گھرجي جئين ٻرندڙ باھ وھندڙ پاڻيءَ ڇاڪاڻ ته ان ٻنھي جو اثر ناھي ھوندو.

زندگي ۾ ڪاميابي ۽ اعليٰ رتبو وڏي اڻٿڪ محنت سان ئي حاصل ٿيندو آھي اسان کي گھرجي ته اسان پنهنجي زندگي کي ھڪ اھڙو مقصد ڏيون جنھن ۾ تمام انسان ذات جي ڀلائي ۽ خلق خدمت تمام سماجي ۽ بنيادي حق شامل ھجن اسان کي پنھنجي زندگي فلاح و بھبود لاءِ وقف ڪرڻ گھرجي انھي عمل سان دلي سڪون حاصل ٿيندو اسان کي ھميشه پنھنجي خيال وفڪر کي تازو رکڻ گھرجي ان عمل سان ئي روح جي تازگي برقرار رھندي آھي .