واپرائيندڙ:مظهر ابڙو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

منهنجو تعارف

نالو: مظهر ابڙو والد جو نالو: منظور حسين ابڙو جنم ۽ هنڌ: 25 اپريل 1971ع ڪولاب جيئل، خيرپور. برج: ثور تعليم: ايم.اي سنڌي ادب، ايم.اي اڪنامڪس. پيشاوراڻي تعليم: ايم.ايڊ. تعليمي ادارا: پرائمري اسڪول ڪولاب جيئل، مڊل اسڪول ڪولاب جيئل، هاءِ اسڪول ميرپور ماٿيلو، ”ڪام پري هين سِو“ هاءِ اسڪول خيرپور، ”پاڪستان“ ڊگري ڪاليج خيرپور، ”شاه عبداللطيف“ يونيورسٽي خيرپور. پيشو: تعليم ۽ تدريس. ادب ۾ طبع آزمائي: ناول، ڪهاڻيون، ڪالم ۽ شاعري. شايع ٿيل ڪتاب: ٭ ڌرتيءَ تي وکريل ٽانڊا (ڪهاڻيون) ٭ خوابَ ـ کوٽا سڪا (ڪهاڻيون) ٭ جيون ـ اُجاڙ رستا (ناول) ٭ سرد خاني ۾ رکيل خوابَ (ڪهاڻيون) ٭ درد جي آس پاس (شاعري) ٭ خوابن جو سفر (ناول/ ڪٿا)

جلد شايع ٿيندڙ ڪتاب ٭ زرد خوابن جو درد (ناول) ٭ مظهر ابڙو جون ڪهاڻيون ( چونڊ ڪهاڻين جو ڳٽڪو ) ٭ درد جي آرپار (ناول) ٭ سنڌ ـ راڻي! توکي سلام ( محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت جي حوالي سان لکيل ڪالمن جو مجموعو.) ٭ منهنجي ڌرتي، منهنجا مارُو (سماجي موضوعن تي ڪالم) ماڻيل ايوارڊ ۽ اعزاز: ٭ شاه عبداللطيف ڀٽائي رح قومي صدارتي ايوارڊ پاران : پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس، اسلام آباد. ٭ شاه عبداللطيف ڀٽائي رح ايوارڊ پاران : ”ماهوار نئين زندگي“ پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ، حيدرآباد. ٭ بهترين ڪهاڻيڪار ”نسيم کرل ايوارڊ“ پاران : سنڌي ادبي سنگت، ضلعو خيرپور ٭ بهترين ڪهاڻيڪار ”اياز قادري ايوارڊ“ پاران : سنڌي ادبي سنگت، ڪولاب جيئل. ٭ بهترين ناول نگار ايوارڊ. پاران : ”ماهوار سوجهرو“ ڪراچي. ٭ بهترين ڪهاڻيڪار طور مڃتا شيلڊ. پاران : سنڌي ادبي سنگت، خيرپور.