واپرائيندڙ:محمدراشد123

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ابو حسان محمد راشد ولد محمد يعقوب اڄڻ

حافظ محمد راشد اڄڻ ڳوٺ سڪواھڻ ۾ 1994 ۾ ڄائو سندس ابتدائي تعليم ڳوٺ سڪواھڻ جي پرائمري اسڪول ۾ حاصل ڪئي پنجين ڪلاس مڪمل ڪرڻ کان پوءِ مڊل ڪلاس پڙهڻ لاءِ کھڙا شهر ۾ 2006 ۾ ھائي سيڪنڊري اسڪول ۾ سندس داخلا ورتي ۽ 2013 ۾ انٽر ھائي سيڪنڊري اسڪول کھڙا ۾ مڪمل ڪئي ۽ 2006 ۾ حفظ قرآن پنهنجي ڳوٺ جي مدرسي ۾ مڪمل ڪيو ۽ پير جو ڳوٺ جامعه راشديه ۾ 2008 ۾ حفظ قرآن جي دستاربندي ڪئي ان کان پوءِ عالم ڪورس ڪرڻ لاءِ 2008 ۾ سکر جو سفر اختيار ڪيو ۽ دعوت اسلامي جي جامعة المدينة ۾ داخلا ورتي پنج سال سکر ۾ پڙھڻ کانپوءِ 2013 ۾ حيدرآباد جامعة المدينة لاءِ تبادلو وٺي اتي ٽي سال پڙهي 2016 ۾ درس نظامي جي دستار فضيلت حيدرآباد ۾ ڪئي درس نظامي مڪمل ڪرڻ کان پوءِ ڪراچي جو سفر ڪيو ۽ 2016 ۾ دعوت اسلامي جي مرڪزي جامعه ۾ ھڪ سال تخصص في الفقه ڪيو ان کان پوءِ 2017 ۾ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اسلام آباد پاکستان جو سفر ڪيو ۽ اسلامڪ انٽرنيشنل يونيورسٽي اسلام آباد ۾ داخلا ورتي ۽ 2020 ۾ اسلاميات ۾ ايم ايس جي ڊگري حاصل ڪئي.