واپرائيندڙ:سمير مگسي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

جرم و سزا ڪتاب ليکڪ فيودر دوستووسڪي

دنيا ۾ ادب جون مختلف صنفون پڙهيون وڃن ٿيون، پر گهڻي کان گهڻي ناول واري صنف پسند ڪئي وڃي ٿي، عمومن گهڻا ماڻهون ناول ۽ ڪهاڻين کي پڙهڻ پسند ڪندا آهن، جن سان انهن جو وقت گذري، دل وندري. ڪجھ اهڙا ناول به هوندا آهن جيڪي انساني ذهن تي عجيب ڪيفيت طاري ڪري ڇڏيندا آهن، گهڻن کي زندگي جو فلسفو ته گهڻن کي زندگي جيئڻ جوڍنگ ڏيندا آهن. روسي ادب گهڻو ڪري انساني داخليت تي لکيو ويو آهي، ۽ خود انسان جي داخلي نفسيات کي سمجهڻ لاءِ روسي ادب پوري دنيا ۾ تمام گهڻو مشهور آهي. اهڙي ئي قسم جو هڪ روس جي اديب فيودردوستووسڪي جو ناول ”ڪرائم اينڊ پنشمينٽ“ آهي جيڪو هڪ وهمي انسان جي داخلي ڪيفيتن جي ترجماني ڪري ٿو. دوستووسڪي جا سڀ لکيل ڪتاب عالمي مڃتا ماڻي چڪا آهن، جنهن ۾ خاص ڪري ”ڪرائم اينڊ پنشمينٽ، دي ايڊيئٽ، گئمبلر، ۽ نوٽس فرام انڊر گرائونڊ“ جهڙا شاهڪار تخليق آهن. دوستووسڪي جي سڀني لکڻين ۾ اسان کي هن جي نجي زندگي جي پيڙائن ۽ اذيتن جو عڪس ملي ٿو، هن جي ناولن ۾ اسان کي هڪ عبوري سماجي بحرانن جي دور ۾ انسانيت جي ذلت ۽ خواري، پرماريت ۽ پيڙا جو اظهار ملي ٽو. آندري جيد جي چواڻي مطابق ته فڪشن ۾ هن جو مد مقابل ڪير به نٿو ٿي سگهي. هن جهڙي طرح فطرت جي تضادن جو ۽ اندروني خلفشآر جو جهڙي نموني نقشو چٽيو آهي ڪنهن ٻئي وٽ ڪين ملندو، روسي نامور اديب بيلنسڪي سندس لکڻين تي راءِ ڏيندي چوي ٽو ته ”سچ تو تي هڪ آرٽسٽ جيان ظاهر ٿيو آهي، اهو هڪ تحفو اٿئي ان جو احترام ڪر ۽ ان سان وفادار رھ ته تون هڪ عظيم ليکڪ بڻجي ويندي.“ هي ڪتاب پڙهندي منهنجي ذاتي راءِ اها جڙي ته خود هن تخليقار جي امنگن، جذبن توڙي احساسن کي پروڙڻ کپي. هي ناول 1865-1866ع سينٽ پيترسبرگ ۾ لکيو ويو ۽ 1866ع ۾ هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو مارڪيٽ ۾ آيو ان وقت روس اندر ادب ۾ ريئلزم هلي رهيو هيو ۽ هي ڪتاب سائيڪولاجيڪل ريئلزم تي ٻڌل آهي، هن ناول جو پلاٽ هن نموني آهي ته هن ناول جو مُک ڪردار راسڪلنيڪوف نالي هڪ نوجوان هوندو آهي جيڪو مسواڙ جي جڳھ تي رهندو آهي اهو نوجوان ايتري مفلسي جو شڪار هوندو آهي جو ان جڳھ جي مسواڙ به ڀري نه سگهندو آهي، هڪڙي ڏينهن شراب خاني ۾ ٻه شخص پاڻ ۾ ڳالهائڻ لڳندا آهن ته فلاڻي اپارٽمينٽ ۾ هڪڙي وياجي عورت رهندي آهي جنهن وٽ ايترو پئسو آهي جو انهي سان گهڻن ئي ماڻهن جا مسئلا حل ٿي سگهن ٿا، راسڪلنيڪوف هڪ ڏينهن ارادو ڪري ان عورت کي مارڻ بهاني ان جي فليٽ ۾ گهڙندو آهي، ان عورت جو قتل ڪري پئسا ڏوڪڙ ۽ ٻيا سونا زيور کڻي ماڻهن کان لڪندو پنهنجي فليٽ تي پهچندو آهي، هن جي ڪپڙن تي رت جا نشان ڏسي هو بيھوش ٿي پوندو آهي، پوليس کان بچڻ لاءِ هي ڪيترائي حۡربا آزمائيندو آهي ۽ هر دفعي انهي کان بچڻ ۾ ڪامياب ويندو آهي. پر اُن جي اندر ۾ هڪڙي آنڌ مانڌ هوندي آهي، اُن جي اندر مان اهوئي سوال اُڀرندو آهي ته چند پئسن جي لالچ ۾ آئون هي قھر ڪيئن ڪري ڇڏيو اُن دوران هن جون ملاقاتون ڪيترن ئي ماڻهن سان ٿينديون آهن ۽ ڪيترائي اڪيچار واقعا پيش ٿيندا آهن، نيٺ هڪ ڏينهن هو پاڻ کي پوليس جي حوالي ڪري پنهنجي اندر ۾ ٻريل انتشار جي ٻاھ کي وسائڻ جي ڪندو آهي، راسڪلنيوف جو پهريان اهو خيال هوندو آهي ته هو هڪ اعلي انسان ۽ قانون کان بالاتر آهي ۽ هن وياجي عورت جو قتل ڪري دنيا تي احسان ڪري ڇڏيو آهي، پر هن قتل کانپوءِ هو عجيب پاگل پن جو شڪار ٿي ويندو آهي. تخليقڪار فيودر دوستووسڪي 1849ع ۾ گرفتار ۽ 4 سالن جي سزا دوران هن جي مستقبل جي سوچن تي وڏو اثر ڇڏيو ۽ اُن دور جي ياد هميشه کيس هڪ عجيب ڪيفيت ۾ جڪڙي ۾ رکيو. ان دوران هن جو جن چورن، رهزنن ۽ خونين سان واسطو پيو تن جي نفسيات جو مطالعو ڪرڻ جو هن کي چڱو وقت مليو، هن ناول جو مُکيه موضوع اخلاقيات، جرم ۽ اُن مان ڇوٽڪارو آهي، روسي ادب ۾ هي ناول تمام اعلي حيثيت رکي ٿو..