واپرائيندڙ:سجاد بيروڪا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

راھونڊ پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي مٽياري جي تعلقي ھالا جي يونين ڪائونسل اجن شاھ جيِ ديھ سانڌاڻ جو ڳوٺ آھي. راھونڊ ڳوٺ نيشنل ھاءِ وي M5 جي ڀرسان آھي،جڏھن ته ھالا-شهدادپور روڊ به لڳي ٿو. راھونڊ تقريبن زرعي زمين تي مشتمل آهي ھتي مخدوم رفيق الزمان جو فروٽ فارم به آهي جنهن ۾ ڪيلي،انب،صوفي ٻير ۽ ڦارون جا باغ آھن، ان کان علاوه زرعي زمين پڻ آھي. ھتي تاريخي ماڳ پکا شريف به آهي جنھن کي پکن ڌڻي به چيو وڃي ٿو.