واپرائيندڙ:جيئو گرافر مرتضي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

برمودا ٽرائينگل

ھي دنيا ھڪ عجائب گھر آھي، جتي اھڙيون عجيب ۽ حيران ڪندڙ شيون ۽ مقامات موجود آھن، جنھن کي ڏسي انساني عقل دنگ رھجي وڃي ٿو، انھن عجوبن مان ھڪ عجوبو برمودا ٽڪنڊو(Bermuda Triangle) به آھي. برمودا ٽڪنڊي کي سال 1503ع ۾ جان ڊي برموڊيز(Juan De Bermudez) نالي ھڪ ھسپانوي سياح دريافت ڪيو. ھِن وقت برمودا برطانيا جي ڪنٽرول ھيٺ 300 ٻيٽن تي مشتمل ھڪ علائقو آھي، جن ۾ اڪثر ٻيٽ غير آباد آھن، صرف ويھن ٻيٽن تي انساني آبادي موجود آھي، جيڪا تقريبن 65000 ماڻھن تي مشتمل آھي. بحر اوقيانوس (Atlantic Ocean) ۾ موجود برمودا ٽڪنڊو برمودا کان شروع ٿي فلوريڊا(Florida) کان ٿيندو پورتو ريڪو(Puerto Rico) تائين ۽ پورتو ريڪو کان ٿيندو وري برمودا تائين ٽڪنڊي(Triangle) جھڙي شڪل ٺاھي ٿو. برمودا ٽڪنڊي کي شيطاني ٽڪون(Devil Triangle) به چيو ويندو آهي. برمودا ٽڪنڊي جي ٽوٽل پکيڙ ھڪ اندازي جي مطابق پنج لک چورس ميلن تائين ڦهليل آھي. برمودا ٽڪنڊي ۾ بحري ۽ فضائي جھازن جو غائب ٿيڻ جي واقعن جي حيران ڪندڙ ذڪر ورهين کان ٿيندو پيو اچي. 1800ع کان اڄ تائين تقريبن 50 کان مٿي بحري جھاز (Ships)، جڏھن ته 20 کان مٿي فضائي جھاز(Airplanes) غائب ٿي چُڪا آھن ۽ انھن جو نالو نشان اڄ تائين ناھي ملي سگھيو. جيڪڏهن اسين برمودا ٽڪنڊي ۾ غائب ٿيندڙ جھازن جي فھرست تي ٿوري نظر ڦيرايون ته سڀ کان پھريان سال 1800ع ۾ آمريڪي بحري جھاز يو ايس ايس پڪرنگ(USS Pickering) برمودا ٽڪنڊي ۾ گم ٿي ويو، ڪافي ڪوششن جي باوجود ان جھاز جو ملبو ملي نه سگھيو. ان کانپوءِ سال 1814ع ۾ ھڪ ٻيو آمريڪي بحري جھاز يو ايس ايس واسپ(USS Wasp) برمودا ٽڪنڊي ۾ غائب ٿي ويو، انھن واقعن کان بعد وري ٻيھر سال 1824ع ۾ يو ايس ايس وائيلڊ ڪيٽ (USS Wild Cat) ۽ 1918ع ۾ يو ايس ايس سائيڪلوپس(USS Cyclops) نالي بحري جهاز برمودا ٽڪنڊي ۾ غائب ٿي ويا. انھن سڀني واقعن جي باوجود برمودا ٽڪنڊي کي اصل شھرت تڏھن ملي، جڏھن ڊسمبر 1945ع ۾ آمريڪي بحريه جي (فلائيٽ-19)، جيڪا پنج تارپيڊوز بمبار جھازن تي مشتمل ھئي، جيڪا بحر اوقيانوس (Atlantic Ocean) ۾ ھڪ معمول مشق جي دوران برمودا ۾ گم ٿي وئي. ان کانپوءِ رپورٽ سامھون آئي ته ان (فلائيٽ-19 مشن) کي ڳوليندڙ طيارن(Planes) مان ھڪ پڻ غائب ٿي چڪو آھي. ان عجيب واقعي کانپوءِ برمودا ٽڪنڊو ھڪ پراسرار راز بڻجي سامھون آيو. ان کانپوءِ 3 جولاءِ 1947ع ۾ آمريڪي فضائيه جوC54 جھاز برمودا جي فضائن ۾ ھميشه لاءِ لاپتا ٿي ويو. 29 جنوري 1948ع ۾ چار انجڻ وارو اسٽارٽا ٽائيگر نالي طيارو 31 سوارن سميت غائب ٿي ويو ۽ اڄ تائين ان جي ڪنھن کي خبر نه پئجي سگھي. 17 جنوري 1949ع ۾ اسٽار ايريل نالي طيارو برمودا ٽڪنڊي جو شڪار بڻيو. مارچ 1950ع ۾ گلوب ماسٽر (Globe Master) نالي آمريڪي طيارو پنھنجي مسافرن سان برمودا کان گذريو ۽ پنھنجي منزل تائين نه پھچي سگھيو. 11 جنوري 1967ع ۾ YC122 نالي طيارو 14 ماڻھن سميت برمودا ٽڪنڊي ۾ لاپتا ٿي ويو. ڊسمبر 1967ع ۾ وچ ڪرافٽ (Witch Craft) نالي بحري جھاز ان خطي ۾ غائب ٿي ويو. جنھن جو وزن ويھ ھزار ٽن ھو. مئي 1968ع ۾ مشھور آمريڪي آبدوز اسڪارپين (Scorpion) 99 فوجين سميت برمودا ۾ غرق ٿي ويو. ھيءَ چند مشھور اُھي حادثا آھن، جيڪي برمودا جي سامونڊي ۽ فضائي حدن ۾ پيش آيا. ان کان علاوه به وڌيڪ حادثا موجود آھن، جنھن جو ذڪر ناھي ڪيو ويو. برمودا ٽڪنڊي تي ھزارين آرٽيڪلس لکيا ويا ۽ پڻ بحث مباحثا ٿي چڪا آھن ۽ عجيب و غريب ڪھاڻيون به مشھور آھن، ھر مذھبن پنھنجا پنھنجا نظريا پيش ڪيا، ڪنھن جي چوڻ جي مطابق خدا تعاليٰ انسان کي ان خطي ۾ وڃڻ کان روڪيو آھي ته ڪنھن وري برمودا ٽڪنڊي کي فرشتن جي گذر گاھ واري جڳھ ٺاھي پيش ڪيو ۽ ڪنھن وري ان خطي ۾ دجال جي موجود ھجڻ جو نظريو پيش ڪيو. جيڪڏهن برمودا ٽڪنڊي جي باري ۾ سائنسدانن جي ڪوششن کي ڏسون ته ڪيترن ئي سائنسدانن پنھنجا مختلف نظريا ۽ بيان پيش ڪيا آھن. سال 2016ع ۾ ڪولوراڊو يونيورسٽيءَ جي سائنسدانن رپورٽ پيش ڪئي ته ان خطي جي مٿان ڦھليل ڇھن ڪنڊن وارا ڪڪر(Clouds) ممڪن طور تي انھن بحري ۽ فضائي جھازن جي غائب ٿيڻ جو سبب بڻجن ٿا. انھن سائنسدانن جي چوڻ جي مطابق اھي ڪڪر 65 ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان گھلندڙ ھوائون پيدا ڪن ٿا، جيڪا ”ھوائي بم“ جي طرح ڪم ڪري مٿان ترندڙ ۽ اڏامندڙ جھازن کي ھيٺ ڪيرائي ٿي ڇڏي. ان کانپوءِ ساڳي سال ۾ برمودا ٽڪنڊي جي حوالي سان ناروي جي آرڪٽڪ يونيورسٽيءَ جي ڪجھ سائنسدانن پنھنجو خيال پيش ڪيو ته برمودا ٽڪنڊي ۾ موجود ميٿين گئس(Methane Gas) جي موجودگي انھن واقعن جو سبب ٿي سگھي ٿي. انھن جي چوڻ جي مطابق ميٿين گئس جي اچانڪ ٻاھر نڪرڻ جھازن لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي سگھي ٿي ۽ ان جي سبب جي ڪري طيارا ۽ بحري جهاز غائب ٿين ٿا، ڇو جو ھي گئس ھوا ۾ شامل ٿي طوفاني حالت پيدا ڪري ٿي. جنھن جي وجھ سان جھاز غائب ٿين ٿا. ان کان پوءِ سال 2017 ۾ ھڪ آسٽريلوي سائنسدان ڪارل ڪروزيلنڪي (Karl Kruszelnicki) دعوا ڪئي ته ان سامونڊي حد ۾ متعدد بحري ۽ فضائي جھازن جو بغير ڪنھن نشان ملڻ جي غائب ٿيڻ جي پويان خلائي مخلوق (Aliens) يا ائٽلانٽس جي گمشدہ شھر جي فائر ڪرسٽلس جو ھٿ ناھي، بلڪہ خراب موسم جو نتيجو ٿئي سگھي ٿو. اگر عام طور تي ڏٺو وڃي تہ دنيا ۾ ھر جڳھ ان طرح سان بحري ۽ فضائي جھاز ايتري تعداد ۾ ئي غم ٿين ٿا. ان جي چوڻ جي مطابق برمودا ٽڪنڊو پنج لک اسڪوائر ميلن جي رقبي تي ڦهليل آھي ۽ ان خطي ۾ تمام گھڻي سامونڊي آمدورفت (Traffic) ٿئي ٿي. اگر توھان برمودا ٽڪنڊي ۾ غائب ٿيندڙ جھازن جي تعداد تي غور ڪيو ته اھو نتيجو نڪرندو ته ٻين سامونڊي خطن جي مقابلي ۾ ان ۾ ڪجھ به غير معمولي ناھي. برمودا ٽڪنڊي جي مطلق سال 20188 ۾ برطانيه جي سائوٿ ھيمپٽن يونيورسٽيءَ جي سائنسدانن خيال پيش ڪيو ته برمودا ٽڪنڊي جو راز ان خطي ۾ موجود 100 فٽ بلند ۽ تيز لھرن ۾ لڪيل آھي. تحقيقي ٽيم ان ڳالھ کي ليبارٽري ۾ تجربا ڪري ثابت بہ ڪري ڏيکاريو. اڄ جي ھن ماڊرن دؤر ۾ بھتر سائنسي اوزار (Instruments) ۽ سيٽلائيٽ نيويگيشن جي مدد سان جھازن جي ٻڏڻ جا واقعا ھاڻي نه ھجڻ جي برابر آھن. برمودا ۾ غائب ٿيندڙ اڪثر طيارا ۽ بحري جھازن جو تعلق آمريڪا ۽ برطانيه سان آھي.

مگر ٻئي طرف سوال اھو گردش ڪري رھيو آھي تہ اگر ڪڪر يا لھرون (Waves) بحري ۽ فضائي جھازن جي تباھي جو سبب بڻجن ٿيون ته انھن غائب ٿيندڙ جھازن جي ڍانچي جا ملبي جو نشان ڇو نٿو ملي؟
۽ ان جو جواب اڄ تائين سائنس به حل ناھي ڪري سگھي. ان ڪري برمودا ٽڪنڊو اڄ جي دؤر ۾ ھڪ پراسرار راز بڻيل آھي.