واسينگ نانگ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
نيويگيشن ڏانھن ٽپ ڏيو ڳولا ڏانھن هلو

Equatrorial-spitting-cobra 001.jpg

واسينگ نانگ: ڪارو واسينگ نانگ سڀني کان وڌيڪ زهري آهي. هي ست – اٺ فوٽ، بلڪ وڌيڪ به ڊگهو ٿيندو آهي. شاھ لطيف چيو آهي ته "نانگ جو ماڳ يا وطن اَريج (جنهن ۾ ريج نه هجي) يعني ٿر آهي. اهي اهرآ زهري آهن جو انهن جو زهر جي رنگ ٻين علائقن جي نانگن جي زهر کان اصل نرالو آهي. ٿري نانگ اهڙا ته زهريلا آهن جو مري وڃڻ بعد جو سندن هڏن جو ڇڄرو بچندو آهي، ان مان ڪنهن ڪنڊي تي جي پير اچي ويو ته اهو ڪنڊو به وڄائي ڇڏيندو." اُن کي وِس ڪنڊ چوندا آهن. اصل ڄڻ نانگ ڏنگيو هجي. اهڙا اتفاق ٿيا آهن جو پڃري جي ڪنڊي لڳڻ جي ڪري ماڻهوءَ تي زهر چڙهي ويندو آهي ۽ بعضي ماڻهو مريو به وڃن[1].

واسينگ جي ڇيڙ نه ڪبي ته ڪاهي ڪونه ايندو، ماٺ ڪري پنهنجي واٽ وٺي هليو ويندو. پر جي کُٽي کنيل ڇيڙ ڪئي ته اوڏيءَ مهل ئي اهڙو چڪ هڻندس جو ڪليک ماڻهو اُتيئي ٺُپ يا ٿوري وقت اندر مري ويندو. پر جيڪڏهن قسمت سان بچي به ويو ته زهر جي اثر لهي وڃڻ کان پوءِ بُت ۾ خوش نه گذاريندو. ڪارو نانگ جيتوڻيڪ خطرناڪ آهي پر ان سان گڏ ماڍيڻو به آهي. ڪڏهن ڪڏهن ڦڻ ڪڍي ويهي جهولندو آهي. چون ٿا ته ان حالت ۾ چڪ هڻي نه سگهندو آهي ڇو ته وات پٽجي نه سگهندو اٿس. واڄي تي مست آهي، مرليءَ جي آواز تي موج ۾ اچي ويندو آهي ۽ سڌٻڌ وڃائي ڦڻ ڪڍي ويهي جهولندو آهي. ان مهل جوڳي کيس جهلي پاڻ وٽ ڇاٻڙي ۾ وجهي رکندا آهن ۽ در در تي مرليءَ جي واڄي تي جهولائي پنندا وتندا آهن. نه رڳو واسينگ پر لُنڊي يا ٻئي سَپ جا کاڌل جيڪي بچي پوندا آهن سي پوءِ به بُت ۾ خوش ڪونه گذاريندا آهن. نانگ بلا کاڌي کڻي پنج – ست سال ٿي وڃن پر جنهن ڏينهن ٿوري گهُٽ (گرمي) ٿيندي تنهن ڏينهن انهيءَ ماڻهو کي مٿي ۾ سخت سور پوندو جنهنڪري سر ۾ چڪر ۽ ڀَماٽِ پيئي ايندس ۽ مٿو پيو ڦرندس، دل ڪچي پئي ٿيندس، اندر ۾ اوهمو (آنڌمانڌ) ٿيندس. جڏهن هوا ڇوت لڳندي يا وڃڻو هڻبس تڏهن وڃي مس سوهمو ٿيندس. مور پکي نانگ جو دشمن اهي. مور نانگ کي پڇ کان جهلي مٿي اُڏامي ڳڍ اُتاهينءَ تان هيٺ ڦٽو ڪندو آهي. ائين ٻه چار ڀيرا هيٺ سَٽڻ سان مريو وڃي، پوءِ کائي ڇڏيندو آٿس. زهر مٿس ڪوبه اثر ڪونه ڪري. پر ڪي نانگ اهڙا زهريلا ۽ خطرناڪ آهن، جن کي مور پکي به ويجهو ڪونه وڃي. ٿري ماڻهو مور جا کنڀ پنهنجن گهرن ۾ رکي ڇڏيندا آهن، کين يقين آهي ته انهيءَ ڪري نانگ گهر ۾ ڪونه ايندو. نانگ جو ٻيو وڏو دشمن ڄاهو آهي. اُن جي بُٽ تي ڪنڊا ٿيندا آهن، هو نانگ جي پڇ ۾ چڪ پائي مُنهن اندر ڪري ڇڏيندو آهي. نانگ ڪاوڙ مان مٿس ڦڻ هڻندو آهي ته ڪنڊن سان زخمي ٿي پوندو آهي. اهڙيءَ طرح ڦڻ هڻي هڻي نيٺ اَرڇَٽ ٿي مري ويندو آهي[1].[2]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  2. "ڪارو نانگ | Online Sindhi Dictionaries | آن لائين سنڌي ڊڪشنريون". dic.sindhila.edu.pk. حاصل ڪيل 2020-03-16.