هيڪڙائي جو راز

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

هيڪڙائي جي راز کي هن تمثيل جي ذريعي ڏاڍي سولائي سان ٿورن لفظن ۾ سمجهي سگهجي ٿو. جيڪڏهن اوهان هڪ ٽڪريءَ جي هيٺان بيٺا هجو، ته اتان اوهان کي هڪ ئي رستو ڏسڻ ۾ ايندو، جيڪو ٽڪري تي مٿي وڃي رهيو هوندو. پر جيڪڏهن اوهان ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي چڙهي وڃو ۽ ان جي چئني پاسن ڏانهن نهاريندؤ ته اوهان کي اهو نظر ايندو ته ٽڪريءَ جي هر پاسي کان رستا ئي آهن ۽ اهي سڀئي الڳ الڳ هئڻ جي باوجود هڪ ئي اوچائي تي پهچن ٿا. [1]