هو وطن جو واهرو هيو
25- 4 -2020 غفار ميرجت مضمون هو وطن جو واهرو هيو
تاريخ شاهد آھي ته قومن کي سڌي راھ ڏيکارڻ لاء اهڙا ته با ھمت با ضمير انسان پيدا ٿيندا رهيا آھن, جن پنهنجي سچائي بهادري ڏاهپ سان دنيا جي سمورن قومن تي پنهنجا اثر ڇڏيا آھن, مثال فيڊرل ڪاسترو, چي گويرا, نيلسن منڊيلا,مائوزي تنگ, سميت ڪيترا انقلابي اڳواڻ پيدا ٿيندا رهيا آھن جن پنهنجي قومن ۾ سڄاڳي آندي, ۽ وطن سان محبت جا درس ڏنا,حملي آورن, لٽيرن,غاصبن سان مھاڏا اٽڪايا, جنهن ڪري اهي قومون اڄ آزاد حيثت ۾ رهن پيون, ايئن ئي سنڌ جي مٽي مان به انيڪ بهادر وطن پرست انسان پيدا ٿيندا رهيا آھن, جن پنهنجي دئور جي فرئونن سان مهاڏا اٽڪايا , پوء ڪٿي ڪنهن کي وطن جي راھ ۾ سر ڪٽائڻو پيو, ته ڪٿي گهاڻي ۾ پيڙھجڻو پيو آھي, ته وري ڪٿي سولي جو سينگار بڻجڻو پيو آھي, ڪن ته وري دشمنن جي سرن جا لابارا ڪري قوم جو ڪنڌ اوچو ڪيو آ, ان دئورن ۾ قاضي قادن ۽ چنيسر جهڙا دلال به پيدا ٿيندا رهيا آھن, پر وري انئي دوئر ۾ سنڌ جي ڪُک مان دودو سومرو دولھ دريا خان شاھ لطيف, شھيد شاھ عنايت, مخدوم بلاول, سائين جي ايم سيد جهڙي ارڏي سچي انسانن به جنم ورتو آھي, توڙي جو تڪليفون ٻين اڳواڻن به ڏٺيون آھن سنڌ خاطر دشمنن سان ويڙھ ۾ پنهجا خاندان ڪهايا آھن پر سائين جي ايم سيد جنهنجو پورو نالو (غلام مرتضى) هيو, ان جي سنڌ لاءِ جاني توڙي مالي قربانين جو به تمام وڏو داستان آھي, عظيم انسان ڄمڻ کان وٺي ساھ جي آخري هڏڪي تائين ايتري قدر ڏک ڏٺا جو آخري ساھ به نظري بندي دوران 25 اپريل 1995 ۾ جناح اسپتال ۾ کنيو، جنهن کان پوءِ اهو روح حقيقي مالڪ سان وڃي مليو, اهي اکيون هميشه لاءِ ٻوٽجي ويون, جن سنڌ کي آزاد حيثت ۾ ڏسڻ پئي چاهيو، ان وقت ڇا ڪيفيت هوندي, ان اڳواڻن توڙي ڪارڪنن جي, جن لاء ھي نيڻ سن شھر ۾ سدائين انتظار ۾ ھوندا ھيا، سائين جي ايم سيد هڪ وقت رهبر به هيو, ته ماءُ وارو ڪردار ادا ڪندڙ ڪارڪن جي سار سنڀال لهندڙ اڳواڻ به هيو، ڇو ته جڏھن ڪارڪنن سندس ڏنل نظريي جي جهر جهنگ پرچار ڪري اڌ رات جو حويلي تي پهچندا هوا, ته ان وقت هي ضعيف انسان هنن جي ميزباني لاء پاڻ انتظار ۾ ويٺو هوندو هيو، ۽ ڪارڪنن کان پڇندو هيو,ته ماني کائيندئو, اهي ڪارڪن اهو سمجهي انڪار ڪندا هيا, ته ڪافي دير پهتا آھيون,هن اويلي ٽائيم سائين کي ڪهڙي تڪليف ڏيون, پر سائين پوء به ماني کڻي اچي هنن جي اکيان رکندو هيو, ۽ چوندو هيو ته مونکي توهان جي چهري مان نظر پيو اچي, ته توهان بک تي آھيو, ۽ جڏھن اهي ڪارڪن ماني کائي سمهي پوندا هيا, تڏھن به سائين جاڳندو هيو, اگر ڪنهن مٿان ڪا چادر يا رلي لهي به ويندي هئي, ته هو اها رلي چادر انهن مٿان ٺاهي وجهندو هيو, هن جو اهڙو پيار ڏسي, اهي ڪارڪن ۾ سدائين (شاھ صاحب ) جو هي شعر گنگنائيندا هيا,
هڻڻ هڪلڻ ٻيلي سارڻ مانجهائين مرڪ وجهن ڪانه فرق رڪ وهندي راھ ۾!
سائين تبعت جي ناساز هجڻ باوجود به ڪڏھن,هيڻائي نه ٻولي, سائين سنڌ جو واحد قومي ليڊر هيو, جنهن زندگي جا 32 سالن کان مٿي,عرصو يعني اڌ عمر سنڌ وطن جي آزادي ۽ قوم جي خوشحالي خاطر جيلن ۽ نظربندين ۾ گذاري, سائين جي ايم سيد جڏھن پارليامينٽ جي سياست ڪندو هيو, ته سنڌ جا سمورا سردار, جاگيردار, مير پير, گڏ هيا, پر جڏھن سائين سنڌ جي علحدگي جي ڳالھ ڪئي ته, هن کي اهي سڀ ڇڏي ويا, پرسنڌ جا بهادر سچا ساٿي قومي ورڪر هن سان گڏ بيٺا, توڙي جو انهن ڪارڪنن به سدائين ٽارچر سيلن ڪوڙن ۽ جيلن جو عزيئتون برداشت ڪيون, پر پنهنجي رهبر سائين جي ايم سيد جو ساٿ نه ڇڏيو, ڪي ته وري چند ٽڪن تي وڪامجي ويا, انهن عظيم اڳواڻ سائين جي ايم سيد جي نظريي کي سائين جي حال حيات هوندي ئي ڇڏيو,
جڏھن ان مفاد پرستن شهرت جي بکين. سائين کان سياسي راهون الڳ ڪيون ته سائين اهي لفظ چيا ته جيڪو جيترو هلي سگهيو, هرڪو پنهنجي حصي جو ڪم ڪري, تڏهن ته شاھ صاحب چيو آھي,
سولي آ سينگار اصل عاشقن جو مرڻ موٽڻ مھڻو ٿيا نظاري نروار ڪسڻ جو قرار اصل عاشقن جو، واقعي سائين اهو سنڌ جو عاشق هيو, جنهن پنهنجي جان کان وڌيڪ پنهنجي وطن کي اھميت ڏني هن جا ارادا کيرٿر جبل کان اوچا هيا, ۽ هن جو ضعيف جسم به ڪارونجهر جبل کان وڌيڪ مظبوط هيو, هن جي دل ۾ سدائين غريب مسڪين ماروئڙن جي خوشالي واري حب هئي , هن جي زهن ۾ وطن جي آزادي جو ارادو اهڙو ته مظبوط هيو جيئن ماروي کي عمر جو ڪُوٺ ڪيرائي مارن سان ملڻ جو يقين هيو, جيئن سسئي ٿر بر جنهگلن پهاڙن ۾ پنهون خاطر نڪتي هئي. ايئن ئي هن به قوم کي سڄاگي ڏيارڻ لاء ڏينهن رات هڪ ڪيو, هو آزادي جو ايترو پياسو هيو جيئن ٿر ۽ ڪاڇو پنج سال بارش نه پوڻ سبب پاڻي لاء پياسو هوندو آھي, سائين جي هر هڪ لفظ ۾ سچائي بيان ٿيل آھي, جڏھن جابراڻو دئرو هيو تڏھن سائين جي ايم سيد (سنڌو ديش ڇو ۽ ڇالا ) جهڙو ڪتاب لکي زاتين ۽ پاڙن ۾ ورهايل قوم کي اهو پيغام ڏنو ته سنڌي شاهوڪار تاريخي طور تي قوم آھي, ۽ سنڌ انهن جو تاريخي وطن آھي, جڏھن ماڻھو اڪثر مفاد پرست پيرن جي پويان هيا, اڪثر ماڻھو مذھب جو ٺيڪدار انهن اڻ پڙھيل جاهلن کي سمجهڻ لڳا ته ان وقت سائين! (جيئن ڏٺو آ مون ) جهڙو ڪتاب لکيو, توڙي جو سائين تي اهو ڪتاب لکڻ کان پوء ڪجهه رياست جا پگهاردار مذھبي اڳوڻ ڪاوڙجي پيا, ۽ سائين جي خلاف ڪفر جون فتوائون جاري ڪيائون, ته وري ڪجهه پڙھيل لکيل عالمن اهو ڪتاب پڙھڻ کان پوء اهو چيو ته ڪتاب لکندڙ جي ايم سيد وڏو عالم آ. ان عالم خلاف اسان فتوا جاري نٿا ڪري سگهون, واقعي به سائين جي ايم سيد تمام وڏي انقلابي اڳواڻ ھجڻ سان گڏ, وڏو عالم ليک هيو, سائين 52 جي لڳ ڀڳ ڪتاب لکيا, جن ۾ مشھور ڪتاب ڪن جو ذڪر مٿي ڪري آيا آھيون, ڪن جا نالا هي آھن! سنڌ ڳالهائي ٿي, سنڌوءَ جي ساڃاھ ، درياءِ دل داستان, پيغام لطيف, سنڌ جا سورما سميت ٻيا ڪيترائي ڪتاب شامل آھن, سائين جي ايم سيد سڀ ڪتاب وقت جي حالاتن آھر لکيا آھن, مثال جڏھن شاھ عبدالطيف (ڀٽائي) کي ماڻھو پُٽ ۽ ڌيءُ ڏيندڙ پير ڪري مڇيندا هيا, ان وقت سائين (پيغام لطيف)
ڪتاب لکي سنڌي ماڻھن کي سمجهايو ته لطيف سائين پُٽ ڏيندڙ پير نه پر وڏو انقلابي شاعر آهي،
شاھ صاحب جون هي سٽون ظالمن لٽيرن لاءَ ئي آھن, متو آھين مڇ ٿولها ٿو ٿونها هڻي تو جا ڀائي اَڇ تنهن پاڻي پنا ڏينهن! جڏھن مذھبي عالم محمد بن قاسم کي هيرو پيش ڪري رهيا هيا, تڏھن سائين ( سنڌ جا سورما) ڪتاب لکي دودو سومرو, راجا ڏاهر, دولھ دريا خان, مخدوم بلاول, شهيد شاھ عنايت, سورھ بادشاھ , کي سنڌ جو هيرو ڪرار ڏنو, ۽ سائين واضعي لکيو آھي ته راجا ڏاهر سنڌ جو هيو, هو ڌاري, حملي آور, محمد بن قاسم سان سنڌ وطن جي دفعا خاطر وڙھندي شھيد ٿيو, ان ڪري اسان سنڌين جو هيرو راجا ڏاهر آھي, اڄ هي سائين جي ايم سيد جي پهرين ورسي آھي ته عالمي وبا گرونا وائرس جي ڪري سيد جي فڪر سان سلهاڙيل سڀني پارٽين سائين جي ورسي جا جلسا ملتوي ڪيا آھن, پر ان کان اڳ به سائين جي ايم سيد جي نظريي تي هلندڙ جيڪي پارٽيون آھن انهن تي ڄڻ ته اڻ سڌي طرح پابندي مڙھيل آھي,ڪيترن ئي اڳواڻن کي ۽ ڪارڪنن کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو آھي، ڪيترن کي باھ ڏئي ساڙي رک ڪيو ويو,ته وري ڪن کي زهر جو پيالو پيئاري هميشه لاء موت جي ننڍ سمهاريو ويو آھي, ۽ اڃان تائين به ڪيترائي اڳواڻ توڙي ڪارڪن کنڀي گم ڪيا ويا آھن، پر پوءِ به ڪارڪنن ۾ ڏينهو ڏينهن واڌارو ٿيندو پيو وڃي هونءَ به چوندا آھن, سوڀ ھميشه سچ جي ٿيندي, ۽ اها سوڀ نظر اچي پئي,عالمي حالتون ڏينهو ڏينهن تبديل ٿينديو پيون وڃن, ان ڪري اسان کي يقين آھي, ته سنڌ وري آزاد ۽ خوشال ٿيندي اڄ به جيڪي ڪارڪن ان خوف واري ماحول ۾ به جان جوکي ۾ وجهي سن پهچي پنهنجي رهبر کي پيٽا پيش ڪرڻ آخري آرام گاه تي سيس نوائڻ ۽ اهو وچن ورجائڻ پهتا آھن ته اهي عظيم رهبر اسان اڄ توکي سلام پيش ڪرڻ آيا آھيون ته تو اسان کي حق جي راه ڏسي اسان اڄ به تنهنجي ڏسيل واٽ هلندي سنڌ ۽ سنڌي قوم جي آزادي ۽ خوشحالي لاء ميدان عمل ۾ آھيون! رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد کي 25 هين ورسي جي موقعي تي خراج پيش ٿا ڪريون!
غفارميرجت03003389323 ghaffarmirjat441@gmail.com