هولو گرام ٽيڪنالوجي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ھولوگرام ٽيڪنالوجي يا ھولوگرافي


اوهان سائنس فڪشن فلمون تہ ڏٺون هونديون جنھن ۾ آئرن مين جون فلمون بہ ڏٺيون هونديون جنھن ۾ نہ صرف هڪ لوھ جي سوٽ جا ڪارناما ان ۾ ڏٺا هوندا پر ٽوني اسٽارڪ طرفان ھولو گرام ٽيڪنالاجي ۽ جاسوسي جو استعمال ڪيو ويندو آهي جيڪو فلم کي هڪ سائنس فڪشن کان ڪجهه وڌيڪ ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي جيئن تہ ھولو گرافي ٿري ڊي تصوير کي ئي چئبو آهي پر ڇوجو اڄڪلھ ڪجهه ماڻھو ست ڊي استعمال ڪندا آهن تہ اهو چيو ويندو تہ ان فلم ۾ ست ڊي هولو گرافڪ ٽيڪنالوجي جو استعمال ڪندي ڏيکاريو ويو آهي تہ غلط نہ ھوندو

پر هي ھولوگرام يا ھولوگرافي آخر ڇا هوندي آهي ۽ ڪيئن ڪم ڪندي آهي

سڀ کان اڳ ھولوگرام يا ھولوگرافي جي باري ۾ ڄاڻڻ کان پهريان سمجھو ٿا تہ اسان ڪنھن شيء کي ڏسي ڪيئن سگھندا آهيو ڇوجو انجو واسطو ڏسڻ سان ئي آهي اسان ڪنهن شيء کي تڏهن ڏسي سگهندا آهيون جڏهن لائٽ ريفليڪٽ ٿي ڪري اسانجي اکين تائين ايندي آهي بنا روشني جي اسان ڪنھن شيء کي ناهيون ڏسي سگھندا انڪري جڏهن اوهان ڪنھن اونڌاهي واري جڳھ تي ويندا آهيو تہ اتي اوهان ڪنھن بہ شيء کي ناهيو ڏسي سگھندا  

ھولو گرافي کي 1940ع ۾ هنگرين ڊينس گيلبر نالي سائنسدان ايجاد ڪيو جنھن جي ڪري سندن کي 1971ع ۾ نوبل پرائز بہ ڏنو ويو انکان پوءِ ان ۾ اڳڀرائي تڏهن آئي جڏهن 1960ع ۾ ليزر ايجاد ٿيو ڇوجو ھولو گرافي بہ ليزر تي ئي ڪم ڪندي آهي جنھن ۾ ليزر بيمز جو ڪجهه ان طرح سان استعمال ڪيو ويندو آهي جو ان مان هڪ هلندڙ ڦرندڙ ٿري ڊي تصوير ٺهي ويندي آهي جنھن کي اوهان ڪيترين ئي فلمن ٽي چينلن ۾ ڏٺو هوندو ربورٽ روشني جي شڪل ۾ پاڻ کي ظاهر ڪندو آهي ۽ ڳالھ ٻول پڻ پر انجي آر پار بہ ڏيکاربو آهي جنھن ۾ هٿ آر پار  بہ ٿي ويندو آهي اها هڪ ٿري ڊي تصوير هوندو آهي جنھن کي ڪمپويٽر اندر ريڪارڊ ڪيو ويندو آهي ۽ اها اهڙي وقت پوڻ تي ليزر بيمز جو استعمال ڪري ظاهر ڪندو آهي ۽ پنھنجو مقصد حاصل ڪندو آهي يعني روشني کي ان طرح بند ڪيو ويندو آهي ۽ رفليڪشن جي قانونن کي استعمال ڪندي روشني کي ائين موڙيو ويندو آهي جو اها هڪ اهڙي تصوير ٺاهي ڇڏيندي آهي جيڪا حقيقت جي ويجھو هوندي آهي

هاڻي ھولو گرافي جو مطلب ڇا آهي ھولو مطلب هول يا سوراخ ۽ گرافي جو مطلب آهي سولي اکرن ۾ ڪنھن جڳھ ڪمري مان ورتل ڊيٽا کي ريڪارڊ ڪري رکي ڇڏڻ ۽ واپس انھي سوراخ يا ڪمري مان ڏسڻ، هاڻي ان مان مراد پروجيڪٽر مان بہ ورتي وڃي سگھجي ٿي پر پروجيڪٽر ون ڊي يا ون ڊمنشنل هوندو آهي يعني انکان نڪرڻ واري روشني کي صرف سامھون کان ئي ڏسي سگهجي ٿو پر ھولو گرافي ٿري ڊي تصوير ٺاھيندي آهي جنھن سان سامھون کاٻي ساڄي پاسي کان ڏسڻ اها هڪ جهڙي تصوير پيش ڪندي آهي يعني جيڪڏهن انسان ھولو گرافي جو استعمال ڪري ٿو تہ اهو سامھون کان نظر اچڻ سان گڏوگڏ انجو جسم پويان ۽ کاٻي ساڄي پاسي کان بہ نظر ايندو. هاڻي ھولو گرافڪ تصوير ورتي ڪئين ويندي آهي تہ ان جي لاءِ عام ڪيمري جيان ليزر جو استعمال ناهي ڪيو ويندو ۽ نہ ئي جنھن شي جو ھولو گراف ايمج ورتو ويندو آهي ڊائريڪٽ ان تي ليزر وڌو ويندو آهي بلڪ ان ۾ روشني مختلف فريمز کان گذري ڪري سبجيڪٽ جي تصوير وٺندي آهي پهرين مرحلي ۾ روشني ليزر مان نڪري ڪري هڪ ريفرينس فريم ٺاھيندي آهي جنھن لاءِ سبجيڪٽ کي وچ ۾ بيهاريو ويندو آهي جڏهن تہ سبجيڪٽ جي ٻئي فريم سبجيڪٽ بيم جي نالي سان ٺهندو آهي پوءِ هي روشني رفليڪٽ ٿي ڪري سبجيڪٽ تي پوندي آهي ۽ آخر ۾ ٽيون فريم ٺهندو آهي جنھن ۾ ان سبجيڪٽ جي حرڪتن کي ريڪارڊ ڪيو ويندو آهي يا ائين چئجي تہ ٽين فريم ۾ سبجيڪٽ جو عڪس ٺهي ويندو آهي

ائين هڪ ٿري ڊي تصوير ٺھي ويندي آهي جيڪا سبجيڪٽ جون سڀ خاصيتون گڏ ڪيل هوندي آهي هاڻي جڏهن بہ چاهيندي ان تصوير کي واپس هلائي ڪري ان سبجيڪٽ کي پنھنجي سامھون محسوس ڪري سگھجي ٿو جهڙو اهو اوهان سان گڏ ئي هجي پنھنجي اصل حالت ۾ انکان سواءِ ڪمپويٽر جي طرف بہ ھولو گرافڪ ايميجز ٺاهيون وينديون آهن جيئن ڪنھن جانور يا مشين کي ھولو گرافي، ان ٽيڪنالوجي جي فائدن جي ڳالھ ڪئي وڃي تہ انجا ڪيترائي فائدا آهن جيئن چين پاران ان تي ڪيترا ئي ٽيسٽ ڪيا ويا هئا جنھن ۾ انھن زميني مٿاڇري ڏا هڪ هلندڙ شهر ڏيکاريو هيو

ھولو گرافي جو استعمال اسپيس مشنن ۾ ڪري سگھجي ٿو جنھن سان تصويرن کان سواءِ وڊيو کان سواءِ ٻين سيارن جي خيالن کي زمين تي ويهي ڪري ڏسي سگهجي ٿو ۽ ٻين ڪيترين شين تي پڻ جيئن مختلف ڪمپنيون ھولو گرام موبائل فون پڻ ٺاهي رهيون آهن

#Hologram #Holographic Group #ScienceJeDuniya Page #ScienceJeDunya