هندي وڏي سمنڊ ۾ برطانيائي علائقو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

هندي وڏي سمنڊ ۾ برطانيائي علائقو يا برٽش انڊين اوشين ٽيريٽري (Biritish Indian Ocean Territory - BIOT) اصل ۾ هندي وڏي سمنڊ ۾ چارلس ٻيٽن، جي نالي وارو انڊونيشيا جي ڀرسان برطانيائي قبضي هيٺ آيل علائقو، جيڪو 60 چورس ڪلوميٽرن تي پکڙيل آهي. انهن مان گهڻو مشهور ٻيٽ ”ڊيگو گارشيا“ آهي، جتي آمريڪي ۽ برطانيائي فوجي اڏا آهن. اتان مڪاني ماڻهن کي ڪڍي 4 هزارن جي تعداد ۾ فقط آمريڪي ۽ برطانيائي فوجي رکيا ويا هئا. 1965ع ۾ هندي وڏي سمنڊ ۾ پنهنجن مفادن جي حاصلات ۽ بچاءَ لاءِ برطانيائي ۽ آمريڪي سرڪارن فوجي اڏا قائم ڪرڻ ۾ هڪ ٻئي سان سهڪار ڪيو، جنهن کي BIOT جي مخفف سان ياد ڪيو وڃي ٿو.[1]

حوالا[سنواريو]