هما ڀاڀا
هما ڀاڀا جو جنم 1962 تي ٿيو [1] هوءَ هڪ پاڪستاني نسل جي آمريڪي شهري آهي جيڪا مجسما ٺاهيندي آهي ۽ هيءَ نيويارڪ جي شهر پوفيڪسي ۾ رهندي آهي.[2] هيءَ پنهنجي علامتي شڪلين جي لاءِ سڃاتي ويندي آهي. هما ڀاڀا اڪثر پنهنجي مجسمن ۾ ان مواد جو استعمال ڪندي جنهن ۾ اسٽائرو فوم، ڪارڪ، رٻڙ، ڪاغذ، تار ۽ مٽي شامل آهي. هيءَ ڪڏهن ڪڏهن ٻين ماڻهن جي ڏنل شين کي پنهنجي فن پارن ۾ شامل ڪندي آهي.[3] جهڙي ريت هن پنهنجا ڪيترن ئي مجسمن ۾ ڪانسي جو استعمال ڪيو آهي. هيءَ ڪاغذ تي پڻ پنهنجو ڪم ايتري ئي مهارت سان ڪندي آهي، هي پينسل ڊرائنگ، فوٽو گرافي ۽ ٻئي پرنٽ ايڊيشن پڻ ٺاهيندي آهي. [4]
شروعاتي زندگي ۽ تعليم
[سنواريو]هما ڀاڀا جو جنم ڪراچي، پاڪستان ۾ ٿيو هيو، سندس پيءُ هڪ فنڪار هيو پر هيءَ پروفيشنل طور ڪم ناهي ڪندي. هما ڀاڀا جو گهر فن جي ڪتابن سان ڀريل هجي ٿو، جيڪي سندس ڪيترا ئي پروجيڪٽس ۾ مدد ڏيندا اٿس. هاءِ اسڪول کان ئي هما ڊرائنگ ۽ پينٽنگ ڪرڻ شروع ڪئي ۽ هڪ پيشيور آرٽسٽ بڻجڻ جي باري ۾ سوچڻ شروع ڪيائين.[5]سال 1981 ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ هيءَ آمريڪا جي سفر تي هلي وئي، ڀاڀا B.F.A. رهوڊ آئلينڊ اسڪول آف ڊزائن (1985) ۾، مصوري جا ڪلاسز وٺڻ جي لاءِ گڏوگڏ پرنٽ ميڪنگ ۾ پڻ ڪم ڪيو.[5] [6] اتان کان پڙهي نڪرڻ کانپوءِ، هيءَ ٻن سال کانپوءِ پاڪستان واپس موٽِي آئي. سال 1986 ۾ سندس پيءٌ جي مرڻ کانپوءِ، هي آمريڪا ڏانهن واپس هلي وئي ۽ ڪولمبيا يونيورسٽي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ سروع ڪيائين، جتي هن ايم۔ ايف۔اي جي تعليم حاصل ڪئي. (1989)۔ [5] [7] ڪولمبيا ۾ رهڻ مهل، هن ڪينواس جي بدران ڪاٺ ۽ ڌاتو جو استعمال ڪندي چٽسالي (پينٽنگز) ٺاهيون، جنهنڪري هيءَ شڪل، جڳهہ ۽ رنگ جهڙن خاصيتن کي شامل ڪري سگهي. ڪولمبيا ۾ پنهنجي ٻئي سال ۾، هن مصور ميئر وسمان جي سهائتا جي حيثيت سان ڪم ڪيو، جنهن کان هن پيشيور آرٽسٽ بڻجڻ جو طريقو سکيو. سندس گريجوئيشن پوري ٿيڻ کانپوءِ ۽ نيٽ ورڪ سان پيشيوراڻا رابطا ٺاهڻ ۽ فن جي دنيا ۾ ماڻهن سان ملڻ کانپوءِ به ان لاءِ ڪم کي جاري رکيو.[5] هما ڀاڀا 2002 تائين نيويارڪ شهر ۾ رهائش ڪئي تنهنکانپوءِ هيءَ پوفڪيسي هلي وئي، جتي هي هينئر رهندي آهي ۽ ڪم ڪندي آهي.۔ [3] [8] هيءَ پنهنجي مڙس جيسن فاڪس سان گڏ رهندي آهي، جيڪو پڻ هڪ آرٽسٽ آهي، ۽ جنهن سان سندس شادي 1990 ۾ ٿي هئي.[5]
حوالا
[سنواريو]- ↑ Phaidon Editors (2019). Great women artists. Phaidon Press. p. 61. ISBN 0714878774.
- ↑ "Union List of Artist Names Online (ULAN) Full Record Display for Bhabha, Huma", www.getty.edu, Getty Research, حاصل ڪيل 09 جنوري 2017۔
- ↑ 3.0 3.1 Trigg, Sarah, "Canines to Cannabis in Artist Huma Bhabha’s New Show", Vulture, حاصل ڪيل 20 February 2018۔
- ↑ "Huma Bhabha (Artist Page)", www.nielsborchjensen.com, Niels Borch Jensen Gallery & Editions, حاصل ڪيل 09 جنوري 2017۔
- ↑ 5.0 5.1 5.2 5.3 5.4 "In the Studio: Huma Bhabha", Art in America (ٻولي ۾ en-US), حاصل ڪيل 03 مارچ 2019۔
- ↑ "Hip-Hop-Era Giacometti", Our RISD, حاصل ڪيل 13 نومبر 2016۔
- ↑ "Huma Bhabha ('89) in ICP Triennial", Columbia University, Visual Arts Program, 13 مئي 2013, حاصل ڪيل 13 نومبر 2016۔
- ↑ "Huma Bhabha, Artist", Yale University School of Art, حاصل ڪيل 20 February 2018۔