هشام بن عمرو تغلبي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

هشام بن عمرو تغلبي سنڌ جو گورنر هشام بن عمرو تغلبي مقرر ڪيو ويو، جنهن 151ھ ۾ سنڌ جي حڪومت جي واڳ ورتي. منصور، هشام کي به عبدالله الاشتر جي گرفتاريءَ جو حڪم موڪليو، پر ڳجهيءَ طرح هي به سادات جو طرفدار هو، تنهن گرفتاريءَ کان پاسو ڪيو؛ حضرت عبدالله کي قتل ڪري وڌو. هشام، حضرت عبدالله جي اهل عيال ۽ محمد بن عبدالله، معروف به ان اشتر، کي منصور ڏانهن موڪلي ڇڏيو، جنهن ان ڇوڪري کي مديني منورہ جي عمال جي سپرد ڪيو. جيتوڻيڪ حضرت عبدالله سنڌ ۾ شهادت جو جام نوش ڪيو، تڏهن به شيعت جا اثر فنا نه ٿي سگهيا، ۽ اڳتي هلي مستحڪم حڪومت سنڌ ۾ قائم ٿي. ان کان پوءِ هشام ڀڙوُچ، ملتان ۽ گنڌار( قنڌار) کي قبضي ۾ ڪيو. 157ھ ۾ رخصت وٺي وطن ويو. 159ھ ۾ وفات ڪيائين.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ميمڻ عبدالمجيد سنڌي--سنڌ ۽ ملتان جون عربي حڪومتون؛ رسالو:مهراڻ؛ ڇپيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ 1961ع