نگر ڪوٽ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
نگر ڪوٽ
شھر
نگر ڪوٽ is located in Nepal
نگر ڪوٽ
نگر ڪوٽ
نيپال ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°43′N 85°30′E / 27.717°N 85.500°E / 27.717; 85.500مڪانيت: 27°43′N 85°30′E / 27.717°N 85.500°E / 27.717; 85.500
ملڪ  نيپال


نگر ڪوٽ، نيپال جو هڪ شهر آهي. کٽمنڊوءَ کان هڪ ويڪرو ۽ ڊبل روڊ يا هائي ويَ، نگر ڪوٽ ڏانهن وڃي ٿو. اهو هاءِ وي، چائنا وارن طرفان ٺاهيل آهي. ان کي فرينڊشپ هاءِ ويَ يا چائنا-نيپال هاءِ ويَ سڏيو وڃي ٿو. اهو هاءِ ويَ 800 ڪلوميٽر ڊگھو آهي ۽ تبت جي گادي جي شهر لاسا يا لهاسا کان، نيپال ۽ چائنا جي بارڊر تي، چائنا-نيپال فرينڊشپ پل تائين وڃي ٿو. جتي ٻنهي ملڪن جا شهر زانگمو ۽ ڪوڊاري آهن. جتان وري کٽمنڊو تائين جيڪو روڊ ٺهيل آهي ان کي آرنيڪو راجمرگ سڏين ٿا.

نيپال ۾ زمين جي ننڍي ۾ ننڍي حصي ۾ به ڪجھه نه ڪجھه پوکين ٿا، ايستائين جو جيڪڏهن ٻن گھرن جي وچ ۾ ڪا ننڍي جڳهه آهي ته اتي به ڪجھه نه ڪجھه پوکيل هوندو آهي. ساڳي نموني نگر ڪوٽ ۾ به گهرن ۽ دڪان جي وچم بچيل زمين تي ڀاڃيون وغيره پوکيون وڃن ٿيون.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. نڪري پيس نيپال ڏانهن (اسحاق انصاري) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2016-09-16 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-08-01