نڪولس ٻيون (روس)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
نڪولس ٻيون
روس جو شھنشاھ
1 آڪٽوبر (20 آڪٽوبر) 1894 کان 15 مارچ (2 مارچ) 1917
پيشرو اليگزينڊر ٽيون
جانشين بادشاھي جو خاتمو
جيون ساٿي ايلڪس آف ھيسي اينڊ رائن (ش. 26 نومبر 1894)
نسل
پورو نالو
نڪولس اليگزينڊرووچ رومانوف
گهراڻو ھولسٽين-گاٽارپ-رومانوف
پيءُ اليگزينڊر ٽيون (روس)
ماءُ ماريا فيودوروونا (ڊيگمر آف ڊينمارڪ )
جنم 18 مئي [O.S. 6 مئي] 1868
اليگزينڊر محل, سينٽ پيٽرز برگ, روسي ايمپائر
لاڏاڻو 17 جُولاءِ 1918 (عمر 50 سال)
اپاٽيف ھائوس, ييڪاٽرنبرگ, روسي سوويت فيڊريشن سوشلسٽ ريپبلڪ
تدفين 17 جولاء 1998
پيٽر۽ پائول ڪئٿيڊرل,سينٽ پيٽرز برگ
مذھب روسي آرٿوڊڪس ڪليسا
دستخط

نڪولس ٻيون(انگريزي: Nicolas II) يا نڪولائي(انگريزي: Nicolai II ) روس جو آخري بادشاھ ھيو جيڪو پھرين نومبر 1894 ۾ روس جي تخت تي ويٺو ۽ 15 مارچ 1917 ۾ انقلاب اچڻ بعد بادشاھي تان بي دخل ٿي ويو ۽ روسي ايمپائر جو خاتمو ٿيو. ھن پرڏيھي قرضن جي آڌار تي جديديت کي فروغ ڏئي فرانس سان ويجھڙائپ ڪئي. ھن نئين پارليامينٽ دوما کي اختيار ڏيڻ جي مخالفت ڪئي ۽ سندس خيال هو ته ھو خدا جي فضل سان بادشاھ ھيو ۽ ھي ڳالھيون ٻولهيون ڪرڻ ۽ راضي نامو ڪرڻ جو مخالف هو. ھن جي ماڻھن ۾ ڏاڍي ٺٺول ٿيندي هئي کيس گندو نڪولس سڏيو ويندو هو. سوويت روس جي مؤرخن لکيو آهي تہ ھي ھڪ نااھل حاڪم ھيو جنھن جي فيصلن سان جنگن م شڪستون مليون ۽ لکين ماڻھن جون زندگيون ضائع ٿيون.