مواد ڏانھن هلو

نڪولس ٻيون (روس)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
نڪولس ٻيون
روس جو شھنشاھ
1 آڪٽوبر (20 آڪٽوبر) 1894 کان 15 مارچ (2 مارچ) 1917
26 مئي (14 مئي ) 1896
پيشرواليگزينڊر ٽيون
جانشينبادشاھي جو خاتمو
جنم18 مئي [O.S. 6 مئي] 1868
اليگزينڊر محل, سينٽ پيٽرز برگ, روسي ايمپائر
وفات17 جولاءِ 1918(1918-07-17) (عمر 50 سال)
اپاٽيف ھائوس, ييڪاٽرنبرگ, روسي سوويت فيڊريشن سوشلسٽ ريپبلڪ
تدفين17 جولاء 1998
زال/مڙسايلڪس آف ھيسي اينڊ رائن (ش. 26 نومبر 1894)
اولاد
پورو نالو
نڪولس اليگزينڊرووچ رومانوف
گهرھولسٽين-گاٽارپ-رومانوف
پيءُاليگزينڊر ٽيون (روس)
ماءُماريا فيودوروونا (ڊيگمر آف ڊينمارڪ )
مذهبروسي آرٿوڊڪس ڪليسا
صحيحنڪولس ٻيون جي صحيح

نڪولس ٻيون(انگريزي: Nicolas II) يا نڪولائي(انگريزي: Nicolai II ) روس جو آخري بادشاھ ھيو جيڪو پھرين نومبر 1894 ۾ روس جي تخت تي ويٺو ۽ 15 مارچ 1917 ۾ انقلاب اچڻ بعد بادشاھي تان بي دخل ٿي ويو ۽ روسي ايمپائر جو خاتمو ٿيو. ھن پرڏيھي قرضن جي آڌار تي جديديت کي فروغ ڏئي فرانس سان ويجھڙائپ ڪئي. ھن نئين پارليامينٽ دوما کي اختيار ڏيڻ جي مخالفت ڪئي ۽ سندس خيال هو ته ھو خدا جي فضل سان بادشاھ ھيو ۽ ھي ڳالھيون ٻولهيون ڪرڻ ۽ راضي نامو ڪرڻ جو مخالف هو. ھن جي ماڻھن ۾ ڏاڍي ٺٺول ٿيندي هئي کيس گندو نڪولس سڏيو ويندو هو. سوويت روس جي مؤرخن لکيو آهي تہ ھي ھڪ نااھل حاڪم ھيو جنھن جي فيصلن سان جنگن م شڪستون مليون ۽ لکين ماڻھن جون زندگيون ضائع ٿيون.