نڪاراگُئا جو انقلاب
سال 1979ع ۾ لاطيني آمريڪا جي مُلڪ نڪاراگُوا ۾ هٿياربند جاکوڙ ذريعي آمريڪا مخالفت سوشلسٽ انقلاب يا نڪاراگُوا جو انقلاب (Nicaraguan Revolution) آيو. هن ويڙهه ۾ نڪاراگوا جي انقلابين 50 ورهين کان صاحبي ڪندڙ ’سوموزا خاندان‘ کي جولاءِ 1979ع ۾ مُلڪ مان ڀڄي وڃڻ تي مجبور ڪيو، ’سوموزاخاندان‘ جي فوجن ۽ عوامي حمايت سان ويڙهاڪن جي وچ ۾ ٿيندڙ انهيءَ ويڙھ ۾ لڳ ڀڳ 50،000 ماڻهو مارجي ويا ۽ لڳ ڀڳ ملڪ جي 20 سيڪڙو آبادي بي گهر ٿي. سوموزا کان پوءِ ’ڊئنيئل اورتيگا‘ جڏهن نڪاراگوا جو صدر ٿيو ته، کاٻي ڌر سان لاڳاپو رکڻ ڪري، آمريڪا ان جي مخالفت ڪندي، سندس مُخالف ’ڪونٽرا باغين‘ جي مدد ذريعي انقلاب کي ناڪام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. آمريڪي صدر ’رونالڊ ريگن‘ جي حڪومت ۽ سندس مُشيرن ننهن چوٽيءَ جو زور لڳائي، اورتيگا سرڪار کي ناڪام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر کين ڪجهه به هڙ حاصل نه ٿيو. پوءِ اورتيگا جي حُڪومت جو خاتمو عام چونڊن ۾ سندس مُخالف صدارتي عورت اميدوار ’چامارو‘ جي سوڀ ذريعي ٿيو.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ سنڌي آنلائين ڊڪشنري[مئل ڳنڍڻو] پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد