نڙيءَ ۾ اٽڪيل سج

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

نوجوان ڪهاڻيڪار انور ڪاڪا پنهنجي ڪهاڻين ۾ علامتن جي خوبصورت استعمال سبب ٿورن لفظن ۾ وڌيون ڳالهيون ڪري وڃي ٿو، ۽ سندس ڪردار مسلسل اذيت مان گذرندڙ آهن، جنهن جو ااظهار هو خود ڪلامي ذريعي ڪن ٿا، معاشي مسئلن بدحالي جي باهه ۾ جلندڙ سندس ڪردار هڪ خاموش احتجاج آهن، ”نڙيءَ ۾ اٽڪيل سج“ جو مهاڳ ڊاڪٽر شير مهراڻي ۽ ٻه اکر ڊاڪٽر غفور ميمڻ جا لکيل آهن، ڊاڪٽر غفور لکيو آهي ته هونئن ته سندس سڀ ڪهاڻيون خوبصورت آهن پر ”مسجد جون اکيون“ ۽ ”پاڻي جو گلاس“ انتهائي اهم آهن. ڪنول پبليڪيشن قمبر طرفان ڇپرايل هي ڪتاب 192 صفحن تي ٻڌل آهي ۽ قيمت 200 رکي وئي آهي.