نٿ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
اڻويھين صديءَ ۾ ڏکڻ ايشيا ۾ سوني نٿ جو نمونو

نٿ : Nosal ring :

نٿ نڪ جو زيور ھوندو آھي. جيئن ته اسان جي رسمن ۽ رواجن ۾ هٿ سهاڳ جي نشاني سمجهي وڃي ٿي، تنهنڪري ان کي ٻين زيورن کان اوليت ۽ اهميت حاصل آهي. اهو ضروري آهي ته سهاڳ جي نشاني قيمتي هجي، تنهنڪري اها هميشه سوني هوندي آهي. نٿون گهڻن قسمن جون ٿين، ۽ مختلف قومون پنهنجي رسم ۽ رواج مطابق استعمال ڪن. مور نٿ، ڇپر نٿ، شورڪي نٿ، جهائينءَ تي ۽ جهالرتي نٿون خاص قسمن جون آهن. مور نٿ ٻن يا ٽن تولن جي ٿئي. ان ۾ نڪ وارو حصو لسو ٿيندو آهي، ۽ نٿ جي هيٺئين حصي ۾ ڳاڙهي لعل، پارڙا، وري پارڙن جي پاسن کان ۽ وچ ۾ لعل. جهالر يا جهائينءَ تي نٿيون به ساڳئي وزن جون ٿين، يا وڌيڪ به ڪري سگهجن ٿيون. هيٺيون حصو سونيءَ جهالر جو ٿئي، ۽ وچ ۾ رنگين ننگن جي چٽسالي، ۽ ان جي پاسي ۾ وري مور ٿئي، جنهن ۾ موتين جي جڙات ۽ مٿئين حصي ۾ سوني لعل ۽ موتيءَ تي سون سان جڙات ٿيل هوندي آهي. نڪ وٽ وري نٿ جي ڦلي ٿئي، جيئن نٿ جي تار نڪ کي تڪليف نه ڏئي. نٿ جي پاسي کان (ڪن جي پاسي) ڏاڻ، يعني سنهڙين پوپٽين سان هڪ پٽو نڪرندو آهي، جيڪو ڪنڍيءَ جي ذريعي وارن ۾ اٽڪايو ويندو آهي. انهيءَ ڏاڻ جي ڪري نٿ مضبوطيءَ سان هڪ پاسي بيٺي رهندي آهي.[1]گهڻن قسمن جون ٿينديون آهن؛ ڪي شورخيون، ڪي جهانءِ سان، ڪي وَرَن سان، ڪي ڇاپرو مور سان،پر هونديون سڀئي سهاڳ جون نشانيون آهن. نٿ کي ڇڪي مٿي بيهارڻ لاءِ زالون ڏانوڻي پائينديون آهن. جن جي پڇاڙيءَ ۾ ڪُنڍي ٿيندو آهي. ڏانوڻي جو هڪڙو پاسو نٿ جي ڳنيءَ ۾ ۽ ٻيو پاسو سينڌ کان ورائي ڪياڙيءَ وٽ وارن ۾ اٽڪائي ڇڏينديون آهن، ته نٿ مٿي بيٺي هجي، ۽ نڪ جو ڳڙک ويڪرو نه ٿئي. اهي ڏانوڻيون ڪاري پٽ يا سٽ جون يا سون جون ٿينديون آهن. ڪي زالون وري نٿ کي سوگهي جهلڻ لاءِ، جيئن نڪ نه ڏکي؛ نٿ جي ٻئي پاسي ڪارو ڌاڳو ٻڌي، ڪن ۾ وراڪي ڇڏينديون آهن. جيئن نٿ لڳي بيهي. ڪي زالون وري نٿ جي بدران وينڊو (سونو) پائينديون آهن.جنهن جو رواج هاڻي ڪونهي. البت اڳئين جُڳ جون سهاڳڻيون ڪڏهن ڪڏهن پائينديون آهن.[2]

حوالا[سنواريو]

  1. {رسالو: سرتيون؛ مضمون : سنڌي زيور؛از: زيڊ اي شيخ ؛ جون 1995؛ پبلشر:سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو}
  2. {ڪتاب: سنڌ جي مدنيت؛ از:سيد منظور نقوي ؛ ٻيون ايڊيشن 1978، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو [http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book22/Book_page 3.html http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book22/Book_page 3.html] Check |url= value (مدد).  line feed character in |url= at position 67 (مدد); Missing or empty |title= (مدد)}