نَو - طاقتي معاهدو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

نَو - طاقتي معاهدو يا نائن پاور ٽريٽي (Nine Power Treaties) هڪ اهڙو ٺاهه آهي جنهن ۾ آمريڪا، برطانيا، فرانس، بيلجيم، چين، اٽلي، جپان، هالينڊ ۽ پورچوگال 6- فيبروري 1922ع ۾ واشنگٽن ڊي- سي ۾ ٿيو. هن ٺاهه ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ٺاهه تي صحيون ڪندڙ ملڪ،”کُليل دروازو“ (Open Door) پاليسيءَ تحت چين جي آزاديءَ، خودمختياريءَ جو احترام ڪندا ۽ اُن جي انتظامي وهنوار ۾ مداخلت نه ڪندا. گڏوگڏ چين جي وسيلن مان فائدا وٺڻ لاءِ ، هڪٻئي جي راهن ۾ رُڪاوٽون پيدا نه ڪندا. هن پاليسيءَ جي نتيجي ۾ يورپي ملڪن ٻڌي ڪري چين جي اقتصادي ڦُرلٽ جاري رکڻ ۽ جاپان جو چين مان اثر گهٽائڻ لاءِ پنهنجي فائدي وارو ماحول جوڙيو. [1]

حوالا[سنواريو]