مواد ڏانھن هلو

نَو - طاقتي معاهدو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

نَو-طاقتي معاهدو (Nine Power Treaties) هڪ اهڙو ٺاهه آهي جن تي آمريڪا، چين، برطانيا، فرانس، بيلجيم، اٽلي، جاپان، هالينڊ ۽ پورچوگال 6 فيبروري 1922ع تي واشنگٽن ڊي.سي. ۾ دستخط ڪيا. هن ٺاهه ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ٺاهه تي دستخط ڪندڙ ملڪ، "اوپن ڊور" (Open Door) پاليسيءَ تحت چين جي آزاديءَ، ۽ خودمختياريءَ جو احترام ڪندا ۽ اُن جي انتظامي وهنوار ۾ مداخلت نه ڪندا. گڏوگڏ چين جي وسيلن مان فائدا وٺڻ لاءِ، هڪٻئي جي راهن ۾ رُڪاوٽون پيدا نه ڪندا. هن پاليسيءَ جي نتيجي ۾ يورپي ملڪن ٻڌي ڪري چين جي اقتصادي ڦُرلٽ جاري رکڻ ۽ جاپان جو چين مان اثر گهٽائڻ لاءِ پنهنجي فائدي وارو ماحول جوڙيو.[1]

حوالا

[سنواريو]