نيو ڪيليڊونيا آزادي لاءِ ريفرينڊم، 2018ع
| ||||||||||||||||||||||
ڇا اوهان چاهيو ٿا ته نيو ڪيليڊونيا آزاد ملڪ هجي؟ | ||||||||||||||||||||||
| Website | ريفرينڊم 2018ع | |||||||||||||||||||||
|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|
| Results | ||||||||||||||||||||||
| ||||||||||||||||||||||
Results by وڪي برادري | ||||||||||||||||||||||
نيو ڪيلڊونيا ۾ آزادي لاءِ ريفرينڊم 4 نومبر 2018ع تي ٿي گذري.[1][2] جنهن ۾ ووٽر کي حق ڏنو ويو ته اهي فرانس سان رهن چاهين ٿا يا نيو ڪيليڊونيا آزاد ملڪ هجي.
ريفرينڊم جي شام جو جاري ڪيل نتيجن موجب 56.4 سيڪڙو ماڻهن جي مطابق نيو ڪيليڊونيا فرانس جو حصو هجي جڏهن ته 43.6 ماڻهن ڪيليڊونيا جي آزادي جي حق ۾ ووٽ ڏنو. ٽرن آئون 80 سيڪڙو رهيو. 174،995 اهل ووٽر هئا.
ريفرينڊم کان اڳ فرانس واعدو ڪيو ته هو ريفرينڊم جي نتيجن کي قبول ڪندو، جيتوڻڪ ريفرينڊم ناڪام ثابت ٿي، پر نيوميا مهاعدي تحت 2020ع تي ٻهير ريفرينڊم منعقد ڪري سگھجي ٿو، ۽ جيڪڏهن نيو ڪيليڊونيا جي ڪانگريس جا 75 سيڪڙو رڪن چاهين ته 2022ع تي پڻ ريفرينڊم ٿي سگھي ٿي.
پسمنظر
[سنواريو]1953ع تي نيو ڪيليڊونيا، ۽ يورپي اپ ٻيٽ جي علائقن کي فرانس ۾ شامل ڪيو ويو هو. مقامي آبادي جيڪا ڪانڪ ماڻهن تي مشتمل آهي اهي ڪيليڊونيا ۾ اقليت ۾ آهن. 1976ع کان 1988ع تائين فرانس جي حڪومت ۽ ڪيليڊونيا جي آزادي پسندن جي وچ ۾ وڏي ڇڪتاڻ رهي. آزادي لاءِ پهرين ريفرنڊم 1987ع تي منعقد ٿي، جنهن ۾ صرف 1.7 سيڪڙو ماڻهن آزادي جي حق ۾ ووٽ ڏنو جڏهن 98.3 سيڪڙو ماڻهن آزادي جي مخالفت ڪئي، انهي ريفرينڊم جو آزادي پسند جماعت ڪانڪ ۽ سوشلٽ نيشنل لبريشن فرنٽ بائيڪاٽ ڪيو هو، ۽ ٽرن آئوٽ 59.10 سيڪڙو رهيو.[3][4][5]
حد بنديون
[سنواريو]هن ريفرينڊم لاءِ عام ووٽرن کي ووٽ جو حق نه ڏنو ويو، صرف انهن کي حق ڏنو ويو جيڪي يا ته مقامي ماڻهو هئا يا وڏي عرصي کان نيو ڪيليڊونيا ۾ رهندڙ هئا،[6][7][8]
سوال
[سنواريو]هن ريفرينڊم ۾ هڪ سوال هو:
- Voulez-vous que la Nouvelle-Calédonie accède à la pleine souveraineté et devienne indépendante ?
- سنڌي ترجمو: ڇا اوهان چاهيو ٿا ته نيو ڪيليڊونيا آزاد ۽ خودمختيار ملڪ هجي؟
- Voulez-vous que la Nouvelle-Calédonie accède à la pleine souveraineté et devienne indépendante ?
ريفرينڊم کان اڳ راءِ عامه
[سنواريو]| پولنگ فرم | تاريخ | تعداد نمونو | حق ۾ | خلاف | ڪو به جواب نه |
برتري |
|---|---|---|---|---|---|---|
| هرس انٽرايڪٽوو آرڪائيو ڪيا ويا 2020-05-11 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. | 12–22 سيپٽمبر 2018 | 1,038 | 34 | 66 | – | 32 |
| قواڊنوي | 1–15 آگسٽ 2018 | 731 | 20 | 69 | 11 | 49 |
| آئي اسڪوپ | 30 جولاءِ–8 آگسٽ 2018 | 628 | 28 | 63 | 9 | 35 |
| قواڊنوي | 4–15 جون 2018 | 739 | 15 | 65 | 21 | 50 |
| قواڊنوي | 16–26 اپريل 2018 | 712 | 15 | 58 | 27 | 43 |
| آئي اسڪوپ | 16–25 اپريل 2018 | 682 | 22.5 | 59.7 | 17.8 | 37.2 |
| آئي اسڪوپ | 23 مارچ–4 اپريل 2017 | 514 | 24.4 | 54.2 | 21.4 | 29.8 |
نتيجا
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ PIR Editor. "New Caledonia, French Leaders Look To Finalize Plans For 2018 Referendum | Pacific Islands Report". www.pireport.org (انگريزي ۾).
{{cite web}}:|author1=has generic name (مدد) - ↑ Willsher, Kim (19 March 2018). "New Caledonia sets date for independence referendum". The Guardian. 20 March 2018 تي حاصل ڪيل.
- ↑ ISEE. "Prov2 – Principales caractéristiques des individus, par province de résidence et genre" (XLS). 2015-08-24 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Lyons, Kate (17 July 2018). "New Caledonia referendum: call to reject 'colonising power' France". the Guardian (انگريزي ۾).
- ↑ Database and Search Engine for Direct Democracy. "Neukaledonien (Frankreich), 13. September 1987 : Unabhängigkeit / Verbleib bei Frankreich -- [in German]". www.sudd.ch (جرمن ۾).
- ↑ Référendum en Nouvelle-Calédonie: pourquoi les «Zoreille» n'ont pas le droit de voter
- ↑ "Le corps électoral : la liste spéciale pour le référendum (LESC)" (French ۾). Government of New Caledonia. 27 August 2018. 4 November 2018 تي حاصل ڪيل.
{{cite web}}: CS1 maint: unrecognized language (ڳنڍڻو) - ↑ Scott Robertson. "The New Caledonian Referendum on Independence (Part 2): The Vote" (PDF). bellschool.anu.edu.au.