مواد ڏانھن هلو

نئين نوآباديت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(نيو ڪالونيلزم کان چوريل)

نئين نوآباديات (Neocolonialism) اهڙي حالت کي چيو وڃي ٿو، جنهن ۾ هڪ رياست (عام طور اڳوڻي نوآبادياتي طاقت) ڪنهن ٻي ظاهري طور آزاد رياست (عام طور پنهنجي اڳوڻي بيٺڪ) تي سڌي قبضي بدران اڻسڌن وسيلن ذريعي اثر ۽ ڪنٽرول برقرار رکي ٿي.[1][2][3] نئون نوآباديات (نيو ڪالونيلئزم) جو اصطلاح پهريون ڀيرو ٻي عالمي جنگ کان پوءِ اڳوڻين بيٺڪن جي پرڏيهي ملڪن تي جاري رهندڙ انحصار جي حوالي سان استعمال ٿيو، پر پوءِ ان جو مفهوم وسيع ٿي ويو ۽ اهڙين سڀني حالتن لاءِ استعمال ٿيڻ لڳو، جتي ترقي يافته ملڪن جي طاقت ذريعي نوآبادياتي نوعيت جو ڪنٽرول قائم ڪيو وڃي.[3] ڪجهه عالمن جو خيال آهي ته نئون نوآباديات عالمي معاشي حڪمراني، بين الاقوامي مالي ادارن ۽ واپاري نظامن وسيلي عمل ڪندو آهي، جيڪي قرضن ۽ انهن سان لاڳاپيل شرطن ذريعي ظاهري طور خودمختيار رياستن جي اندروني پاليسين تي اثرانداز ٿين ٿا.[4][5]

نئون نوآباديات معاشي سامراج، ثقافتي سامراج ۽ مشروط امداد جي صورت ۾ ظاهر ٿيندو آهي، جنهن جو مقصد ترقي پذير ملڪن تي اثرانداز ٿيڻ يا انهن کي ڪنٽرول ڪرڻ هوندو آهي، جڏهن ته روايتي نوآباديات ۾ سڌو فوجي ڪنٽرول يا اڻسڌو سياسي غلبو (بالادستي) اختيار ڪيو ويندو هو. نئون نوآباديات عام عالميت (گلوبلائيزيشن) ۽ ترقياتي امداد کان ان لحاظ کان مختلف آهي، جو ان جو نتيجو عام طور اهڙي لاڳاپي جي صورت ۾ نڪرندو آهي، جنهن ۾ تابع داري، انحصار يا مالي وابستگي پيدا ٿئي ٿي.

نيو ڪالونيلزم خِطن، ملڪن ۽ علائقن تي سڌي ريت حڪومت ڪرڻ بدران معاشي، سياسي ۽ ٻين دٻائن ذريعي حڪومت ڪرڻ کي ’نئين بيٺڪيت‘ (نيو ڪالونيلئزم) چئبو آهي.[6]

اصطلاح

[سنواريو]

بڻ بنياد

[سنواريو]

جڏهن نئين نوآباديات جو اصطلاح پهريون ڀيرو پيش ڪيو ويو، تڏهن اهو يورپي ملڪن ۽ انهن جي اڳوڻين بيٺڪن جي وچ ۾ برقرار رهندڙ معاشي ۽ ثقافتي لاڳاپن لاءِ استعمال ٿيندو هو، خاص طور انهن آفريڪي ملڪن جي حوالي سان، جيڪي ٻي عالمي جنگ کان پوءِ نوآباديات جي خاتمي جي عمل دوران آزاد ٿيا هئا. 1962ع ۾ قومي اتحاد براءِ عوامي قوتون جي ڪانفرنس ۾ مراڪشي سياستدان ۽ پوءِ ٽريڪنٽينينٽل ڪانفرنس (1966ع) جي چيئرمين مهدي بن برڪا آفريڪا ۾ 1960ع واري ڏهاڪي جي شروعاتي سياسي رجحانن کي بيان ڪرڻ لاءِ الاستعمار الجديد (عربي: الاستعمار الجديد، "نئون نوآباديات") جو اصطلاح استعمال ڪيو.[7]

الاستعمار الجديد عبارة عن سياسة تعمل من جهة على منح الاستقلال السياسي، وعند الاقتضاء إنشاء دول مصطنعة لا حظ لها في وجود ذاتي، ومن جهة أخرى، تعمل على تقديم مساعدات مصحوبة بوعود تحقيق رفاهية تكون قواعدها في الحقيقة خارج القارة الإفريقية.

"نئون نوآباديات اهڙي پاليسي آهي، جيڪا هڪ پاسي سياسي آزادي عطا ڪري ٿي ۽، ضرورت پوڻ تي، اهڙيون مصنوعي رياستون قائم ڪري ٿي، جن وٽ حقيقي خودمختياريءَ جو ڪو امڪان نه هوندو آهي؛ جڏهن ته ٻئي پاسي اهڙي امداد فراهم ڪئي ويندي آهي، جيڪا خوشحاليءَ جي واعدن سان گڏ هوندي آهي، پر جنهن جا بنياد حقيقت ۾ آفريڪي براعظم کان ٻاهر هوندا آهن."

مهدي بن برڪا، دي رووليشنري آپشن ان موروڪو (مئي 1963ع)
ڪوامي نڪروما (سوويت يادگاري ٽپال ٽڪيٽ تي)، گهانا جو صدر (1960ع–1966ع)، جنهن کي "نئون نوآباديات" جي اصطلاح کي رائج ڪرڻ جو اعزاز ڏنو وڃي ٿو.

ڪوامي نڪروما، جيڪو 1960ع کان 1966ع تائين گهانا جو صدر رهيو، عام طور هن اصطلاح کي رائج ڪرڻ جو سهرو سندس سر تي ٻڌو وڃي ٿو. هي اصطلاح 1963ع ۾ آفريقي اتحاد جي تنظيم جي منشور جي ديباچي ۾ ظاهر ٿيو ۽ پوءِ سندس 1965ع جي ڪتاب نوآباديات: سامراج جو آخري مرحلو (نيو-ڪالونيئلزم, دي لاسٽ اسٽيج آف امپيريل ازم) جو عنوان پڻ بڻيو.[8]

هن ڪتاب ۾ گهانا جي صدر آفريڪا ۾ بين الاقوامي اجاردار سرمائيداريءَ جي ڪارڪردگيءَ کي بي نقاب ڪيو. سندس خيال موجب نئون نوآباديات پراڻي نوآباديات کان وڌيڪ ڳجهو، پيچيده ۽ خطرناڪ آهي، ڇاڪاڻ⁠تہ معاشي آزادي کان سواءِ سياسي آزادي بي معنيٰ بڻجي وڃي ٿي. نڪروما نظرياتي طور لينن جي رسالي سامراج: سرمائيداريءَ جو اعليٰ ترين مرحلو (1917ع) ۾ پيش ڪيل سماجي، معاشي ۽ سياسي دليلن کي ٻي عالمي جنگ کان پوءِ واري دور تائين وڌايو. هن رسالي ۾ اوڻيهين صديءَ جي سامراج کي سرمائيداري جي سياسي معيشت جي مالي سيڙپڪاريءَ جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ جيوسياسي طاقت جي منطقي توسيع طور پيش ڪيو ويو آهي.[9]

نوآباديات: سامراج جو آخري مرحلو ۾ ڪوامي نڪروما لکي ٿو:

اڄ سامراج جي بنيادي اوزار طور روايتي نوآباديات جي جاءِ تي نئون نوآباديات اچي چڪو آهي... جيڪو روايتي نوآباديات وانگر سرمائيدار ملڪن جي سماجي تضادن کي ٻين ملڪن ڏانهن منتقل ڪرڻ جي ڪوشش آهي...

نئين نوآباديات جو نتيجو اهو نڪري ٿو ته پرڏيهي سرمايو گهٽ ترقي يافته ملڪن جي ترقيءَ بدران انهن جي محنت جي استحصال لاءِ استعمال ٿئي ٿو. نئين نوآباديات هيٺ سيڙپڪاري امير ۽ غريب ملڪن جي وچ ۾ فرق گهٽائڻ بدران وڌيڪ وڌائي ٿي. نئين نوآباديات خلاف جدوجهد جو مقصد ترقي يافته ملڪن جي سرمائي کي گهٽ ترقي يافته ملڪن مان مڪمل طور خارج ڪرڻ نه آهي، ۽ نه ئي اهو صرف نالي جي ڪري نوآباديات جي تصور سان لاڳاپيل آهي. ان جو اصل مقصد اهو آهي ته ترقي يافته ملڪن جي مالي طاقت کي اهڙي نموني استعمال ٿيڻ کان روڪيو وڃي، جنهن سان گهٽ ترقي يافته ملڪ وڌيڪ غريب ٿين.[10]

نئين نوآباديات جو بنيادي جوهر اهو آهي ته جنهن رياست تي اهو لاڳو ٿئي ٿو، اها نظريي طور آزاد هوندي آهي ۽ بين الاقوامي خودمختياريءَ جون سڀ ظاهري علامتون رکي ٿي، پر حقيقت ۾ ان جو معاشي نظام، ۽ ان جي نتيجي ۾ ان جي سياسي پاليسي، ٻاهران هدايت ڪئي ويندي آهي.

هاڻوڪو استعمال

[سنواريو]

هاڻوڪي علمي ادب ۾ نئون نوآباديات جو اصطلاح اڪثر عالمي سياسي معيشت ۾ موجود ساختي اڻبرابرين کي بيان ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيندو آهي، خاص طور واپاري انحصار، عالمي فراهميءَ جي زنجيرن (سپلاء چينز) ۽ مالي حڪمرانيءَ جي حوالي سان. ناقدن جو چوڻ آهي ته بين الاقوامي مالياتي فنڊ (IMF) ۽ عالمي بئنڪ جهڙا ادارا قرضن سان لاڳاپيل شرطن وسيلي ترقي پذير ملڪن جي گهريلو معاشي پاليسين تي اثرانداز ٿي سگهن ٿا، جڏهن ته ٻيا ماهر دليل ڏين ٿا ته اهڙا طريقا معاشي استحڪام ۽ ترقي لاءِ ضروري آهن.[11][12]

نئين نوآبادياتي معاشي بالادستي

[سنواريو]
مئي 2017ع ۾ برسبين ۾ اوڀر تيمور جي تيل تي آسٽريليا جي دعويٰ خلاف احتجاج ڪندڙ ماڻهو.

1961ع ۾ نئين نوآبادياتي ڪنٽرول جي معاشي طريقن بابت پنهنجي تقرير ڪوبا: نوآباديات مخالف جدوجهد ۾ تاريخي استثنا يا پيشرو؟ (ڪيوبا: ھسٽاريڪل ايڪسيپشن آر وئنگارڊ ان دي اينٽي-ڪالونيل اسٽرگل؟) ۾ ارجنٽائني انقلابي چي گويرا چيو:

اسان، جن کي ادب سان "گهٽ ترقي يافته" سڏيو وڃي ٿو، حقيقت ۾ نوآبادياتي، نيم نوآبادياتي يا تابع ملڪ آهيون. اسان اهي ملڪ آهيون، جن جي معيشتن کي سامراج اهڙي نموني بگاڙي ڇڏيو آهي، جو انهن ۾ صنعت يا زراعت جون صرف اهي شاخون غيرمعمولي طور ترقي ڪيون ويون آهن، جيڪي سامراجي معيشت جي ضرورتن کي پورو ڪن. "گهٽ ترقي" يا بگڙيل ترقي خام مال جي خطرناڪ خصوصي پيداوار کي جنم ڏئي ٿي، جنهن ۾ اسان جي سڀني قومن لاءِ بک جو خطرو سمايل آهي. اسان، جيڪي "گهٽ ترقي يافته" آهيون، اهي به هڪ ئي فصل، هڪ ئي پيداوار ۽ هڪ ئي منڊيءَ تي ڀاڙيندڙ ملڪ آهيون. اهڙي هڪڙي پيداوار، جنهن جي غير يقيني وڪري جو دارومدار هڪ ئي اهڙي منڊيءَ تي هوندو آهي، جيڪا شرطون پڻ پاڻ مقرر ڪري ٿي. سامراجي معاشي بالادستيءَ جو اهو ئي سڀ کان وڏو فارمولو آهي.[13]

انحصاريت جو نظريو

[سنواريو]
اصل مضمون جي لاءِ ڏسو انحصاريت جو نظريو

انحصاريت جو نظريو (ڊپينڊنسي ٿيوري) معاشي نئين نوآباديات جي هڪ نظرياتي تشريح آهي. هن نظريي موجب عالمي معاشي نظام ٻن حصن تي مشتمل آهي: مرڪز ۾ خوشحال ۽ صنعتي ملڪ، جڏهن ته ڪنارن تي غريب ۽ گهٽ ترقي يافته ملڪ. معاشي نئون نوآباديات غريب ملڪن جا انساني ۽ قدرتي وسيلا ڪڍي انهن کي امير ملڪن جي معيشتن ڏانهن منتقل ڪري ٿو. هن نظريي موجب ڪناري وارن ملڪن جي غربت جو بنيادي سبب اهو آهي ته اهي عالمي معاشي نظام ۾ جنهن نموني ضم ڪيا ويا آهن، تنهن سبب اهي ترقيءَ بدران انحصار جو شڪار بڻيل آهن.

انحصاريت جو نظريو عالمي معاشي نظام ۾ موجود اڻبرابرين بابت مارڪسي تجزيي مان نڪتل آهي. ان مطابق مرڪزي ملڪن جي ترقي، ڪناري وارن ملڪن جي گهٽ ترقيءَ جو سڌو نتيجو آهي. هن نظريي ۾ اوڻيهين صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ رائج نيم نوآبادياتي رياست (سيمي-ڪالوني) جو تصور پڻ شامل آهي.[14]

سرد جنگ

[سنواريو]
اصل مضمون جي لاءِ ڏسو سرد جنگ

ويهين صديءَ جي وچ ۽ پڇاڙيءَ واري عرصي ۾، آمريڪا ۽ سوويت يونين جي وچ ۾ نظرياتي ٽڪراءَ دوران، ٻنهي ملڪن ۽ انهن جي تابع رياستن هڪ ٻئي تي پنهنجي سامراجي ۽ بالادستي واري پاليسين ۾ نئين نوآباديات تي عمل ڪرڻ جا الزام هنيا.[15][16][17][18][19][20][21] اهو تڪرار نوآباديات کان آزاد ٿيل ملڪن ۾ نيابتي جنگن (پراڪسي وارز) جي صورت اختيار ڪري ويو، جيڪي ٻنهي ڌرين جي حمايتي رياستن وسيلي وڙهيون ويون. ڪيوبا، وارسا معاهدي واري بلاڪ، ۽ جمال عبدالناصر (1956ع–1970ع) جي دور واري مصر سميت ٻين ملڪن، آمريڪا تي اهو الزام لڳايو ته هو اهڙين غير جمهوري حڪومتن جي سرپرستي ڪندو هو، جيڪي پنهنجي عوام جي مفادن جي نمائندگي نه ڪنديون هيون، ۽ آفريڪا، ايشيا ۽ لاطيني آمريڪا ۾ انهن چونڊيل حڪومتن کي به ڪيرائڻ ۾ ڪردار ادا ڪندو هو، جيڪي آمريڪي جاگرافيائي-سياسي مفادن جي حمايت نه ڪنديون هيون.[22]

1960ع واري ڏهاڪي ۾ مهدي بن برڪا جي اڳواڻيءَ هيٺ ڪيوبا ۾ منعقد ٿيل ٽرائيڪنٽينينٽل ڪانفرنس (آرگنائيزيشن آف ساليڊرٽي ود دي پيپل آف ايشيا, آفريڪا اينڊ ليٽن آمريڪا) نوآبادياتي ملڪن جي آزادي ۽ خوداراديت حاصل ڪرڻ لاءِ انقلابي نوآباديات مخالف جدوجهد جي حمايت ڪئي، جنهن سبب آمريڪا ۽ فرانس ناراض ٿيا. بن برڪا نئين نوآباديات بابت ڪميشن جو پڻ سربراهه هو، جيڪا نوآبادياتي طاقتن جي آزاد ٿيل ملڪن ۾ جاري مداخلت جو جائزو وٺندي هئي. سندس خيال موجب دنيا جي اهم سرمائيدار طاقت هجڻ جي حيثيت سان آمريڪا عملي طور سڀ کان وڏو نئون نوآبادياتي سياسي قوت بڻجي چڪو هو.[23][24][25]

گهڻ قومي ڪارپوريشنون

[سنواريو]
اصل مضمون جي لاءِ ڏسو گهڻ قومي ڪارپوريشن

نئين نوآباديات تي تنقيد ڪندڙن جو اهو به موقف آهي ته گهڻ قومي ڪارپوريشنن جي سيڙپڪاري ترقي پذير ملڪن ۾ رڳو ٿورن ماڻهن کي فائدو پهچائي ٿي، جڏهن ته مقامي آباديءَ لاءِ انساني بحران، ماحولياتي ۽ ماحولي نقصان جو سبب بڻجي ٿي. سندن خيال موجب اهڙي عمل جي نتيجي ۾ پائيدار ترقي بدران غير پائيدار ترقي ۽ مستقل پسماندگي پيدا ٿئي ٿي. اهڙا ملڪ سستي مزدوري ۽ خام مال جا ذخيرو بڻجي وڃن ٿا، جڏهن ته جديد پيداواري ٽيڪنالاجي تائين سندن رسائي محدود رهندي آهي، جنهن ڪري هو پنهنجي معيشت کي خودمختيار نموني ترقي نٿا ڏئي سگهن. ڪيترن ئي ملڪن ۾ قدرتي وسيلن تي اجاريداري، جيتوڻيڪ شروعات ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ واڌ جو سبب بڻجي ٿي، پر پوءِ بيروزگاري، غربت ۽ في فرد آمدنيءَ ۾ گهٽتائي به پيدا ڪري ٿي.[26]

اولهه آفريڪا جي گني بسائو، سينيگال ۽ موريتانيا ۾ مڇي مارڻ تاريخي طور معيشت جو اهم حصو رهيو آهي. 1979ع کان يورپي يونين انهن ملڪن جي حڪومتن سان اولهه آفريڪا جي سامونڊي ڪنارن تي مڇي مارڻ بابت معاهدا ڪرڻ شروع ڪيا. پرڏيهي ٻيڙين جي غير پائيدار تجارتي حد کان وڌيڪ مڇي مارڻ سبب وڏي پيماني تي بيروزگاري ۽ علائقي مان ماڻهن جي لڏپلاڻ ۾ واڌ آئي.[27] اهو عمل گڏيل قومن جو سامونڊي قانون بابت معاھدو (يونائيٽيڊ نيشنز ڪنوينشن آن دي لا آف دي سي) جي اصولن جي به ابتڙ آهي، جيڪو مقامي برادرين لاءِ مڇي مارڻ جي اهميت کي تسليم ڪري ٿو ۽ زور ڏئي ٿو ته پرڏيهي ڪمپنين سان مڇي مارڻ جا سرڪاري معاهدا رڳو اضافي ذخيرن (سرپلس اسٽاڪس) تائين محدود هجن.[28]

آڪسفيم جي 2024ع واري رپورٽ انئيڪولٽي, انڪارپوريشن. موجب، اتر عالمي ملڪن ۾ قائم گهڻ قومي ڪارپوريشنون ڏکڻ عالمي ملڪن ۾ هڪ نوآبادياتي طرز جي "استخراجي" (ايڪسٽريڪٽوسٽ) معاشي ماڊل کي برقرار رکي رهيون آهن، جنهن تحت اهي معيشتون ٽامي کان ڪافي تائين بنيادي خام شين جي برآمد تائين محدود رهن ٿيون.[29] ڪيترن عالمن انهن حالتن کي عالمي قدر زنجيرن (گلوبل ويليو چينز) سان پڻ ڳنڍيو آهي، جتي وڌيڪ قدر واريون پيداواري سرگرميون ترقي يافته ملڪن ۾ مرڪوز رهن ٿيون، جڏهن ته وسيلن جي کوٽائي ۽ گهٽ اجرت واري مزدوري ترقي پذير ملڪن ۾ جاري رهي ٿي.[30]

بين الاقوامي قرض وٺڻ

[سنواريو]

آمريڪي معاشيات دان جيفري سيڪس سفارش ڪئي ته آفريڪا تي موجود سمورو قرض (تقريباً 200 ارب آمريڪي ڊالر) معاف ڪيو وڃي. هن اهو به تجويز ڏنو ته آفريقي ملڪ نه عالمي بئنڪ ۽ نه ئي بين الاقوامي مالياتي فنڊ (IMF) جا قرض واپس ڪن.[31]

هاڻي وقت اچي ويو آهي ته هن ڊرامي کي ختم ڪيو وڃي. اهي قرض واپس ڪرڻ جي سگهه کان ٻاهر آهن. جيڪڏهن اهي قرض معاف نٿا ڪن، ته منهنجي صلاح آهي ته اوهان ادائيگي روڪي ڇڏيو؛ اهو قدم پاڻ کڻو. آفريڪا کي چوڻ گهرجي: "توهان جي وڏي مهرباني، پر اسان کي هي رقم انهن ٻارن جون فوري ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ گهربل آهي، جيڪي هن وقت مري رهيا آهن. تنهن ڪري اسان قرضن جي ادائيگيءَ لاءِ رکيل رقم صحت، تعليم، صاف پيئڻ جي پاڻي، ايڊز جي روڪٿام ۽ ٻين تڪڙين سماجي ضرورتن تي خرچ ڪنداسين."

تحفظِ فطرت ۽ نئين نوآباديات

[سنواريو]

ايمانوئل والرسٽين ۽ الڳ طور آندري گونڊر فرينڪ جو خيال آهي ته جديد تحفظِ فطرت جي تحريڪ، جيئن ان تي ورلڊ وائڊ فنڊ فار نيچر جهڙيون بين الاقوامي تنظيمون عمل ڪن ٿيون، اڻڄاڻائيءَ ۾ ترقي پذير ملڪن سان نئين نوآبادياتي لاڳاپن کي هٿي ڏني آهي.[32]

تحفظِ فطرت ۽ نئين نوآباديات

[سنواريو]

ايمانوئل والرسٽين ۽ الڳ طور آندري گونڊر فرينڪ جو خيال آهي ته جديد تحفظِ فطرت جي تحريڪ، جيئن ان تي ورلڊ وائڊ فنڊ فار نيچر جهڙيون بين الاقوامي تنظيمون عمل ڪن ٿيون، اڻڄاڻائيءَ ۾ ترقي پذير ملڪن سان نئين نوآبادياتي لاڳاپا پيدا ڪيا آهن. اهو موقف ايمانوئل والرسٽين جي عالمي نظام جو نظريو (1974ع) ۽ آندري گونڊر فرينڪ جي انحصاريت جو نظريو (1975ع) سان هم آهنگ آهي.

سائنس

[سنواريو]

نئين نوآبادياتي تحقيق يا نئين نوآبادياتي سائنس، جنهن کي عام طور هيليڪاپٽر ريسرچ، پيراشوٽ سائنس يا پيراشوٽ ريسرچ، طفيلي تحقيق يا سفاري اسٽڊي پڻ چيو ويندو آهي، اهڙي تحقيقي طريقي کي سڏيو ويندو آهي جنهن ۾ امير ملڪن جا محقق ڪنهن ترقي پذير ملڪ ۾ وڃي معلومات ۽ نمونا گڏ ڪن ٿا، پوءِ واپس پنهنجي ملڪ وڃي انهن جو تجزيو ڪن ٿا ۽ تحقيق جا نتيجا شايع ڪن ٿا، جڏهن ته مقامي محققن کي يا ته بلڪل شامل نٿو ڪيو وڃي يا رڳو معمولي حد تائين شامل ڪيو وڃي ٿو.

هنگري جي سائنس اڪيڊمي جي 2003ع واري هڪ مطالعي مان معلوم ٿيو ته گهٽ ترقي يافته ملڪن بابت شايع ٿيل مقالن جي هڪ اتفاقي نموني مان 70 سيڪڙو مقالن ۾ ڪنهن به مقامي محقق کي گڏيل ليکڪ طور شامل نه ڪيو ويو هو.

اڪثر اهڙي قسم جي تحقيق دوران مقامي ساٿي رڳو انتظامي سهائتا يا رابطي جي ذميواري نڀائيندڙ طور استعمال ڪيا ويندا آهن، پر سندن علمي مهارت مان فائدو نه ورتو ويندو آهي ۽ نه ئي تحقيق ۾ سندن حصي جو مناسب اعتراف ڪيو ويندو آهي. پيراشوٽ سائنس مان پيدا ٿيندڙ علمي مقالا گهڻو ڪري رڳو امير ملڪن جي سائنسدانن جي علمي ترقيءَ ۾ مددگار ثابت ٿيندا آهن، جڏهن ته مقامي سائنسي صلاحيتن، جهڙوڪ تحقيقي مرڪزن جي ترقي ۽ مقامي سائنسدانن جي پيشاورانه واڌ ويجهه، محدود رهجي ويندي آهي.

اهڙي "نوآبادياتي" سائنس ۾ اوڻيهين صديءَ جي انهن سائنسي طريقن جون جھلڪيون نظر اچن ٿيون، جن ۾ غير اولهندي ماڻهن کي "ٻيا" سمجهي نوآباديات کي هٿي ڏني ويندي هئي. ان ڪري ڪيترائي نقاد اهڙين استحصالي تحقيقي روايتن جي خاتمي ۽ علم کي نوآبادياتي اثرن کان آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪن ٿا.

اهڙو تحقيقي طريقو تحقيق جي معيار کي به متاثر ڪري ٿو، ڇاڪاڻ⁠تہ پرڏيهي محقق هميشه مقامي ضرورتن سان لاڳاپيل صحيح سوال نٿا پڇن يا مقامي مسئلن جي صحيح پسمنظر کي سمجهي نٿا سگهن. نتيجي طور مقامي برادريون تحقيق جي نتيجن مان پنهنجي فائدي لاءِ مناسب نموني فائدو نٿيون وٺي سگهن. خاص طور تي تحفظياتي حياتيات جهڙن شعبن ۾، جتي مقامي برادرين جي عملي شموليت مسئلن جي حل لاءِ ضروري هوندي آهي، نئين نوآبادياتي سائنس تحقيق جي نتيجن کي مقامي ادارن ۽ برادرين ۾ رائج ٿيڻ کان روڪي ٿي، جنهن سبب سائنسدانن پاران اڀياس هيٺ آيل مسئلن جو پائيدار حل ڳولڻ ڏکيو ٿي پوي ٿو.

علائقن موجب

[سنواريو]

آفريڪا

[سنواريو]

فرانس آفريڪ

[سنواريو]
استعمال (2009 ۾):

يورپي نئين نوآباديات جي نمايان مثالن مان هڪ فرانس آفريڪ (Françafrique) آهي، جنهن مان مراد فرانس ۽ ان جي اڳوڻين آفريقي نوآبادين جي وچ ۾ آزادي کان پوءِ به برقرار رهندڙ ويجها سياسي، معاشي ۽ ثقافتي لاڳاپا آهن.

1955ع ۾ آئيوري ڪوسٽ جي صدر فيليڪس هوفويٽ بوائني پهريون ڀيرو "فرينچ آفريڪا" جو اصطلاح مثبت معنيٰ ۾ استعمال ڪيو، جنهن سان سندس مراد فرانس ۽ آفريقي ملڪن جي وچ ۾ سماجي، ثقافتي ۽ معاشي تعاون هو.

بعد ۾ نئين نوآباديات تي تنقيد ڪندڙن هن اصطلاح کي اهڙن غير متوازن بين الاقوامي لاڳاپن جي وضاحت لاءِ استعمال ڪرڻ شروع ڪيو، جن ۾ آزاديءَ باوجود اڳوڻيون نوآباديون فرانس جي اثر هيٺ رهيون.

نئين نوآباديات جو اصطلاح انهن ملڪن ۾ پرڏيهي مداخلت جي وضاحت لاءِ پڻ استعمال ٿيو، جيڪي پين آفريقيت واري تحريڪ سان لاڳاپيل هئا، ۽ بانڊونگ جي ايشيائي–آفريقي ڪانفرنس (1955ع) ۾ شريڪ ٿيا، جنهن جي نتيجي ۾ غير وابسته تحريڪ (1961ع) وجود ۾ آئي.

سڀ آفريقي عوامي ڪانفرنس (AAPC) نئين نوآباديات جي باضابطه تعريف ڪئي، جيڪا ريزوليوشن آن نئو-ڪالونيئلئزم ۾ شايع ڪئي وئي. تونس (1960ع) ۽ قاهره (1961ع) ۾ ٿيل ڪانفرنسن دوران AAPC فرانس طرفان قائم ڪيل آزاد رياستن جي فرانسيسي برادري کي نئين نوآبادياتي نظام قرار ڏنو.[34][35]

جاڪ فوڪار، جيڪو فرانسيسي صدر شارل ڊيگال (1958ع–1969ع) ۽ جارج پومپيدو (1969ع–1974ع) جو آفريقي معاملن بابت اهم صلاحڪار هو، فرانس آفريڪ پاليسي جو بنيادي معمار سمجهيو وڃي ٿو.[36]

فرانسوا-زاويي ويرشاو ۽ مونگو بيٽي جي لکڻين موجب، آفريقي ملڪن جي آزاديءَ کان پوءِ به لڳ ڀڳ چاليهن سالن تائين فرانس ۽ ان جي اڳوڻين نوآبادين جي وچ ۾ اهڙا لاڳاپا برقرار رهيا، جن ۾ فرانسيسي فوجي اڏا قائم رهيا ۽ فرانسيسي گهڻ قومي ڪارپوريشنن، خاص طور معدني وسيلن جي استحصال بابت، اجاريداري برقرار رکي. انهن جو دليل هو ته فرانس سان ويجها لاڳاپا رکندڙ ڪيترائي آفريقي حڪمران—خاص طور آمريڪا ۽ سوويت يونين جي سرد جنگ (1945ع–1992ع) دوران—پنهنجن ملڪن جي خودمختيار قومي اڳواڻن کان وڌيڪ فرانسيسي واپاري ۽ جاگرافيائي-سياسي مفادن جا نمائندا بڻيل هئا. اهڙن اڳواڻن ۾ عمر بونگو (گيبونفيليڪس هوفويٽ بوائني (آئيوري ڪوسٽگناسنگبي اياديما (ٽوگودينيس ساسو نگوئيسو (جمهوريه ڪانگوادريس ديبي (چاڊ) ۽ هماني ديوري (نائيجر) جا نالا شامل ڪيا ويندا آهن.

فرانس ۽ فرانسيسي ٻولي ڳالهائيندڙ آفريقي ملڪن جي وچ ۾ ٿيل دفاعي معاهدن ذريعي خاص طور دفاع ۽ سلامتي جي شعبن ۾ ويجهو تعاون قائم ٿيو. انهن معاهدن سان لاڳاپيل ڳجهن شقن جي بنياد تي فرانس کي فوجي مداخلت جو اختيار پڻ حاصل هوندو هو، جيئن پنهنجي مفادن سان هم آهنگ حڪومتن کي بچائڻ، ساحل واري علائقي ۾ جهادي گروهن خلاف ڪارروائي ڪرڻ، يا گهرو ويڙهن کي ختم ڪرڻ. آفريقي براعظم مان فرانسيسي فوجن جي واپسي هڪ اهڙي دور جي پڄاڻي سمجهي وڃي ٿي، جنهن دوران فرانس چاڊ، ٽوگو، گيبون، روانڊا، جبوتي، زائير، صوماليا، آئيوري ڪوسٽ، مالي، ليبيا ۽ ڪيمرون ۾ فوجي مداخلتون ڪندو رهيو. ان سان گڏ فرانس آفريڪ واري نظام جي خاتمي جي به علامت سمجهي وڃي ٿي.[37]

حوالا

[سنواريو]
  1. Stanard, Matthew G. (2018). European Overseas Empire, 1879 – 1999: A Short History (انگريزي ۾). John Wiley & Sons. ص. 5. ISBN 978-1-119-13013-0.
  2. Scott, John; Marshall, Gordon (2009). "neo-colonialism". A Dictionary of Sociology (انگريزي ۾). Oxford University Press. doi:10.1093/acref/9780199533008.001.0001. ISBN 978-0-19-953300-8.
  3. 1 2 Halperin, Sandra (2023-12-02). "Neocolonialism". Britannica.
  4. Harvey, David (2003). The New Imperialism. Oxford University Press. ISBN 978-0-19-191764-6.
  5. Nkrumah, Kwame (1965). Neo-Colonialism: The Last Stage of Imperialism. Thomas Nelson & Sons.
  6. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.
  7. alaikhtiar althawriu fi almaghrib الاختيار الثوري في المغرب [The revolutionary choice in Morocco] (عربي ۾). دار الطليعة،. OCLC 754752436.
  8. Arnold, Guy (April 6, 2010). The A to Z of the Non-Aligned Movement and Third World. Scarecrow Press. ص. 108. ISBN 978-1-4616-7231-9.
  9. Lenin, Vladimir (1916). Imperialism, the Highest Stage of Capitalism. August 27, 2021 تي حاصل ڪيل Marxists Internet Archive وسيلي.
  10. Nkrumah, Kwame. Neo-Colonialism, the Last Stage of Imperialism. August 27, 2021 تي حاصل ڪيل Marxists Internet Archive وسيلي.
  11. Stiglitz, Joseph E. (2002). عالميت ۽ ان جا ناگوار اثر. W. W. Norton & Company. ISBN 978-0-393-05124-7.
  12. "Conditionality". International Monetary Fund.
  13. Guevara, Che (April 9, 1961). Cuba: Historical exception or vanguard in the anticolonial struggle?. August 27, 2021 تي حاصل ڪيل Marxists Internet Archive وسيلي.
  14. Mandel, Ernest. "Semicolonial Countries and Semi-Industrialised Dependent Countries". New International (New York) (5): 149–175.
  15. Kanet, Roger E.; Miner, Deborah N.; Resler, Tamara J. (April 2, 1992). Soviet Foreign Policy in Transition. Cambridge University Press. ص. 149–150. ISBN 978-0-521-41365-7.
  16. Ruether, Rosemary Radford (2008). Christianity and Social Systems: Historical Constructions and Ethical Challenges. Rowman & Littlefield. ص. 138. ISBN 978-0-7425-4643-1.
  17. Siddiqi, Yumna (2008). Anxieties of Empire and the Fiction of Intrigue. Columbia University Press. ص. 123–124. ISBN 978-0-231-13808-6.
  18. Shannon, Thomas R. (1996). An Introduction to the World-system Perspective. Westview Press. ص. 94–95. ISBN 978-0-8133-2452-4.
  19. Blanchard, William H. (1996). Neocolonialism American Style, 1960–2000. Greenwood Publishing Group. ص. 3–12. ISBN 978-0-313-30013-4.
  20. Seton-Watson, Hugh (1977). Nations and States: An Enquiry Into the Origins of Nations and the Politics of Nationalism. Methuen. ص. 339. ISBN 978-0-416-76810-7.
  21. Bennett, Edward M. (2002). "Colonialism and Neo-colonialism". ۾ DeConde, Alexander; Burns, Richard Dean; Logevall, Fredrik (مرتب). Encyclopedia of American Foreign Policy (2nd ڇاپو). Simon & Schuster. ص. 285–291. ISBN 0-684-80657-6.
  22. Westad, Odd Arne (2005). The Global Cold War: Third World Interventions and the Making of Our Times. Cambridge: Cambridge University Press. doi:10.1017/CBO9780511817991. ISBN 978-0-521-70314-7.
  23. "The Process of Creation of a New World, More Perfect, More Harmonious, and More Just Is Taking Place in Front of Us". Tricontinental: Institute for Social Research (انگريزي ۾). 2026-02-24. 2026-06-29 تي حاصل ڪيل.
  24. Barcia, Manuel (2009-09-01). "‘Locking horns with the Northern Empire’: anti-American imperialism at the Tricontinental Conference of 1966 in Havana". Journal of Transatlantic Studies 7 (3): 208–217. doi:10.1080/14794010903069052. ISSN 1479-4012. https://doi.org/10.1080/14794010903069052.
  25. "Tricontinental - Freedom Archives Search". search.freedomarchives.org (انگريزي ۾). 2026-06-29 تي حاصل ڪيل.
  26. "World Bank, IMF Threw Colombia Into Tailspin". The Baltimore Sun. April 4, 2002. اصل نسخو مان September 29, 2012 تي محفوظ ڪيل.
  27. LaFraniere, Sharon (January 14, 2008). "Europe Takes Africa's Fish, and Boatloads of Migrants Follow". نيو يارڪ ٽائيمز (آمريڪي انگريزي ۾). ISSN 0362-4331. August 27, 2021 تي حاصل ڪيل.
  28. United Nations 2007
  29. Riddell, Rebecca; ۽ ٻيا (15 January 2024). "Inequality, Inc.: How corporate power divides our world and the need for a new era of public action". Oxfam International. 18 January 2024 تي حاصل ڪيل.
  30. "Global Value Chains Development Report". World Bank.
  31. "Africa 'should not pay its debts'". بي بي سي نيوز. July 6, 2004. November 23, 2013 تي حاصل ڪيل.
  32. اهو موقف ايمانوئل والرسٽين جي عالمي نظام واري نظريي (1974ع) ۽ آندري گونڊر فرينڪ جي انحصاريت واري نظريي (1975ع) سان هم آهنگ آهي.
  33. "African protests over the CFA 'colonial currency'". به بي سي خبرون. August 30, 2017.
  34. Wallerstein, Immanuel Maurice (2005). Africa: The Politics of Independence and Unity. University of Nebraska Press. ص. 52. ISBN 0-8032-9856-0.
  35. Graf, William D. (1981). "Reviewed work: Neocolonialism and African Politics: A Survey of the Impact of Neocolonialism on African Political Behaviour, Yolamu R. Barongo". Canadian Journal of African Studies 15 (3): 600–602. doi:10.2307/484744. https://archive.org/details/canadian-journal-of-african-studies_1981_15_3/page/600.
  36. Whiteman, Kaye (Fall 1997). "The Man Who Ran Françafrique – French Politician Jacques Foccart's Role in France's Colonisation of Africa Under the Leadership of Charles de Gaulle". The National Interest (obituary).
  37. "The end of the Defense agreements between France and its former African colonies". radiofrance.fr (فرانسيسي ۾). 2025-07-22. 2025-07-22 تي حاصل ڪيل.