نيو ييئر بيبي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
نيو ييئر بيبي

New Year Baby

فائل:New Year Baby Poster.jpeg
هدايتون سوچيئيتا پوو
رچنا چارلس ووگل
ستارا سوچيئيتا پوو
موسيقي گل ٽالمي
ايڊيٽنگ سينڊرا ڪرسٽي
مهورت
  • نومبر 2006 (2006-11) (آء ڊي ايف اي فيسٽيول)
وقت دوران 80 منٽ


نيو ييئر بيبي(نئين سال جو ٻار) (انگريزي: New Year Baby) ھڪ دستاويزي فلم جو نالو آهي جيڪا 2006 ۾ ٺاھي وئي. ان ۾ ھڪ خاندان جي ڪھاڻي ٻڌائي وئي آهي جيڪو ڪولمبيائي نسل ڪشي دوران بچي نڪتو ۽ آمريڪا ۾ نئين زندگي شروع ڪئي. ھن فلم 2007 ۾ انٽرنيشنل ڊاڪيومينٽري فلم فيسٽيول ايمسٽرڊيم (IDFA) جو موويز دئٽ ميٽرس ("Movies That Matter") ايوارڊ کٽيو ۽ اٺ ٻيا بين الاقوامي اوارڊ کٽيا. اھا فلم نيشنل پي بي ايس تي 2008 ۾ نشر ٿي.

فلم جي ڪھاڻي[سنواريو]

فلم جو مکيہ ڪردار سوچيئيتا ٿائيلينڊ ۾ پناهگيرن جي ڪيمپ ۾ پيدا ٿئي ٿي جتي سندس خاندان ڪمبوڊيا ۾ جاري نسل ڪشي کان ڀڄي اچي پناھ ورتي هئي جنھن بعد انھن آمريڪا جي رياست ٽيڪساس ھجرت ڪئي جتي نئين زندگيءَ جي شروعات ڪئي. ڪھاڻي ۾ سوچيئيتا ھڪ ڪرسمس تي گھر موٽي ٿي تہ گھر اندر سندس ماء گھر فردن جي گڏجاڻي ڪوٺي ٿي جنھن ۾ سوچيئيتا آڏو اھو راز کلي ٿو تہ سڄي خاندان کيس پنھنجو ڪيو ھو. سندس ٻہ ڀينر ھن جون اصل ڀينر نہ ھيون پر سوٽ ھيون. سندس ڀاء بہ بہ ويڳي پئ مان ھو، سندس ماء سوچيئيتا جي ڄمڻ کان اڳ ٻي شادي ڪئي هئي. سندس خاندان ڪميونسٽ پارٽي آف ڪمپوچيا (کمر روگ) جي ھڪ ليبر ڪيمپ ۾ جڙيو ٺھيو پر اھو ڪمبوڊيائي نسل ڪشي ۾ ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويو. ان راز کلڻ کان پوءِ سندس ماء ئي پئ کيس ڪمبوڊيا گھمڻ لاء دعوت ڏني ۽ ھوءَ راضي ٿي خاندان متعلق ٻين رازن جاچڻ لاءِ رواني ٿي ۽ خاندان جي ماضيءَ کي جاچڻ شروع ڪيو. ليبر ڪيمپ مان ھن جي سوٽ ڀينرن جي پي کي کڻي ويا ۽ اھو وري ڪانہ موٽيو ۽ سندن ماء بک وگھي مري وئي ۽ ٻئي يتييم ٿي ويون جن کي سوچيئيتا جي ماء پنھنجو ڪيو. سوچيئيتا جي ماء کي جڏھن ليبر ڪيمپ ۾ کڻي آيا تہ ان جو مڙس ۽ پٽ بہ ساڻس گڏ هئا جنھن بعد سندس مڙس مارجي ويو ۽ ھن پنھنجي پٽ ۽ مڙس جي ٻن ڀائٽين کي سنڀاليو. ليبر ڪيمپ ۾ سوچيئيتا جي پئ سان ملي ۽ انھن شادي ڪئي. سوچيئيتا ۽ سندس خاندان ان سفر ۾ خاندان جي ماضيءَ سان لاڳاپيل جايون گھميون سندس سؤٽ ڀينرن جي پئ جي قبر ڏٺي ۽ ٻين عزيزن کي ڳولھي انھن سان مليا. جڏھن ھن جو خاندان ويڙھ جي خاتمي بعد کمر روگ ڪيمپ مان ازاد ٿيو تہ سوچيئيتا جو سؤٽ ڀينر پنھنجي پاليندڙ پئ ماء کان وڇڙي ويون ھيون ۽ ڪافي مھينن بعد لڀيون جنھن بعد سندس پيء سرحد تان خاندان کي سمگل ڪري ٿائيلينڊ جي اندر ڪمبوڊيا واري سرحد تي پناھگير ڪيمپ ۾ وٺي آيو جتي سوچيئيتا پيدا ٿي. فلم ۾ سوچيئيتا ۽ سندس خاندان ٽيڪساس موٽي اچن ٿا جتي ھوء پنھنجي پيءُ ماء جي شادي جي سالگره ملهائي ٿي.

وڌيڪ پڙھو[سنواريو]