نيو وشواناٿ مندر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان


انڊيا ته ڇا بلڪي ايشيا جي وڏي بنارس هندو يونيورسٽي (BHU) گنگا نديءَ جي ڪناري جي ڀرسان اڌ گول جي شڪل ۾ آهي، جنهن جي وچ ۾ وشواناٿ مندر پري کان نظر اچي ٿو هي مندر واراناسي شهر ۽ بنارس هندو يونيورسٽيءَ جو لينڊ مارڪ  آهي. عمارتسازي ۽ خوبصورت گلڪارين ۽ رنگن ڪري هي هر هڪ لاءِ ڪشش جو سبب آهي.

هي مندر نيو وشواناٿ مندر جي نالي سان به سڏجي ٿو، اصل ۾ هي بنارس شهر جي هڪ اهم مندر ڪاشي وشواناٿ مندر جي رپليڪا (replica) آهي جيڪو بنارس هندو يونيورسٽي جي باني پنڊت مدن موهن مالويا جي خواهش تي انڊيا جي امير ۽ مشهور واپاري ۽ ڪارخانيدار ڪٽنب برلا وارن 1966ع ۾ ٺهرايو. ان ڪري هن مندر کي بِرلا مندر به سڏيو وڃي ٿو. هن مندر جو ٽاور ويهه ماڙ آهي ۽ دهلي جي قطب مينار کان پوءِ ٻئي نمبر تي اتاهون آهي. مندر جا ٻه حصا آهن: گرائونڊ فلور ۽ فرسٽ فلور. جيڪي يونيورسٽيءَ جي رنگن مان هڪ گلابي رنگ سان پينٽ ٿيل آهن. مندر جي در وٽ ڪجهه دڪان پڻ آهن، جن مان ڪي گل وڪڻڻ وارن جا، ڪي ڌرمي ڪِتابن جا ته، ڪي چانهه بسڪيٽن جا. مندر جي در وٽ جِتي بوٽ لاهي اندر گهڙجي ٿو، اصل هي مندر شِو ديوتا جو ئي سمجھڻ کپي جو هندو ڌرم ۾ وشواناٿ شِو ديوتا جو ٻيو نالو آهي. وشواناٿ به عام نالو آهي.

مندر جي سهڻي عمارت، صفائي سٿرائيءَ کان سوائيَ ان جي چوڌاي سهڻي نموني سان ڇانگيل وڻ ۽ ٻارين ۾ رنگين موسمي گل ۽ آسمان تي ڪڪر هجڻ ڪري ڪڏهن جھڙ ته ڪڏهن اس سٺو نظارو پيش ڪيو ٿي. مندر جي اوسي پاسي ويهڻ لاءِ ماربل ٽاپ جون بينچون رکيل آهن. مندر جو وچ شو لنگم آهي، جنهن جي چوڌاري ننڍا ننڍا نتراج، پنج مکي يعني پنجن منهن وارو مهاديو، پاروتي، گنيش، هنومان ۽ ناندي يعني ڍڳي جا مندر آهن. ڪجهه شاگرد سرسوتي ديوي اڳيان بيٺل هئا جيڪا بنارس هندو يونيورسٽي جي لوگو تي پڻ ٺهيل آهي. [1] [2]


  1. بنارس کان برمودا (الطاف شيخ) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-09-08 
  2. ڪتاب: بنارس کان برمودا، ليکڪ: الطاف شيخ