نيوڳ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

نيوڳ: (Levirate):

ڏير ۽ ڀاڄائيءَ جي ميلاپ بنسبت اڳي هڪ نهايت عجيب رواج به ڪجهه وقت هلندڙ هو، جو ”نيوڳ“ سڏبو هو . رگ ويد واري زماني ۾ عام دستور هيءُ هوندو هو ته جنهن زال جو مڙس مري ويندو هو، سا پنهنجي پتيءَ سان گڏ چکيا تي چڙهي، پاڻ کي جلائي ڀسم ڪندي هئي. اهو ئي رواج ڪي صديون ساندهه هلندو آيو. ڪن حالتن ۾ وڌوا پنهنجي ڏير يا مڙس جي ڪنهن ويجهي عزيز سان پرڻبي هئي. وقتي هيئن به ٿيندو هو ته جنهن جوان زال کي پنهنجي پتيءَ مان ڪو اولاد نه هوندو هو، سا پنهنجي نسل قائم رکڻ لاءِ ڏير سان ڪجهه وقت گڏ رهي، ٻار ڄڻيندي هئي، (رگ ويد، منڊل ڏهون، 40، 2). ڏير سان گڏ رهڻ لاءِ وهانءَ جا ساٺ سوڻ ڪونه ٿتيندا هئا، جو اهي سڄي عمر زال مرس ٿي گڏ نه گذاريندا هئا. انهيءَ رواج جو مثال مهاڀارت مان به ملي ٿو. مهاڀارت واري زماني ۾ ويد وياس پنهنجيءَ وڏيءَ ڀاڄائيءَ انيڪا سان هڪواريءَ سنجوڳ ڪري ”ڌر تراشٽر“ (ڪورون جو پيءُ) ڄڻيو. ساڳئي ويد وياس پنهنجيءَ ننڍيءَ ڀاڄائيءَ انبالڪا مان ”پانڊو“ (پانڊون جو پويءُ) ڄڻيو. اهي ٻار ڄاوا ته پوءِ ويد وياس ڪڏهن به وري پنهنجين ڀاڄاين جي ويجهو ڪونه ويو، جو انهيءَ ٿوري وقت سنجوڳ ڪرڻ جي مراد رڳي ايتري هئي ته پٽ پيدا ٿئي، جو ڪُل جو نالو قائم رکندو اچي. انهيءَ رسم کي ”نيوڳ“ سڏيندا هئا. انهيءَ رواج جو منو سمرتيءَ (9، 89 – 70) ۾ به ذڪر ڪيل آهي. شلوڪ 70 ۾ چيل آهي ته ڀاڄائيءَ جو ناتو پنهنجي ڏير سان فقط تيستائين رهندي جيستائين پٽ ڄمندس. راجا ڌر تراشٽر ۽ راجا پانڊو توڙي جو وڏو گهراڻا آريا هئا، ته به هيءُ نيوڳ جو رواج سڀني آرين ۾ عام نه هو. اهو گهٽ ذات وارن جو رواج هو، جنهنڪري وڏ گهراڻن آرين انهيءَ رواج کي پوءِ زور وٺڻ ته نه ڏنو، پر پاڻ صفا بند ڪري ڇڏيائون، جنهنڪري رڳو گهٽ ذاتين وارا اهو رواج پوءِ هلائيندا آيا. اڄ تائين اوريسا جا ڪي گهٽ ذات ورا هندو پنهنجي نياڻي انهيءَ ماڻهوءَ سان پرڻائيندا آهن، جنهن کي ڪو ڀاءُ هوندو آهي، ته مڙس مري وڃڻ جي حالت ۾ هوءَ ڏير سان پرڻجي سگهي، ۽ هميشه لاءِ وڌوا ٿي رهڻو نه پويس. ساڳيءَ طرح آگري ۽ ائوڌ جي گڏيل پرڳڻن، ۽ بهار جا ڪي گهٽ ذات وارا هندو ڏنيل زال کي پنهنجي ڏير مان اولاد پيدا ڪرڻ جي اجازت ڏيندا آهن. مطلب ته وڏ گهراڻن هندن اِهو رواج بنهه بيهودو سمجهي ٿڏي ڦٽو ڪيو، جنهنڪري هن وقت رڳو ڪي گهٽ ذات وارا هندو اهو رواج هلائيندا پيا اچن، پر اهو به سڀني هنڌ عام ڪونهي.[1] هيءُ نيوڳ جو رواج خود ائين پيو ڄاڻائي ته اهو اصل آرين جو جاري ڪيل نه هو، نه ته جيڪر نيوڳ جا گهڻي ئي مثال اتهاسن ۽ پراڻن مان ملن. تاريخ جي اڀياس مان مصنف کي ائين سمجهڻ ۾ اچي ٿو ته اهو رواج اصل بني اسرائيل (يهودين) جاري ڪيو هو، ۽ هنن کي ڏسي ڪجهه وقت آرين به لاچاري حالتن ۾ اهو روا ڪيو، پر ان کي ڪڏهن به زور وٺائڻ جي ڪوشش نه ڪيائون. رگ ويد واري زماني ۾ ئي اُتر هندستان ۽ ڏکڻ هندستان جا واپاري وڻج واپار سانگي بئبلونيا، سيريا يا شام ملڪ ۽ الهندي ايشيا جي ٻين هنڌن ڏانهن ويندا هئا، ۽ پوءِ اتي پنهنجون بيٺڪون به وڌائون، بلڪ منجهائن ڪي يهودين ۽ ٻين سيميٽڪ قومن سان سنڱ ڳنڍي ويٺا. انهيءَ گهڻي ۽ گهاٽيءَ لهه وچڙ جو هڪ اثر هي ٿيو، جو بني اسرئايلن جو هيءُ رواج ڪن آرين به اختيار ڪيو، پر رڳو لاچاري حالتن ۾ بني اسرائيلن ۾ نيوڳ جو رواج نهايت قديم زماني کان هو، ۽ پوءِ حضرت موسيٰ ان کي زور وٺايو. اها حقيقت عيسائين جي انجيل مان ڀليءَ ڀت معلوم ٿئي ٿي. انجيل ۾ چٽيءَ ريت لکيل آهي ته حضرت موسيٰ جو چوڻ هو ته ”جيڪڏهن هڪڙو ڀاءُ بنا اولاد جي مري وڃي، ته ٻيو ڀاءُ پنهنجيءَ ڏنيل ڀاڄائيءَ مان سندس نالي ٻار پيدا ڪري.“ حضرت موسيٰ جي فرمودي موجب قديم يهودي هيئن ڪندا هُئا، جو ڪنهن جو هڪڙو ڀاءُ مري ويندو هو، ته سنديس ڏنيل زال ٻئي ڀاءُ سان گڏ رهندي هئي ۽ بيو ڀاءُ بنا اولاد جي مري ويندو هو ته پوءِ ٽئين، چوٿين، پنجين، ڇهين ۽ ستين ڀاءُ سان به گڏ رهي ٻار ڄڻيندي هئي“! انجيل جي جهوني عهدنامي (Old Testament) مان معلوم ٿئي ٿو ته قديم يهودين ۾ اصل قاعدو ئي اهو هو ته ”جيڪڏهن ڀائر گڏ رهندا هجن، ۽ منجهائن ڪو هڪڙو بنا اولاد جي مري وڃي، ته فوتيءَ جي زال ڪنهن ڌارئي سان نه پرڻجي. سندس ڏير کيس پنهنجي زال ڪري ساڻس سنجوڳ ڪري، ۽ جيڪو پهريون ٻار ڄمي، سو فوتيءَ جو اولاد ليکجي، ته بني اسرائيل ۾ فوتيءَ جو نالو قائم رهي“. هن قائدي موجب پنهنجيءَ ڏنيل ڀاڄائيءَ مان ٻار پيدا ڪرڻ ڏير جو فرض هوندو هو. جيڪڏهن ڪو ڏير پنهنجيءَ انهيءَ فرض ادا ڪرڻ کان انڪار ڪندو هو ته سنديس ڏنيل ڀاڄائي شهر جي بزرگن وٽ دانهياڻي ٿي ويندي هئي، ۽ مکي ۽ پئنچ سندس ڏير کي گهرائي سمجهائيندا هئا. انهن بزرگن جي چوڻ کانپوءِ به جيڪڏهن ڪو ڏير پنهنجيءَ ڀاڄائيءَ جي ويجهو نه ويندو هو، ته هوءَ انهن بزرگن جي روبرو ڏير کي منهن ۾ ٿڪ هڻندي هئي، ته لوڪ ڏسي ته هيءُ اهڙو نالائق آهي، جو پنهنجي ڀاءُ جي نالي ٻار پيدا ڪرڻ کان انڪار ڪري ٿو، ۽ ٻيا عبرت وٺن ته جيڪو ڏير پنهنجو اهو فرض ادا نه ڪندو، سو ٿڪ لعنت جوڳو ٿيندو! هيءُ رواج هن وقت گهڻن کي عجيب لڳندو، پر آڳاٽن يهودين جا قاعدا اجهي اهي هئا، جي سندن پاڪ ڪتاب (انجيل) ۾ لکيل آهن. .[2]

آڳاٽن آرين به ”نيوڳ“ جو رواج ڪجهه وقت قائم رکيو، ۽ انهيءَ ۾ ڪو اهم ڪونه ايندو هئن. ايترو آهي ته ڀيشم پتامہ پنهنجي پيءُ جي دل وٺڻ لاءِ سڄي عمر برهمچاري ٿي رهڻ جو پرڻ ڪيو هو، ۽ پوءِ چيائونس ته پنهنجين ڀاڄاين سان ڪجهه وقت گڏ رهي پتر سنتان پيدا ڪر ۽ ائين ڪرڻ کان صفا انڪار ڪيائين، ته ڪنهن به ڏوراپو ڪونه ڏنس. هن مان ظاهر آهي ته يهودين وانگر آريه لوڪ پنهنجين ڀاڄاين مان ٻار پيدا ڪرڻ لاءِ ٻڌل ڪونه هوندا هئا. هن وقت جي ڪري اهو ”نيوڳ“ جو رواج ”نهَ يوڳ“ (اجوڳ) يعني نامناسب يا غير واجبي آهي. ايترو آهي ته ڏير جو وهانءُ هن وقت جيڪڏهن ڏنيل ڀاڄائيءَ سان ٿئي ٿو ته وهانءُ جا ساٺ سوڻ ڪن ٿا، ۽ هو جيستئاين جيئرا آهن، تيستائين زال مڙس ٿي گڏ گذارين ٿا، پر اهڙا وهانءَ به بلڪل ٿورڙا ٿين ٿا..[3]نيوڳ جو رواج آفريڪا ۾ پڻ ھيو جتي وڏي ڀاء جي زال جي شادي ننڍي ڀاءُ سان ڪرائي ويندي ھئي پر اھڙي حالت ۾ عورت اڪثر وڏي عمر جي ڪري ٻار ڄڻڻ جي لائق نہ ھوندي ھئي.[4] يھوديت ۾ ان قسم جي شادي واري رواج مطابق پنھنجي ڀاءُ جي بيواھ سان شادي کان پوءِ پھريون ٻار ان مئل ڀاء جي اولاد سڏبو هو ۽ اھو ان جي ملڪيت جو وارث ٿيندو ھو.[5] اسلام ڀاء جي بيواھ سان شادي جي اجازت ڏئي ٿو پر شادي سان عورت پنھنجي پھرين مڙس جي وارث نہ رھندي آھي.[6]

حوالا[سنواريو]

  1. {ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page24.html.  Missing or empty |title= (مدد)
  2. {ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page24.html.  Missing or empty |title= (مدد)سانچو:Moses said, "If a man die, having no children, his brother shall marry his wife, and raise up seed unto his brotherL St. Matheus, XXII, 24 ff.}
  3. {ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page24.html.  Missing or empty |title= (مدد)
  4. Why Polyandry Fails: Sources of Instability in Polyandrous Marriages Nancy E. Levine; Joan B. Silk http://case.edu/affil/tibet/tibetanSociety/documents/02.pdf
  5. Frymer-Kensky, Tikva. "Tamar: Bible", Jewish Women: A Comprehensive Historical Encyclopedia. 20 March 2009. Jewish Women's Archive. (Viewed on August 6, 2014)
  6. Quran Chapter 4 (al-Nisa) verse 19