نيويگيشن

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سمنڊ ۾ رستو ڳولڻ جي هنر کي جهازراني يا نيويگيشن (Navigation) سڏجي ٿو. سمنڊ تي خشڪيءَ جي رستن وانگر رستا ڪو نه هوندا آهن. سمنڊ تي رستو ڳولڻ ۽ لڳندڙ هوائن ۽ لهرن کان فائدو وٺي يا بچاءُ ڪري، جهاز هلائڻ نيويگيٽرن (ڊيڪ آفيسرن) جو ڪم آهي. نه رڳو جهاز هلائڻ ڪيترائي دفعا سج، چنڊ ۽ تارن جي مدد سان جانچڻو پوندو آهي ته جهاز واقعي صحيح رستي ۽ رخ ۾ هلي پيو يا نه. هاڻ ڪجھه اهڙا اوزار ايجاد ٿي چڪا آهن جن ذريعي وقت بوقت اها خبر پوندي رهي ٿي ته جهاز ڌرتيءَ جي گولي تي ڪهڙي هنڌ آهي. ان اوزار کي سيٽلائٽ نيويگيٽر (Satellite Navigator) سڏجي ٿو. [1] [2]

  1. سي ئي جوڀن ڏينهن (الطاف شيخ) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-11 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-09-19 
  2. ڪتاب: سي ئي جوڀن ڏينهن