نينو ٽيڪنالاجي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

نينوٽيڪنالاجي (nanotechnology) جي وصف نيشنل نينوٽيڪنالاجي انيشيئيٽو طرفان ڪجهہ ھيئن ڪيل آھي: 1 کان 100 نينوميٽرن (ن م) تائين جي ماپ رکندڙ مادي تي سرگرميون انجام ڏيڻ. ھن پيماني تي، جنھن کي نينو پيمانو يا نينو اسڪيل چيو وڃي ٿو، سطحي ايراضي ۽ ڪوانٽم مڪنيڪل اثر مادي جون خصوصيتون بيان ڪرڻ ۾ مدد ڪن ٿا. نينوٽيڪنالاجي جي وصف ۾ اھي سڀ تحقيقون ۽ ٽيڪنالاجيون شامل آهن جيڪي انهن خاص خصوصيتن سان ڳانڍاپو رکن ٿيون. ان ڪري اھڙي ماپ تي ٿيندڙ تحقيق ۽ ان جي لاڳو ٿيڻ کي جمع ۾ ″نينوٽيڪنالاجيز″ ۽ ″نينو اسڪيل ٽيڪنالجيز″ عام طور سڏيو وڃي ٿو. جڏھن تہ نينو ٽيڪنالاجي جي پراڻي وصف ايٽمن ۽ ماليڪيولن کي ننڍي پيماني تي جوڙي ويندڙ شين ڏانهن اشارو ڪندي ھئي جنھن کي ماليڪيولر نينو ٽيڪنالاجي پڻ سڏجي ٿو.