نيراگينسٽ (يو.ايس.اين.ايس.)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

USNS Narragansett (T-ATF 167) underway

سانچو:Infobox ship careerسانچو:Infobox ship characteristics

يو.ايس.اين.ايس.نيراگينسٽ : USNS Narragansett (T-ATF-167) آمريڪا جو ايس ڪلاس نيوي جو پاڻيء جو جھاز ھيو جيڪو آمريڪي رياست وسڪانسن جي شھر ميرينيٽ(Marinette) جي ميرينيٽ ميرين ڪارپوريشن 5 مئي 1977 ۾ ٺاھي پاڻي ۾ لاٿو ۽ ڇھ مھينن ۾ نيوي جي حوالي ڪيو ويو. آمريڪي ملٽري سامونڊي ڪمانڊ ھن جھاز کي نيراگينسٽ جو نالو ڏنو ۽ ان کي يو.ايس.اين.ايس. جي حوالي ڪيو جنھن ڪري اھو يو.ايس.اي.ايس.نيراگينسٽ (T-ATF-167) سڏجڻ لڳو.نيراگينسٽ اصل ۾ نيو انگلينڊ واري علائقي ۾ رھندڙ قبيلي جو نالو ھو جيڪو ھن جھاز کي پڻ ڏنو ويو. 1983 ۾ ھن جھاز ڪورين ايئر لائينز جي سمند ۾ ڪريل فلائيٽ 007 جي ملبي جي ڳولا ۾ حصو ورتو. ھن بحري جھاز کي 18 آڪٽوبر 1999 ۾ غير فعال رزرو( inactive reserve) جي حوالي ڪري ان جو استعمال ختم ڪيو ويو ۽ 5 جون 2002 ۾ ان جو نالو بحري ٻيڙن جي رجسٽر مان ڪٽيو ويو ۽ 2 آگسٽ 2002 ۾ نيول سامونڊي سسٽم ڪمانڊ ان کي ڪمرشل استعمال لاء نيوجرسي جي ھل سائيڊ جي ڊينجن ميرين کي ليز تي ڏئي ڇڏيو ۽ ھن وقت ھي جھاز ڪيليفورنيا رياست جي شھر سان فرانسسڪو جي گھاٽ نمبر 80 تي موجود آهي.