نياءُ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

نياءُ (Niyaau)، انصاف يا جسٽس (Justice) هڪ تصور آهي، جيڪو اصولن، قانون، عقليت ، اخلاقيات ، مذهب ،فطري قانون ۽ نيڪيءَ وغيره وارن نُڪتن تي بيٺل آهي. عالمي سياست ۾ هن اصطلاح جو عام مطلب اُهي اعليٰ ۽ اُتم اخلاقي معيار آهن، جيڪي ڪنهن به روايتي قانون کان الڳ هوندي به، هر رياست منجهه حقن ۽ فرضن جي ضابطي کي ٿيڻ جوڳو ٺاهين ٿا. بين الاقوامي لاڳاپن ۾ انصاف جي تصور جي ِِگھُرج عالمي ذريعن، ورثن يا دولت جي مُناسب ورهاڱي ۽ رياستي يا اداراتي تڪرارن جي نبيري مهل پئجي سگهي ٿي. عالمي لاڳاپن ۾ اڄڪلهه انصاف ”طاقتور لاءِ هجڻ“ واري صورتحال کي ڏسندي، انصاف جي ڪائناتي انداز ۾ موجودگيءَ جي ڏاڍي گھُرج محسوس ٿئي ٿي. هن موقف جا حامي ٽيڪنالاجيءَ جي حدبندين کان مٿانهين حاصلات ۽ رياستن جي هڪٻئي مٿان وڌندڙ دارومدار کي ڳڻيندي، انصاف جي وسيع معنا تي زور ڏين ٿا. ”نياءَ“ جي تصور بابت انگريز مُفڪر هابس جي پوئلڳن، حقيت پسندن ۽ تصوريت پسندن وچ ۾ ڪيترن قسمن جا اختلاف ڏٺا ويا آهن، تنهنڪري هن اصطلاح بابت ڪا خاص وضاحت ڏيڻ جوڳي ڪونهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. سنڌي آنلائين ڊڪشنري[مئل ڳنڍڻو] پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد