نو کڻي راند
ڏيک
نوکُڻي راند اوٽي تي اڱر يا ڪاٺيءَ يا واريءَ تي ڪاٺي سان ليڪا ڪڍي پوڙها ۽ جوان، ٻہ ڄڻا ڪندا اهن. هن ۾ سمجھ جي ضرورت اهي تنهنڪري ننڍا ٻار ڪري نہ سگهندا آهن. هن ۾ هڪ هڪ وٽ نَو – نَو ساريون هونديون آهن، جن کي ڪڪِريُون چوندا اهن، جن جي ڪک، ٺڪر، ڀتر، ڦولهڙين مانپورت ڪندا آهن. پوءِ واري تي سڀڪو ڪڪري رکندو ايندو. جي ڪو ٽي ڪڪڙيون سڌائي سان رکي ويو تہ ٻئي جي هڪ ساري ماريندو ۽ اها ڪڍي ٻاهر رڱکندو، تنهنڪري سڀڪو اها ڪوشش ڪندو تہ آءٌ ڪڪريون اهڙيءَ طرح رکان جيئن منهنجيون ٽي ڪڪريون اڳ ۾ سڌائي ۾ اچن ۽ ٻئي جون سڌائي ۾ نہ اچن. آخر جيڪو گهڻيون ڪڪريون ماري ويو، تنهن راند کٽي.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ ڪتاب جو نالو: تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون)، مصنف: رائچند هريجن، ايڊيشن: ٽيون- سال: 2005ع، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، سنڌ.