مواد ڏانھن هلو

نور احمد ڪاتيار

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

منزل مراد ۽ منزل مردار ۾ وڏو فرق هوندو آهي. منزل مراد زنده قومن کي ملندي آهي ۽ منزل مردار زنده قومن جي مرده ماڻهن جو مقدر بڻجندي آهي. منزل مراد جا مسافر حق ۽ انصاف جي رستي جي چونڊ ڪن ٿا. جڏهن ته منزل مردار جا مسافر ڪوڙ، مڪاري ۽ ظلم ۽ ناانصافي جي رستي تي هلندا آهن. منزل مراد تي پهچندڙن کي زندگي، آزادي ۽ خلق خدا جي فتح جو احساس ٿيندو آهي. جڏهن ته منزل مردار تي پهچندڙ موت جي ڊپ ۾ مبتلا هجن ٿا ۽ طاقت هجڻ باوجود خلق کان ڊنل هوندا آهن. منزل مراد تي هر طرف خوشي ۽ جشن ملهائيندي ڏسڻ ۾ ايندا ۽ منزل مردار تي صرف موت جهڙي خاموشي ۽ سازش جو رقص ڏسڻ ۾ ايندو آهي. پاڪستاني قوم کي 16 مارچ 2009ع واري ڏينهن تي پنهنجي منزل ملي چڪي آهي. جسٽس افتخار محمد چوڌري سميت سمورن هٽايل ججن جي بحالي سڄي دنيا ۾ پاڪستاني قوم جو افتخار بڻجي چڪي آهي. اها شروعات شاندار آهي. جسٽس افتخار چوڌري دنيا جو واحد منصف آهي. جنهن کي هڪ ظالم ڊڪٽيٽر ٻه ڀيرا پنهنجي عهدي تان هٽايو. ڊڪٽيٽر وٽ ٽينڪون ۽ بندوقون هيون. جڏهن ته منصف وٽ رڳو منزل مراد جي مسافرن جو ساٿ هو. 16 مارچ پاڪستان ۾ انصاف جي فتح جو ڏينهن آهي. ان فتح ۾ وڪيلن، سول سوسائٽي، ميڊيا ۽ سياسي ڪارڪنن سميت هزارن ملڪ واسين جو اهم ڪردار آهي. جيڪو پنهنجي گهر ۾ ويٺو منزل مراد جي مسافرن جي حق ۾ دعائون گهري رهيو هو اهو به ان ۾ شريڪ آهي، پر انصاف جي تقاضا اها آهي ته منزل مراد تائين فتح جو جهنڊو پهچائيندڙ مجاهدن جي همت ۽ بهادري جو اعتراف کليل دل سان ڪيو وڃي. اسان کي اهو وسارڻ نه گهرجي ته انصاف لاءِ جدوجهد جي ان سفر ۾ ڪجهه ماڻهو شروع کان وٺي آخر تائين ثابت قدم رهيا. ڪي ماڻهو سفر ۾ شامل ٿيا، پر پوءِ وري پنهنجن همسفرن کي ڇڏي لٽيرن سان وڃي مليا ۽ قافلي تي راتاها پئي هنيائون انهن مان ڪيترا لٽيرا وري سفر ۾ شامل ٿي ويا ۽ منزل مراد تي پهچي قوم کي مبارڪباد ڏئي رهيا آهن. دير آيد- درست آيد، پر انصاف اهو ناهي ته سڀني کي خوش رکڻ لاءِ سڀني کي هڪ نظر سان ڏٺو وڃي ۽ سڀني جي هڪجهڙي تعريف ڪئي وئي. انصاف اهو آهي ته جنهن جي سڀ کان وڌيڪ قرباني آهي ۽ گهڻي جدوجهد آهي، ان جو به ذڪر ڪيو وڃي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سڀ کان وڌيڪ همت ۽ مڙسي جسٽس افتخار محمد چوڌري ڏيکاري، جيڪو هر قسم جي لالچ ۽ دٻاءُ باوجود سينو سپر ڪري ثابت قدم بيٺو رهيو. وڪيل اڳواڻن به ٻن سالن تائين قربانيون ڏنيون. ميڊيا ۽ سول سوسائٽي جي قابل فخر ڪردار جو به سڀني کي اعتراف آهي، پر ٿورو سوچو، جيڪڏهن 15 مارچ تي نواز شريف به ٻين اڳواڻن وانگر روپوش ٿي وڃي ها يا نظربندي جو حڪم قبول ڪري ها؟ ته ڪجهه ڪلاڪن جي هنگامي کان پوءِ لانگ مارچ 15 مارچ جي شام تائين ئي پنهنجو دم ٽوڙي ويهي ها. پنجاب جي گورنر سلمان تاثير ۽ سندس ساٿي رحمان ملڪ جا حوصلا بلند ٿي وڃن ها ۽ ٻي ڏينهن هو نواز شريف، قاضي حسين احمد، عمران خان کي گرفتار ڪرڻ لاءِ انساني حقن کي لتاڙي ڇڏين ها. فتح وري به قوم جو مقدر بڻجي ها، پر اهڙي شان سان فتح نه ملي ها جهڙي جيڪا 16 مارچ جي صبح ٿيڻ کان اڳ دنيا کي سڀ کان وڏي فتح جي خبر ملي. 15 مارچ منجهند ڌاري نواز شريف اها ئي مڙسي ڏيکاري جيڪا 18 آڪٽوبر 2007 تي محترمه بينظير ڀٽو ڪراچي ۾ ڏيکاري هئي. بينظير ڀٽو به سمورن خطرن جي پرواهه نه ڪندي. ٽرڪ تي چڙهي وئي هئي ۽ سندس چؤطرف لکين ماڻهو گڏ ٿي ويا هئا. نواز شريف سمورين پابندين کي ٽوڙي گهر کان ٻاهر نڪتو ته عوام جو هڪ وڏو سيلاب سندس پويان ڇوليون هڻندو آيو. انهيءَ سيلاب کي ڏسندي 15 مارچ جي شام تائين ايبٽ آباد هري پور طرف کان هزارين ماڻهو پير سوهاوا رستي اسلام آباد جي پهاڙن تي چڙهي ويا. جڏهن ته بنون ۽ ڪوهاٽ کان هلندڙ قافلا تر نول چؤڪ تي گڏ ٿي رهيا هئا. اٽڪ پل ۽ مري ٽول پلازا بند ڪيو ويو هو، پر اسلام آباد اندر رهندڙ ماڻهن جي چهرن تي ظاهر ٿيندڙ بغاوت کي منزل مرادر جا مسافر پڙهي چڪا هئا. ان دوران مولانا فضل الرحمان عدليا جي آزادي جي تحريڪ کي صرف پنجاب ۾ اقتدار جي راند قرار ڏئي صوبائي تعصب کي اڀارڻ جي ڪوشش ڪئي پر فورن اتي موجود سنڌ جي قومپرست ۽ عوامي اڳواڻ رسول بخش پليجي صاحب ان ڪوشش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو. نواز شريف عدليا جي آزاديءَ لاءِ پنجاب ۾ پنهنجي پارٽي جو اقتدار قربان ڪيو ۽ 15 مارچ تي جان جو جوکم کڻي منزل مراد جي سفر تي نڪتو. پاڪستان جي عوام سندس ڪردار کي هميشه ياد رکندي ۽ مولانا فضل الرحمان جي ڪردار کي به ياد رکندي. مون وٽ لاتعداد خط، اي- ميلون ۽ ايس ايم ايس آيا آهن. مولانا فضل الرحمان جي بيان تي اندرون سنڌ، صوبي سرحد ۽ بلوچستان ۾ نواز شريف لاءِ حمايت وڌي آهي. وڌيڪ چالاڪي به سٺي ناهي هوندي. جن ماڻهن 15 مارچ تي پنهنجو پاڻ کي وڏو چالاڪ سمجهندي صوبائي تعصب ذريعي انصاف جي فتح کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي. اهي ان قابل ناهن رهيا ته ڪڏهن پشاور، راولپنڊي، لاهور، ڪراچي يا ڪوئٽه جي بار ايسوسيئيشن جي اجلاس ۾ آئيندا مهمان مقرر ٿي سگهن. ان جي داخلا ممنوع ٿي چڪي آهي. ٻي طرف نواز شريف هاڻي پاڪستان جي ڪنهن به ڪنڊ کان نڪرندو ته سندس پويان وڏا وڏا قافلا نڪرندا. هتي مان عوام کي خبردار ڪرڻ گهران ٿو، دشمن هٿيار ضرور ڦٽا ڪيا آهن، پر اهو ٻيهر به حملو ڪري سگهي ٿو. دشمن کان خبردار رهن ڇو ته مردار خورن جي فطرت تبديل نٿي ٿي سگهي. نواز شريف کي قومي مفاهمت ڏانهن ضرور اچڻ کپي، پر اها مفاهمت غير ملڪي ايجنڊا جي تڪميل جي ذريعي نه ٿيڻ کپي. اهي ماڻهو جيڪي ڪالهه تائين وڪيلن جي تحريڪ جا مخالف هئا. ان تحريڪ جي جن حامين ميڊيا کي دهشتگرد چيو پئي. هاڻي اهي ماڻهو نواز شريف کي مشورا ڏئي رهيا آهن ته دهشتگردي خلاف جنگ کي پاڪستان جي قومي ايجنڊا بڻايو. هٽلر جا پيروڪار اهي لبرل فاشٽ اسان کي ڀارت سان مفاهمت لاءِ درس ڏين ٿا پر جڏهن اسان سوات ۽ باجوڙ ۾ مفاهمت جي ڳالهه ڪريون ٿا ته اهي توائي ٿيو وڃن ٿا. اسان کي ياد رکڻ گهرجي ته پاڪستان ۾ دهشتگردي يا انتها پسندي، جنرل مشرف جي پاليسين جي رد عمل ۾ پيدا ٿي آهي. مشرف جي پاليسي پاڪستان جي تباهي جي پاليسي آهي. ان ڪري چالاڪي ۽ عياري ذريعي ان پاليسي کي نواز شريف لاءِ قابل قبول بنائڻ لاءِ ڪوششون ڪيون وڃن پيون. نواز شريف ان پاليسي کان پري رهي ۽ في الحال مثياق جهموريت تي عمل ڪرائڻ جون ڪوششون ڪري. 16 مارچ پهرين منزل مراد آهي، مثياق جهموريت تي عمل در آمد اسان جي مرادن جي ٻي منزل آهي. دهشتگردي جي مسئلي جو تعلق ادارن جي ڪمزوري سان آهي. ادارن جي ڪمزوري مثياق جهموريت تي عمل در آمد سان ختم ٿيندي. اها منزل اسان کي افهام تفهيم سان ملي ته ڏاڍو ڀلو ٿيندو ۽ جي ائين نه ٿيو ته پوءِ قوم هڪ ٻي لانگ مارچ لاءِ تيار رهي. مردار خور گهڻي چالاڪي ۽ مڪاري نه ڏيکارين.(روزاني جنگ 19 مارچ 2009ع جي ٿورن سان)