نوران سسٽرز

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
نوران سسٽرز Nooran Sisters
تعلق جالنڌر، انڊيا
صنف شام چوراشيا گهرانا
سرگرم سال 2010 (2010)–کان هينئر تائين
ويبسائيٽ nooransisters.in
رُڪن *جيوتي نوران
  • سلطانا نوران

نوران سسٽرز (انگريزي ٻولي: Nooran Sisters, انگريزي ٻولي: نوران ڀينرُ) جيوتي نوران ۽ سلطانا نوران-ٻہ ڀينر جيڪي جالنڌر، انڊيا کان صوفي راڳ ڳائڻيون آھن. ھي شام چاروشيا گھراڻو ڪلاسيڪل راڳ پيش ڪنديون آھن. ھنن ٻنھي ڀينرن شروعاتي ننڍپڻ کان ئي پنھنجي پيءُ، استاد گلشن مير کان راڳ جي سکيا ورتي، جيڪو بي بي نوران جو پُوٽو ۽ سوارن نوران جو پُٽ ۽ 1970 جي ڏاھاڪي جو صوفي راڳي ھيو. مير جي چوڻ مطابق، ھي خاندان ڏُکين حالتن ۾ ھيو، مير انھن جي سھائتا ڪرڻ لاءِ کين راڳ جي سکيا ڏني.[1] جڏھن سلطانا نوران ست سال جي ڄمار ۾ ھئي ۽ جيوتي نوران پنج سال ڄمار ۾ ھئي، تہ ٻئي ڀينر گھر ۾ راندروند ڪندي پنھنجي ڏاڏيءَ جي واتان ٻُڌل بُلھي شاھ جو ڪلام”ڪُئولي وچو ني يار لڀ لي“ ڳائي رھيون ھيون، تڏھن مير سندن صلاحيتن جي پروڙ لَڌي، مير انھن کان پڇيو تہ ڇا اوھين اھو ڪلام راڳ جي اوزارن (انسٽريوميئنٽس) تي ڳائيئنديون.انھن بنا ڌڙڪ گھٻرائڻ جي سُرساز سان پنھنجي آواز جو ميلاپ نہ ڇڏيو ۽ پيشيرواڻي طور طبلو ۽ ھارمونيئم تي گيت ڳاتائون. ڪينيڊا جي ھڪ راڳ کي پروموٽ ڪندڙ ھمراھ اقبال محل 2010 ۾ انھن ڀينرن کي ڳولھي لڌو ۽ انھن جي ڪاميابي ماڻڻ ۾ ھڪ وڏو ڪردار نڀايائين. 2013 ۾ ھنن نيڪودر ۾ بابا مراد شاھ درڳاھ تي پھريون ڀيرو راڳ ڳائيو ۽ انھيءَ رات کان ئي ٻئي ڄڻيون ماڻھن ۾ گھڻو مشھور ٿي ويون. سندُن گانو ”الاھو“ يوٽيوب تي ھِٽ ٿيو.تنھنکانپوءِ ”ميئي يـار دا ديوانا“ ۽ ”پٺاکا گُڏي“ گانن ٻنھي ڀينرن جي جوڙيءَ کي وڌيڪ مقبوليت ۾ وَڌارو ڪرڻ ۾ اھم ڪردار نڀايو. بالي ووڊ فلمن ۾ سندَن ڪيترائي گانا شامل ٿيل آھن. ھي پنھنجي سڌوسنون (لائيو پرفارمنس) راڳ ڳائڻ واري ڪارڪردگي لاءِ مشھور آھن ڇاڪاڻ تہ ھي اسٽيج تي ھر شو ۾ سئو سيڪڙو کان بہ وڌيڪ پوري سگھ، ايتري سُٺي ڪارڪردگي ڏيکارينديون آھن.

ڪيريئر[سنواريو]

ھرپال تيوانا ۾ سينٽر آف پرفارمنس آرٽ (ايڇ ٽي سي پي اي) ۾، غزل جي استاد مرحوم جگجيت سنگھ جي 72ھين سالگرھ پارٽي ۾، ۽ اسپيلبائونڊ پٽيالا، پنجاب، ۾ ھنن ھندستان واسين پنھنجي ھنر (صلاحيتن) سان پرفارم ڪيو. ھنن ايم ٽي وي ٽيلنٽ ھنٽ سيريز ۾ انڊيا ايم ٽي وي سائونڊ ٽريپئين، ۾ پنھنجي گاني ”تونگ تونگ“۽ پوءِ، ايم ٽي وي اَنپِلگڊ ۽ ڪوڪ اسٽوڊيو تان مشھوري ماڻي. ڍاڪا انٽرنيشنل لوڪ ميلو 2016 ۽ 2017 ۾ ھنن پرفارم ڪيو.


باليووڊ[سنواريو]

ھنن کي بالي ووڊ ۾ پھريون بريڪ سال 2014۾ فلم ھاءِوي جي گاني پٽاکا گُڏي، سان ميوزڪ ڊائريڪٽر اي آر رحمان سان مليو ھيو، ھنن جن فلمن ۾ گيت ڳايا تن ۾ سلطان، مرزيا، دنگل، جب ھيري ميٽ سيجل ۽ ڀارت فلم شامل آھن.

ڊسڪوگرافي[سنواريو]

  • نوران سسٽرز پاران صوفي جادو (لائيو)
  • چنو
  • ميري ما بيسٽ آف درڳاماتا جگران ڀينٽس ۽ ڀڄن وريندرا سنگھ


فلموگرافي[سنواريو]

  • هاءِوي (2014)
  • سنگهه اِز بائلنگ (2015)
  • دم لاگا ڪي هئيشا (2015)
  • تنو ويڊس منو: ريٽرنز (2015)
  • پائيم پلي (2015 فلم) (2015)
  • سلطان (2016)
  • مرزيا (2016)
  • چار صاحبزادي: رائز آف بندا سنگھ بهادر (2016)
  • دنگل (2016)
  • جب هيري ميٽ سيجل (2017)
  • ڪاريب ڪاريب سنگيل (2017)
  • بوگن فلم (2017)
  • ٽائيگر زندهہ هي (2017)
  • صاحب، بيوي اور گينگسٽر 3 (2018)
  • منمرزيان (2018)
  • زيرو (2018)
  • ڀارت (فلم) (2019 فلم)

ايوارڊ ۽ نامزدگيون[سنواريو]

  • گيما ایوارڊز[2] 2015
  • اسڪرين ايوارڊز[3]
سال زمرو نامزدڪيل گانو البم نتيجو Ref(s)
مرچي ميوزڪ ايوارڊ
2014 فيميل ووڪلسٽ آف دي ايئر "پٽاکا گُڏي" هاءِ وي کٽيو [4]
اَپ ڪمنگ فيميل ووڪلسٽ آف دي ايئر
2015 سال جو انڊي پاپ گانو "تيريان تو جاني" ڪوڪ اسٽوڊيو @ ايم ٽي وي - S04E01 نامزد [5]
2017 "ڪملي" - [6]
مرچي ميوزڪ ايوارڊز پنجابي
2015 في ميل ووڪلسٽ آف دي ايئر "جندي ميرئيي" قصا پنجاب کٽيو [7]

حوالا[سنواريو]

  1. "Highway to Fame". India Express. 29 January 2014. http://indianexpress.com/article/cities/mumbai/highway-to-fame/. Retrieved 25 September 2017. 
  2. "GIMA » Winners for 2015". حاصل ڪيل 25 September 2017. 
  3. "And the AWARD goes to…". Indian Express (Mumbai). 30 January 2015. http://indianexpress.com/article/entertainment/screen/and-the-award-goes-to-2/. Retrieved 25 September 2017. 
  4. "MMA Mirchi Music Awards". MMAMirchiMusicAwards. حاصل ڪيل 2018-03-26. 
  5. "MMA Mirchi Music Awards". MMAMirchiMusicAwards. حاصل ڪيل 2018-03-25. 
  6. "MMA Mirchi Music Awards". MMAMirchiMusicAwards. حاصل ڪيل 2018-03-26. 
  7. "MMA Mirchi Music Awards". حاصل ڪيل 25 September 2017. 


ٻاهريان ڳنڍڻا[سنواريو]