نورالدين نانا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

خانبهادر نورالدين نانا لاڙڪاڻي شهر جي تعليمي آفيسرن ۾ خانبهادر نورالدين احمد ولد غلام علي نانا جو نالو وساري نه ٿو سگهجي. سندس ولادت 19 - جون 1880ع تي حيدرآباد ۾ ٿي. شروعات انگريزي ماستريءَ سان ڪيائين، جتان ترقي وٺي ڊپٽي ايڊوڪيشنل انسپيڪٽر ۽ آخر ۾ سال 1922ع کان ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد جو پرنسپال ٿيو، جتان 21 - مئي 1935ع تي رٽائر ڪيائين اُن کان پوءِ ڪراچيءَ ۾ پنهنجي ڀاءَ، رئيس غلام محمد شيدي سان گڏ وڪالت ڪرڻ لڳو. نورالدين نانا صاحب کي مطالعي جو وڏو شوق هو، خاص ڪري يورپ جي عظيم جرنل ”نيپولين بونا پارٽ“ (Napoleon Bonaparte) جي حياتي، فڪر ۽ ڪارنامن تي گهڻي کان گهڻا ڪتاب جمع ڪيائين. انهيءَ ريت نيپولين ۽ سندس خاندان متعلق ڪتابن جو هڪ مثالي ذخيرو گڏ ڪيائين. وٽس انگريزي، سنڌي، اُردو ۽ فارسي زبانن ۾ ست سؤ کان وڌيڪ ڪتاب موجود هئا، جن مان انگريزي ڪتابن جو تعداد تمام گهڻو هو. ڪتبخانو، لاڙڪاڻي مان کڻائڻ جو ارادو هوس، مگر پوين جي لاپرواهيءَ سببان اُڏوهيءَ جو کاڄ ٿي ويو. نانا صاحب نهايت نرم طبيعت، خوش خــُـلق، رعبدار چهري ۾ قداور شخص هو. پڇاڙيءَ تائين اُصولن تي اُٽل ۽ مضبوط اِرادي جو مالڪ هو. سندس وڏو، رئيس غلام علي اَپر سنڌ ۾ اعليٰ پايي جو وڪيل ٿي گذريو آهي. پاڻ پڇاڙيءَ جا ڏينهن ڪراچيءَ ۾ گذاريائين ۽ تاريخ 18 - نومبر 1970ع تي، اُتي ئي راهه رباني ورتائين. ملازمت دوران ديانتدار ۽ حڪومت جي پاليسين سان وفادار ٿي رهيو، جنهن ڪري انگريزن، سندس خدمتن عيوض کيس 1933ع ۾ ”خانبهادر“ جو لقب ڏنو. ٽريننگ ڪاليج ۾ ملازمت دوران ”اخبار تعليم“ ۽ ”مــُـلا مخزن“ جو ايڊيٽر به رهيو.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. لاڙڪاڻي ضلعي جا ڪتبخانا-- ميمڻ عبدالغفور سنڌي ؛ رسالو:مهراڻ؛ 1984جلد 33 ڇپيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ