مواد ڏانھن هلو

نواب ولي محمد خان لغاري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

نواب ولي محمد خان لغاري(انگريزي: Nawab Wali Muhammad Khan Lighari ) هيءُ نواب وڏن ميرن جي ڏينهن ۾ سندن وڏو وزير ۽ صلاحڪار هو ۽ ٽالپرن کان پوءِ ٻئي درجي جي عزت هوندي هيس. هو لغاري بلوچن جو سردار هو ۽ وڏيءَ هلنديءَ وارو هو ۽ ميرن کي سنڌ وٺڻ ۾ گهڻي مدد ڏنائين. انگريزن سان هو ميرن جي دوستي قائم ڪندو آيو. تمام وڏيءَ عمر ۾ هن سنه 1832ع ۾ وفات ڪئي. هن کان پوءِ مير صاحبن جا صلاحڪار مير اسماعيل شاهه ۽ مرزا خسرو بيگ رهيا.

ڳوٺ تاجپور ۾ نواب صاحب جو مقبرو

جيمس برنس لکي ٿو ته لغاري ٽالپري صاحبي ۾ ڏولين ۽ پالڪين ۾ گهمندا هئا. پهرئين چؤياري ۾ وزارت جو قلم سيد آغا اسماعيل شاھ ۽ نواب ولي محمد خان لغاري جي هٿن ۾ هو[1]. چانڊڪي شورش پسند پرڳڻي مٿان نواب ولي محمد خان لغاري نائب هو. کيس ڦاسي ڏيڻ جو اختيار هو[1]. شاعر ۽ حڪيم به هو. سندس چوڻ هو ته حڪمت جي ڏات کيس خوابن جي ذريعي حاصل ٿي. بلوچيت جي لحاظ ڪري چؤياري جا امير سيد اسماعيل شاهه جي مقابلي ۾ مٿس اعتبار ڪندا هئا. نواب صاحب جي اهائي منشا هئي ته انگريزن ۽ ٽالپرن ۾ دوستي قائم رهي[1].

نواب صاحب جو خاندان

[سنواريو]

هي نواب غلام محمد خان جو پٽ هو، جو ٽين پيڙهي منگهن جو پٽ هو، جو لغارين جو وڏو سردار هو. نواب ولي محمد خان ۽ پوءِ سندس پٽ نواب احمد خان ميرن سان شامل رهيا[2]. جڏهن ميرن ميجر آؤٽرم تي ڪاهه ڪئي، تڏهن نواب احمد خان به ساڻن هو. انهيءَ جو اولاد اڃا هليو اچي ۽ تاجپور ۾ ٿو رهي[2]. نواب محمد خان ٺوڙهو به هنن لغاري نوابن جو مائٽ هو[2]. ٺوڙهن جو ڏاڏو ڄام جيند هو، جيئن لغارين جو منگهن هو. ڄام جيند جي ڏوهٽي منگهن جي گهر ۾ هئي[2]. نواب محمد خان جي چاچي خير محمد خان ۽ نواب ولي محمد خان جون مائون پاڻ ۾ ڀيڻون هيون. نواب محمد خان الهه بخش خان جو پٽ هو، جو خير محمد خان جو ڀاءُ هو[2]. نواب محمد خان کي پٽ ڪونه هو. خير محمد خان جو پٽ دوست علي خان هو، جو پڻ مياڻيءَ واريءَ جنگ ۾ ميرن سان گڏ وڙهيو[2]. نواب ولي محمد خان جي نياڻي دوست علي خان جي گهر ۾ هئي. انهن جو اولاد به لغاري نوابن سان گڏ تاجپور ۾ رهندو اچي ۽ ٻئي وڏا جاگيردار آهن. سندن احوال ۽ شجرو سنڌ جي تاريخ ۾ ڏنل آهي. ٺوڙهي جو ٽنڊو انهيءَ نواب محمد خان ٺوڙهي جو سڏبو آهي، جو حيدرآباد جي ويجهو ڦليليءَ تي آهي[2].

نواب صاحب جو پورٽريٽ

نواب صاحب جي پٽن مان احمد خان ۾ پيءُ جون خصلتون هيون[1]. نواب صاحب جو ٻيو پٽ محمد خان بوزدارن جو سردار هو. گوني ۽ لاڙڪاڻي تعقلن ۾ وٽس جاگيرون هيون. سندس ٽئين پٽ نواب الله داد خان کي لاڙڪاڻي ۽ ميهڙ ۾ جاگيرون هيون[1]. چوٿين پٽ نواب غلام حيدر کي لاڙڪاڻي ۾ جاگير هئي. پهرئين چؤياري ۾ جاتي پرڳڻي مٿان نائب هو[1]. نواب ولي محمد خان جو ڀائيٽو غلام شاهه بوزدار مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي پاران پارڪر جو مختيارڪار هو. عمرڪوٽ ۽ بدين ۾ کيس جاگيرون هيون. سندس پٽ نواب احمد خان جي نياڻي سان شادي ڪئي. ولي محمد خان جي ٻي ڀائٽي خان محمد خان کي ميرن مٽيارين، عمرڪوٽ ۽ لاڙڪاڻي ۾ جاگيرون ڏنيون[1]. ولي محمد خان جو وڏو ڀاءُ نواب علي محمد خان وڏو بهادر ٿي گذريو. مياڻي جي جنگ ۾ اختيار خان لغاري سان گڏ مير جان محمد خان ۽ خان محمد خان سان همرڪاب رهيو هو. مٽياري تعلقي ۾ تاجپور سندس جاگير هئي. مير غلام علي خان ۽ مير مراد علي خان جون وٽس لکيل سندون هيون[1]. عالياڻين کي ميرن جاگيرون عنايت ڪيون. ٻڍو خان عالياڻي پويون بزرگ هو، جنهن ڊسمبر سنه 1883ع ۾ وفات ڪئي. نواب علي محمد خان 1862ع ۾ وفات ڪري ويو. حسين خان براهماڻي کي ٽالپرن ميرپور بٺورو، گوني ۽ ٽنڊي محمد خان تعلقن ۾ جاگيرون عنايت ڪيون. اختيار خان عيساڻي کي ميرن وٽ وڏي عزت هئي. مير مراد علي جي وفات وقت روڄ راڙي ڪرڻ جي موقعي تي ٽالپري شهزادن کيس سونيون تراريون عطا ڪيون[1]. شهدادپور، هالن ۽ ميهڙ ۾ وٽس جاگيرون هيون. گل محمد خان ڪچائي گاج جي لغارين جو سردار هو[1]. مير فتح علي کيس ويهه هزار بيگها (لڳ ڀڳ 10 هزار ايڪڙ) زمين عطا ڪئي. ڇاڪاڻ جو جوهي تعلقي جون حدون ڪوهيار (جھالاوان) علائقي سان لاڳو هيون. سندس حفاظت جو ڪم گل محمد خان جي سپرد هو. باغبان تائين ناري جون زمينون سندس جاگير ۾ هيون. دوداڻي (مرراڻين) کان پوءِ لغارين ٽالپر دؤر ۾ نوابي جا رتبا حاصل ڪيا هئا[1].

نواب صاحب جي شاعري

[سنواريو]

ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ لکي ٿو تہ:”.....فقير نواب ولي محمد خان لغاري سنڌي کان سواءِ سرائڪي، اردو ۽ فارسي ۾ پڻ مثنويون، ڪلام ۽ غزل چيا. اهو ذوق کيس پنهنجن وڏن بزرگن کان ورثي ۾ مليو. ڪافين ۽ ڪلامن کان سواءِ مداحون ۽ مناقب به چيائين ، پر سندس مشهوري خصوصاَ سندس سنڌي ڪافين ۽ ڪلامن جي ذريعي ٿي. سندس اُنهن ڪافين ۽ ڪلامن جي زبان سليس آهي، مگر منجهن معنوي نڪات ڪافي سمايل آهن. مصري شاهه جهڙو نامور شاعر پڻ فقير نواب ولي محمد جي ڪلامن ۾ سمايل معنوي نڪات جو گاهي به گاهي داد ڏيندو هو. فقير صاحب راڳ مان پوريءَ طرح واقف هو ۽ ڪي ڪافيون اهڙين راڳنين ۾ سٽيائين جي هن وقت تمام ڪن ٿورن کي ياد آهن_ مثلاَ ڍوليو، مارئي، سسئي، ڀاڳ، معذوري، اوغان، بنس وغيره اُنهن انوکين راڳڻين مان آهن، جن ۾ فقير صاحب جا چيل ڪلام موجود آهن.....“[3]

حوالا

[سنواريو]
  1. 1.00 1.01 1.02 1.03 1.04 1.05 1.06 1.07 1.08 1.09 1.10 [1] ڪتاب جو نالو: سنڌ ۾ رهندڙ بلوچ قبيلا؛ مصنف: رحيمداد خان “مولائي شيدائي”؛ ايڊيشن:2012؛ ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  2. 2.0 2.1 2.2 2.3 2.4 2.5 2.6 [ قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو]
  3. {_ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ [”ڪلام فقير نواب ولي محمد خان لغاري“، مقدمو،ص 179]}