نموني بندي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سيمپلنگ: نموني طور : Sampling:

جڏهن ڪنهن تحقيق ۾ يا گهربل معلومات لاءِ وقت گهٽ هوندو آهي ۽ مواد گهڻو يا تحقيق جو دائرو وڏو هوندو آهي، تڏهن ٿوري وقت ۾ گهٽ خرچ سان جلدي ۾ نتيجو ڪڍڻ لاءِ پوري مواد مان ڪي نموني طور مثال ورتا ويندا آهن، جن کي پوري مواد لاءِ نمائندو تصور ڪيو ويندو آهي ۽ انهيءَ نموني طور ورتل مثالن مان ورتل مواد جو تجزبو ڪري ۽ نتيجو ڪڍيو ويندو آهي. انهيءَ لاءِ ضروري هوندو آهي، ته جيڪو نموني طور مواد ورتو وڃي اهو ايترو ننڍي انداز ۾ يا ٿورو نه هجي جو غلط نتيجو نڪري اچي پر ايترو مواد هجي، جنهن مان نتيجي ڪڍڻ ۾ مدد ملي سگهي. سمجهو ته ڪنهن ملڪ ۾ ماڻهن جي اقتصادي حالت کي ڏسڻو آهي پر جيئن ته پوري ملڪ جي ماڻهن جي اقتصادي حالتن معلوم ڪرڻ لاءِ وقت، محنت ۽ پئسي جي ضرورت هوندي آهي تنهن ڪري انهن ٽنهي ڳالهين کي نظر ۾ رکندي يا انهن ٽنهي جي ڪمي جي ڪري پوري ملڪ مان ڪن خاص شهرن يا ڳوٺن کي، جن کي ضروري سمجهيو ويندو آهي يا جن کي نمائندگي جي لاءِ ضروري سمجهيو ويندو آهي. تن کي تحقيق لاءِ چونڊيو ويندو آهي. انهيءَ لاءِ هڪ ڳالهه جو خيال رکڻ گهرجي ته تحقيق ڪندڙ کي اهڙي تحقيق ۾ پنهنجي پسند جا نمونا نه چونڊڻ گهرجن، پر اهڙا نمونا چونڊڻ گهرجن جيڪي پوري تحقيقي دائري جي نمائندگي ڪن. جيڪڏهن ائين نه ڪيائين ته ٿي سگهي ٿو ته نتيجو صحيح نه اچي سگهي.

رينڊم سيمپلنگ Random Sampling[سنواريو]

عام کنيل نمونن ۾ تحقيق ڪندڙ جو شخصي لڳاءُ نه هوندو آهي. هن ۾ تحقيق ڪندڙ کي جيڪي نمونا اڳيان هوندا آهن، انهن تي تحقيق ڪندو آهي. هن جو طريقو هيءُ هوندو آهي ته سمجهو ته ڪنهن ملڪ جي اقتصادي حالتن تي تحقيق ڪرڻي آهي، انهيءَ لاءِ سڀني شهرن ۽ ڳوٺن جي لسٽ تيار ڪئي ويندي آهي ۽ انهن مان ڪنهن مقرر نمبرن تي ايندڙ شهرن يا ڳوٺن کي چونڊيو ويندو آهي، جن تي تحقيق ڪئي ويندي آهي. سمجهو ته هر پنجن نمبرن کان پوءِ ايندڙ شهر کي چونڊڻو آهي. اهڙي طرح سڄي لسٽ مان پنجين پنجين نمبر تي ايندڙ شهرن يا ڳوٺن کي چونڊيو ويندو آهي[1].

حوالا[سنواريو]

  1. {ڪتاب: تحقيق جو فن؛ از: ڊاڪٽر غلام حسين ؛ پھريون ايڊيشن 1983، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book48/Book_page2.html.  Missing or empty |title= (مدد)}