نماز ڪسوف

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

نماز ڪسوف: اھڙي نماز جو نالو آهي جيڪا سج گرھڻ ڏسڻ سان پڙھي ويندي آهي. لفظ ڪسوف جي معني آهي سج گرھڻ[1]. اھا نماز سنت آھي جيڪا ڪل ٻہ رڪعتن جي ھوندي آھي. باجماعت پڙھڻ سنت آھي پر ان لاءِ اذان ۽ اقامت نہ ٿيندي آهي. ماڻھن کي گڏ ڪرڻ جا ٻيا طريقا استعمال ڪيا ويندا آهن[1]. ھن نماز ۾ سورة البقرہ يا سورة آل عمران جھڙيون ڊگھيون سورتون پڙھڻ ، وڏا رڪوع ۽ وڏا سجدا سنت آھي[1]. نماز بعد امام دعائن ۾ مشغول ٿي ويندو آهي. گرھڻ ختم ٿيڻ سان دعا بہ ختم ٿيندي آهي. جيڪڏهن گرھڻ ختم ٿيڻ کان اڳ ڪنھن ٻي نماز جو وقت ٿيندو آهي تہ دعا کي ڇڏي اھا نماز شروع ڪبي آهي[1].

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 - ڪتاب: آسان فقه، از: مولانا محمد يوسف اصلاحي، مترجم: محمد عاشق ڌامراھا، مھراڻ اڪيڊمي شڪارپور، جنوري 2002 - صہ 200,201