نماز تسبيح

نماز تسبيح يا تسبيح نماز کي نماز تسبيح ان ڪري چوندا آهن تہ ان جي ھر رڪعت ۾ پنجھتر ڀيرا ھي تسبيح پڙھي ويندي آهي[1]:
سبحان الله والحمدالله ولا اله الا الله والله اكبر
پاڪ ۽ برتر آھي الله ۽ سمورا حمد ۽ تعريفون ان لاء ئي آھن، ان کانسواءِ ڪوبه عبادت جي لائق ڪونھي ۽ الله سڀ کان وڏو آهي
نماز تسبيح پڙهڻ مستحب آهي ۽ حديثن ۾ ان جو وڏو ثواب ۽ اجر ٻڌايو ويو آهي.[1] نبي ﷺ جن ان جون چار رڪعتون پڙهيون آهن.[1] چارئي رڪعتون ھڪ ئي سلام سان پڙھڻ بھتر سمجهيو وڃي ٿو پر ٻہ ٻہ رڪعتون پڻ پڙھي سگھجن ٿيون.[1] ھن نماز جو طريقو ايئن آھي تہ چار رڪعتن جي نيت ڪري ھٿ ٻڌي ثنا کان بعد 15 ڀيرا تسبيح پڙھي، پوء تعوذ ۽ تسميہ، سورة فاتحہ ۽ قرآن جي ٻيون آيتون پڙهي پڙھي 10 دفعا مٿين تسبيح پڙھي، پوء رڪوع ۾ رڪوع جي تسبيح کان پوء 10 ڀيرا مٿين تسبيح پڙھي، وري رڪوع کان اٿي تسبيح ۽ تمحيد کان پوءِ قومي ۾ 10 ڀيرا مٿئين تسبيح پڙھي، پوء سجدي ۾ سجدي واري تسبيح بعد مٿئين تسبيح 10 دفعا پڙھي، پوء جلسي ۾ مٿئين تسبيح 10 دفعا پڙھي ٻيھر سجدي ۾ سجدي واري تسبيح کان بعد مٿئين تسبيح 10 دفعا پڙھي ھڪ رڪعت مڪمل ڪبي آهي.[1] اھڙي طرح چئن رڪعتن ۾ 300 دفعا مٿئين تسبيح پڙھي ويندي آهي.