نماز تسبيح

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

نماز تسبيح يا تسبيح نماز: کي نماز تسبيح ان ڪري چوندا آهن ته ان جي ھر رڪعت ۾ پنجھتر ڀيرا ھي تسبيح پڙھي ويندي آهي[1]:

سبحان الله والحمدالله ولا اله الا الله والله اكبر
پاڪ ۽ برتر آھي الله ۽ سمورا حمد ۽ تعريفون ان لاء ئي آھن، ان کانسواءِ ڪوبه عبادت جي لائق ڪونھي ۽ الله سڀ کان وڏو آهي

نماز تسبيح پڙهڻ مستحب آهي ۽ حديثن ۾ ان جو وڏو ثواب ۽ اجر ٻڌايو ويو آهي[1]. نبي ﷺ جن ان جون چار رڪعتون پڙهيون آهن[1]. چارئي رڪعتون ھڪ ئي سلام سان پڙھڻ بھتر سمجھيو وڃي ٿو پر ٻہ ٻہ رڪعتون پڻ پڙھي سگھجن ٿيون[1]. ھن نماز جو طريقو ايئن آھي تہ چار رڪعتن جي نيت ڪري ھٿ ٻڌي ثنا کان بعد 15 ڀيرا تسبيح پڙھي، پوء تعوذ ۽ تسميه ، سورة فاتحه ۽ قرآن جي ٻيون آيتون پڙهي پڙھي 10 دفعا مٿين تسبيح پڙھي ، پوء رڪوع ۾ رڪوع جي تسبيح کان پوء 10 ڀيرا مٿين تسبيح پڙھي، وري رڪوع کان اٿي تسبيح ۽ تمحيد کان پوءِ قومي ۾ 10 ڀيرا مٿئين تسبيح پڙھي، پوء سجدي ۾ سجدي واري تسبيح بعد مٿئين تسبيح 10 دفعا پڙھي، پوء جلسي ۾ مٿئين تسبيح 10 دفعا پڙھي ٻيھر سجدي ۾ سجدي واري تسبيح کان بعد مٿئين تسبيح 10 دفعا پڙھي ھڪ رڪعت مڪمل ڪبي آهي[1]. اھڙي طرح چئن رڪعتن ۾ 300 دفعا مٿئين تسبيح پڙھي ويندي آهي.

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 - ڪتاب: آسان فقه، از: مولانا محمد يوسف اصلاحي، مترجم: محمد عاشق ڌامراھا، مھراڻ اڪيڊمي شڪارپور، جنوري 2002 - صہ 197