نفسيات جي ماهر جو پنهنجي ٻارن ڏانهن خط

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

هانگ ڪانگ جي هڪ مشهور ٽيليويزن براڊڪاسٽر پنهنجي ٻارن کي هيٺ ڏنل خط لکيو. اهو براڊ ڪاسٽر پاڻ به ٻارن جي نفسيات جو ماهر آهي. هي خط سڄي دنيا ۾ ڏاڍو مشهور ٿيو.

”پيارا پٽ/ڌيءَ! ٽي سبب آهن جيڪي مون کي هي خط لکڻ تي مجبور ڪري رهيا آهن.

(1) زندگيءَ ۾ سٺي يا خراب قسمت ۽ حادثن جو اوچتو ٿيڻ هڪ فطري عمل آهي. ڪنهن کي به اها ڄاڻ نه آهي ته هو ڪيترو عرصو جيئرو رهندو، تنهن ڪري اهو مناسب آهي ته مان توهان کي پهرين ئي ڪجهه ڳالهيون چئي ڇڏيان.

(2) مان توهان جو والد آهيان. جيڪڏهن مان توهان کي ڪجهه نه ٻڌائي سگهيس ته پوءِ ڪو به ٻيو ماڻهو توهان کي اهو سڀ ڪڏهن به ڪونه ٻڌائيندو.

(3) مان جيڪي ڪجهه لکي رهيو آهيان، اهو منهنجن تجربن جو حاصل آهي ۽ انهن تي عمل ڪرڻ سان مٿان اوهان اڻڳڻ غير ضروري پريشانين کان بچي ويندئو.

هيٺيون شيون ياد رکجو.

۱-جن ماڻهن جو سلوڪ توهان سان سٺو نه هجي، تن بابت شڪايت نه ڪندا ڪيو. مون کان ۽ توهان جي ماءُ کان سواءِ ڪو به ماڻهو توهان سان سٺي سلوڪ هلڻ لاءِ ٻڌل ناهي. جيڪي ماڻهو اوهان سان سٺو سلوڪ ڪن، انهن جو قدر ڪجو ۽ انهن جا شڪر گذار رهجو. ها اوهان کي ان ڳالهه کان ضرور خبردار رهڻ گهرجي ته هر ماڻهو جي سٺي رَوئِيي پويان ڪو نه ڪو مقصد ضرور هوندو آهي. جيڪڏهن ڪير اوهان سان سٺو سلوڪ ڪري ٿو ته ان جو اهو مطلب بلڪل به ناهي ته هو ڪو اوهان کي پسند ڪري ٿو. توهان کي احتياط ڪرڻ گهرجي ۽ تڪڙ ۾ کيس حقيقي دوست نه سمجهڻ گهرجي.

۲-دنيا ۾ ڪو به ماڻهو اڻٽر ناهي. لازم ناهي ته دنيا جي هر شيءِ اوهان جي ملڪيت هجي. جي اها ڳالهه اوهان جي ذهن ۾ پڪي پختي ٿي وئي ته اوهان لاءِ زندگي گذارڻ بنهه سولو ٿي ويندو. خاص طور تي اهڙين حالتن ۾، جڏهن توهان جي چوڌاري موجود ماڻهو، توهان کي وڌيڪ برداشت ڪرڻ نه گهرندا يا توهان جي محبوب شيءِ اوهان وٽ موجود نه رهَي.

۳-زندگي ڏاڍي مختصر آهي. جيڪڏهن اڄ اوهان پنهنجي زندگيءَ جون گهڙيون وڃائي رهيا آهيو ته ايندڙ سڀاڻي اوهان کي اهو ٻڌائيندي هوندي ته زندگي توهان کي ڇڏي وڃي رهي آهي. جيترو جلدي اوهان پنهنجي زندگيءَ ۾ مليل خزانن مان فائدو حاصل ڪري سگهندئو، اوترو ئي گهڻو اوهان زندگي جو مزو ماڻي سگهندئو.

۴-زندگي عارضي احساسن جو نالو آهي ۽ وقت، ڄمار ۽ موڊ ساڻ اهي احساس ڌنڌلا ٿيندا ويندا آهن. جيڪڏهن ڪا محبوب شيءِ اوهان کي ڇڏي ڏئي ٿي ته صبر نه وڃايو، وقت سان زخم ۽ ڏک ڀرجي ويندا. ڪڏهن به محبت ۽ حسن بابت وڌائي نه ڳالهايو ساڳئي نموني محبت جي وڃڻ کان پوءِ ڏک ۾ به وڌاءُ سان ڳالهه ٻولهه نه ڪيو.

۵-دنيا ۾ تمام گهڻا ڪامياب ماڻهو، سٺي تعليم حاصل نه ڪري سگهيا، ان جو مطلب اهو هرگز ناهي ته توهان پڙهائيءَ ۾ محنت کان ڪم نه وٺو. توهان جيڪو به علم حاصل ڪندا آهيو، اهو اوهان جو هٿيار بڻجي ويندو آهي. ڪو به ماڻهو ڪاميابيءَ تائين پهچي سگهي ٿو پر شرط اهو آهي ته هو شروعات ته ڪري. پوءِ ڀلي اها شروعات هڪ ننڍڙي شيءِ کان ڇو نه هجي.

۶-مان ان اميد تي نه پيو جيئان ته جڏهن مان پوڙهو ٿي ويندس ته توهان منهنجو مالي سهارو بڻجندؤ پر اصل ڳالهه اها آهي ته جڏهن توهان وڏا ٿي ويندؤ ته پوءِ توهان کي سهاري ڏيڻ جي منهنجي ذميداري ختم ٿي ويندي. تنهن کان پوءِ اوهان کي ئي اهو فيصلو ڪرڻو آهي ته توهان پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ سفر ڪندئو يا ليموزن جهڙي قيمتي ڪار ۾. امير بڻجندؤ يا غريب.

۷-پنهنجي قول جي پاسداري ڪجو پر ٻين مان اها اميد ڪڏهن به نه رکجو ته هُو به ائين ئي ڪندا. توهان ماڻهن سان سٺو سلوڪ ڪيو پر ٻين مان اهڙي ڪا به اميد نه رکو. جيڪڏهن توهان اها ڳالهه نه پيا سمجهو ته توهان کي عملي ميدان ۾ غير ضروري مشڪلون آڏو اچي سگهن ٿيون.

۸-مون هر ورهيه الائي ڪيتريون لاٽريُون خريد ڪيون پر ڪڏهن به ڪنهن لاٽريءَ ۾ منهنجو ڪو هڪڙو به انعام نه نڪتو. ان ڳالهه مان اوهان اهو اندازو لڳائي سگهو ٿا ته دولتمند بڻجڻ لاءِ توهان کي سخت محنت ڪرڻي پوندي. مفت ۾ ماني ناهي ملندي.

۹-منهنجو ۽ اوهان جو ساٿ هن دنيا ۾ الائي ڪيترو هوندو!؟ ....اچو، جيڪو وقت اسان کي مليو آهي، ان مليل وقت جي خزاني مان مزو ماڻيون. ———توهان جو والد.“[1]

حوالا[سنواريو]

  1. هاڱ ڪاڱ جي ٽيليويزن براڊڪاسٽر جو پنهنجي ٻارن ڏانهن خط . اهو براڊ ڪاسٽر پاڻ به ٻارن جي نفسيات جو ماهر آهي