مواد ڏانھن هلو

نفسياتي تنقيد

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

نفسياتي تنقيد __(Psychological Criticism):

نفسياتي تنقيد جو اهم قسم ۽ طريقو آهي، جنهن ۾ ليکڪ جي لکڻين مان خود ليکڪ جو نفسياتي جائزو ورتو وڃي يا ائين چئجي ته ليکڪ جي نفسياتي صورتحال کي ڌيان ۾ رکي سندس شهپاري جو مطالعو ڪيو وڃي. نفسياتي تنقيد جو وجود اوڻويهين صدي عيسويءَ ۾ پيو، جڏهن ناليواري نفسيات دان سگمنڊ فرائيڊ، نفسيات جي علم کي فلسفي کان ڌار ڪري هڪ جدا علم جي حيثيت ۾ متعارف ڪرايو. نفسياتي تنقيد ۽ ٻين قسمن جي تنقيدن ۾ فرق اهو آهي ته ٻين تنقيدن ڪن فڪري لاڙن ۽ تحريڪن مان جنم ورتو آهي. جڏهن ته نفسياتي تنقيد علم نفسيات جي هڪ ضمني شاخ آهي. جديد نفسيات ۾ شخصي تصورن جو رجحان ۽ ادب ۽ ٻين تخليقي فنن جو تجزيو ڪرڻ نفسيات جي اڀياس ۾ شامل آهي تنهنڪري نفسياتي تنقيد ٻين تنقيدن جي ڀيٽ ۾ ادب ۽ فن جي وڌيڪ ويجهو آهي. ادب لاشعور جي پيداوار هوندو آهي تنهنڪري ادب تي صحيح معنيٰ ۾ تنقيد توڙي تحقيق به نفسياتي اصولن تحت لاشعوري محرڪن جي ڳولا ذريعي ئي ڪري سگهجي ٿي. ٻي صورت ۾ ڪيل تنقيد ۽ تحقيق محض سطحي محسوس ٿيندي.نفسياتي مطالعي جا به ڪيترائي پهلو ٿين ٿا، جيئن ليکڪ جو نفسياتي مطالعو. سندس تخليقي عمل جو مطالعو ، تصنيف جي ڪردارن يا موضوعن جو مطالعو ، تصنيف جو پڙهندڙ تي اثر ۽ ان جو مطالعو وغيره. نفسياتي تنقيد اڪثر ڊرامي جي فن سان لاڳو ٿئي ٿي، جنهن ۾ وري خاص طور تي ڪردار ۽ ڪردار نگاريءَ تي گهڻو زور ڏنو وڃي ٿو ۽ انهيءَ ذريعي ليکڪ جي شخصيت جو نفسياتي مطالعو ڪيو ويندو آهي.[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي