مواد ڏانھن هلو

نغارو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
نغارو


نغارو، نقارو، سنڌ ۾ نقاره کي عموماً نغارا چوندا آهن. ماتمي علم لهڻ کان نغارا وڄائڻ شروع ڪندا آهن، نقارا گهڻو ڪري معمولي حالتن ۾ صبح جو سويل ، منجهند جو ۽ رات جو دير سان وڄائيندا آهن، پڙ جي اچڻ مهل ”ياحسين“ ۽ پڙ جي ترسڻ محل ”ڊڍ“ ۽ پڙ جي هلڻ مهل ”ٽاهو“ وڄائيندا آهن. نقارن وڄائڻ جو رواج ملتان کان آيو، پر هاڻي ته هتي ملتان کان به وڌيڪ رواج آهي، گهڻُو ڪري هر پڙ تي ٽي-چار جوڙيون نقارن جون ضرور هونديون آهن ۽ وڄائڻ وارا به استاد ڪاريگر ٿي گذريا آهن، جن ۾ امام علي شيدي کي امام علي شاه جي پڙ تي پاڻ نغارا وڄائيندي ڏٺو. انهيءَ ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته نقارن وڄائڻ ۾ امام علي شيدي جو ٻيو ڪوبه ثاني ڪونه هو.

نقارن ۾ ڪل ڇهه تال وڄائيندا آهن، جن مان پهرين ”ياحسين“ وڄائيندا آهن. ”ياحسين جي تال ۾ ڇهه ماترائون ٿيندو آهين، جن جا ٻول هي آهن: ڌا-ڌنا-ڌا- ڪتا. ياحسين کان پوءِ شاه پنجن تنن وڄائيندا آهن. هن تال ۾ به ڇهه ماترائون ٿينديون آهن جن جا ٻول آهن؛ ڌا-ڌنا-تنا- ڪٽ، ان کان پوءِ ”حسن حسن“ وڄائيندا آهن، جنهن تال جون ٻه ماترائون هوندو آهن جن جا ٻول آهن: ڌن-تا، ان کان پوءِ ”ٽاهو“ وڄائيندا آهن، ٽاهوءِ ۾ پنج ماترائون ٿينديون آهن جا ٻول آهن: ڌنا-ڌا- تان-تان، ٽاهو پڙ جي رخصت ٿيڻ مهل وڄائيندا آهن ۽ آخر ۾ لولي وڄائيندا آهن جنهن جون يارنهن ماترائون ٿينديون آهن. لوليءَ جا ٻول آهن: ڌا-ڌا-ڌي-ڌانا-تڪ-تات-نا-ڌي.

نقاري وڄائڻ وارا پوءِ نغارا وڄائيندي هر تال تي چوٽون ۽ مختلف ٽڪا (ٺيڪا) رکندا آهن. ڏهي جي سڄي ڏينهن پڙهن تي نغارن تي رڱي ”ڊڍ“ وڄائيندا آهن، ۽ پڙ هلندي هلاري ” يا حسين“ يا ”ڊڍ“ وڄائيندا هلندا آهن. ٻهراڙين ۾ ڏهي جي ڏينهن جيڪا ٻانهن تي پِٽ ڪندا آهن انهي تي به ”ڊڍ“ وڄندي آهي ۽ زالون جيڪي پڙ چونديون آهن اُتي به ”ڊڍ“ وڄائينديون آهن.[1] [2]

حوالا

[سنواريو]
  1. ڪتاب:سنڌ جي مدنيت؛ از:سيد منظور نقوي؛ ٻيون ايڊيشن 1978، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو
  2. http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book22/Book_page16.html.  Missing or empty |title= (مدد)