نظر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
سائي رنگ ۾ ڊارسل اسٽريم، واڱڻائي رنگ ۾ وينٽرل اسٽريم ڏيکاريل انساني دماغ جو حصو: سيريبرل ڪورٽيڪس نظر جي عمل ۾ شامل ھوندو آھي


نظر ( بائيولاجي): ويژن:( vision): عڪس ٺھڻ وارو عمل: جڏھن روشنيءَ جا ڪرڻا اکين تائين پھچن ٿا تہ انھن جو فوڪس focus گھڻي ڀاڱي ڪورنيا Cornea جي ذريعي ئي ٿي ويندو آهي، تنھن ھوندي بہ وار جھڙين سنھڙين مشڪن muscles جي ذريعي لينس جي گولائي curvature کي بدلائي ڪرڻن يا شعائن کي صحيح فوڪس تي آندو ويندو آهي. اھڙي طرح ڪورنيا ۽ لينس ٻنهي جي گڏيل مشترڪ عمل جي ڪري تنتي پردي يعني ريٽينا retina تي عڪس ٺھي پوندو آهي. ريٽينا retina وارا حساس نيوران (sensory neurons) , سيون ۽ لٺيون rods ۽ مخروط cones ٻئي عڪس کي تنتي ڍڙڪڻ ۾ بدلائي ڇڏيندا آهن ۽ اھي نظر واري تنت جي ذريعي دماغ تائين پھچايا ويندا آهن. اھڙي طرح نظر ڪم ڪندي آھي ۽ ماڻھو ڏسندا آهن.

اک کي وچ تي لڪير ھوندي آھي ۽ جيڪا شئي ان لڪير منجھان اک تائين پھچندي آھي اھا چٽي طرح ڏسڻ ۾ ايندي آهي